رياض ابڙو

پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي لسٽ ۾ آخر ڪيستائين رکيو ويندو؟

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

اسلامي ملڪن جي لاءِ مغرب ۽ آمريڪا طرفان هميشه هڪ نه کٽندڙ عذاب رهندو آيو آ ته جيڪو به ڪم يا حڪم اهي ملڪ صادر ڪن انهن ۾ ”ڊو مور“ جو عنصر شامل هجي ٿو. پهرين جونيئر جارج ڊبليو بش، باراڪ اوباما ۽ وري هاڻي جو بائيڊن پر رڳو ڊونلڊ ٽرمپ اهڙو صدر هيو جنهن ڊو مور نه ڪرايو ڀلي ڪيترو به اسلام يا مسلمان دشمن ڇو نه هيو. ايئن ئي جيڪي به مغربي ملڪ آهن جن ۾ مسلمان ڏينهن رات قتل ٿيندا رهن ٿا جيئن نوزيلينڊ ۾ آسٽريليا ڄائو، برينٽ ٽارنٽ آگسٽ 2020 ۾ 51 مسلمانن کي اڦٽ ماري ڇڏيو يا آمريڪا جي رياستن ۾ ڀلي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ مسلمان قتل ٿين يا وري ڪئناڊا ۾ مسلمانن سان ذيادتون ٿين ته به اهي دهشتگرد ناهن، يا جي مغربي دنيا وٽ ايٽمي هٿيار آهن ته مسلمان خطري ۾ ناهن يا آمريڪا جاپان تي 1945 ۾ بم اڇلائي ته به اهو عالمي دهشتگرد ناهي پر رڳو ايشيائي ملڪن ۾ يا خاص پاڪستان يا ايران ۾ ايٽمي طاقت هوندي ته دنيا خطري ۾ آ. اها يورپ ۽ آمريڪي گورن جي وڏي ٻه چاپڙائپ آ. پوءِ اهڙي بهاني اهي اهڙيون ته حرفتون هلندا ٿا رهن جنهن ۾ مسلمان ملڪن جو ساھ ئي سُڪي ٿو وڃي، هڪ ته انهن ٽين دنيا جي ماڻهن کي ترقي جا راز سمجهندي سمجهندي صديون لڳي وينديون، پر اتي يورپي ۽ آمريڪي ملڪ سکيا ستابا لڳا پيا آهن، پر اسان وٽ حشر اهو آ ته حڪمران رڳو ڊالر ٿا ڏسن ته انهن جو ايمان وڪامجي ٿو ٿاٻڙجي ڪري ٿو پئي، پوءِ اهڙي ٻه چاپڙائپ ۽ جهانداد واري فيصلن کي مسلمان ملڪ ڇا ڪري سگهندا؟

وري حشر اهو به آهي ته 2018 ۾ (يا ان کان وٺي) گلوبل واچ ڊاگ پاڪستان سميت ٻين اسلامي ملڪن کي اهڙن زبردست نشاني ۽ نگهبانيءَ ۾ رکيو ۽ رکندو آيو آ جن ۾ پهرين 22 اسلامي ملڪ هيا ۽ هاڻي ترڪي، مالي ۽ اردن شامل ڪيا ويا آهن ان کان اڳ اهڙي ٽيررسٽ فائنانسنگ جي لسٽ ۾ جيڪي به اسلامي شامل هيا يا ڪيا ويا هيا انهن مان غير مسلم ملڪن خاص آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي وڏو خطرو لاحق هيو، ۽ ان اهڙي عمل جي نگهباني وري فرانس جي ”فائنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس“ جي ٽيم ڪندي آئي جيڪا انهن ملڪن جي ماڻهن تي ڪرڙي اک رکندي آئي. انهن ملڪن جي اندر پئيسن جي اچ وڃ جي وٽن خبرچار رهندي آئي، دهشتگردن جي پناھ گاهن کي اک ۾ رکندا آيا. انهن جي ڏيتي ليتي انهن جي نڪ هيٺان ٿيندي آئي، انهن سان لهھ وچڙ ڪندڙ تنظيمن، ماڻهن، ملڪن (خاص اسلامي ملڪ) ادارا ۽ ايجنسيون فرانس جي اهڙي جوڙيل ٽيم جي نظر ۾ رهنديون آيون ته جڏهن به انهن ملڪن جون بئينڪون، ادارا، ماڻهو ۽ مذهبي تنظيمون پئيسن جي اهڙي ڪا ڏي وٺ ڪندا، تڏهن اهي فرانس جون ايڪٽو ايجنسيون انهن تي نظر رکنديون ۽ انهن جي مٿان وري ڏنڊ ڏوھ به هڻنديون ته جيئن اهي دنيا جي ملڪن جي آڏو ڪنڌ نه کڻي سگهن، نه ڪا واپاري ڏي وٺ ڪري سگهن، نه ڪو ڪاروبار ڪري سگهن، نه ڪا ترقي يا سگهارو ڪم ڪري سگهن ۽ سدائين اهڙي ڏچي ۾ رهندا اچن ته جيئن انهن جو جيئڻ جنجال ڪري سگهجي، انهن ملڪن جو ڏيوالو ڪڍي سگهجي، انهن جي زندگي آزار بڻائي ڇڏجي، ته جيئن اهي ملڪ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه سگهن.

حيرت وري اها به آهي ته سوئزرلينڊ، يورپ ۽ آمريڪا ۾ اهڙيون بئينڪون، ادارا ۽ ايجنسيون آهن جيڪي انهن ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپ ڪرڻ ڏين ٿيون، اهي انهن ماڻهن (مسلمانن) کي غلط نه ٿا چون، انهن يورپي ۽ آمريڪي ملڪن جون اهڙيون بئينڪون، ادارا ۽ ايجنسيون اهڙن غير ملڪين (مسلمان) کي وري آڇ ۽ آساني به ڏيندا رهن ٿا ته اهي ڀلي ڪارو ناڻو پنهنجن ملڪن مان لٽي ڦري کڻي اچن، ۽ انهن جي ملڪن ۾ اچي سيڙپ ڪن، جيئن سعودي جي شهزادن جون گھڻيون ملڪيون، مال، ڏوڪڙ، پئيسا ۽ ڌن دولت، بنگلا ۽ فليٽ آهي ئي آمريڪا ۽ يورپ ۾، پر انهن شهزادن جي مجال ناهي ته اهي آمريڪا ۽ يورپ کانسواءِ اهو پيسو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ کڻي وڃي خرچ ڪن يا کپائي يا سيڙائي سگهن، يا اهو به مثال وٺون ته جي نواز شريف سعودي کان علاوه برطانيا يا يورپ جي ٻين ملڪن ۾ بزنس ڪندو (ڪرڻ چاهيندو) ته اتان جي سرڪار انهن کي اهڙي وٿي، سهولت ۽ آساني پيدا ڪري ڏيندي ته جيئن انهن ملڪن ۾ اهڙي دولت اچي، انهن ملڪن ۾ ٻاهريان ماڻهو سيڙپ ڪن، اتي صنعتون، فيڪٽريون ۽ ڪاروبار ڌنڌا هلائن، اتان جي ماڻهن کي روزگار ۽ موقعا فراهم ڪن، ڇو ته ائين ڪرڻ سان اتان جي حڪومت خوش آ ۽ انهن کي تحفظ به فراهم ڪري ٿي.

پر جڏهن وري انهن تي اهڙن مغربي ملڪن جو بار وڌي يا ٿو پوي ته اهي وري وڪي ليڪس، پناماليڪس، براڊشيٽ ۽ پينڊورا پيپرز جي وڪڙن ۾ اهڙن ماڻهن (مسلمان) کي آڻڻ ۽ ڦاسائڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن ۽ اهي فورن اهڙن ٻاهرين آڊٽ فرمن، ادارن ۽ ايجنسين کي اهي راز به ڏئي ٿا وجهن ته انهن سڀني (پهرين 22 هاڻي 27) اسلامي ملڪن جا فلاڻن فلاڻن ماڻهن، بادشاھن، اميرن، وزيرن، مشيرن جو ڪارو ناڻو، ۽ انهن جون ايجينسيون، ڪمپنيون، فرم ۽ فيڪٽرين جو هيترو هيترو ڌن دولت اسان وٽ محفوظ آ پر اهي يورپي ۽ آمريڪي ملڪ وري موٽائي به نه ڏيندا يا ضبط به نه ڪندا ۽ اهو به ظاهر ڪندا ته انهن (اسلامي) ملڪن جي فلاڻن فلاڻن ماڻهن اسان وٽ هيترا بنگلا، فليٽ ۽ اسان جي بئيڪن ۾ هيترا هيترا پئيسا رکيا ۽ سيڙايا آهن پوءِ اهڙي ٻه چاپڙي ٻاهرين ملڪن جي حڪومتن، ادارن ۽ ايجنسين تي ڪهڙو ڀروسو ڪجي، ڇو ته اهي چور کي چون ٿا چوري ڪري اچ ۽ وري ڀاڳئي کي چون ٿا هوشيار ٿيجائن چور ٿا اچني، پر افسوس اهو به آهي ته اهڙي حرڪت ڀلا ڪجي به ڇو جو پاڻ به ڏچي ۾ حڪومت به آزار ۾.

حيرت اها به آهي ته افغانستان ۾ عام معافي آ، پر البانيا، موراڪو، شام، سوڊان، يمن، بوسنيا ۽ موريشس ۽ اهڙن 27 اسلامي ملڪن ۾ (اسلامي) دهشتگردن کي عام معافي ناهي، ڇو ته آمريڪا يا يورپ جو جيترو انٽريسٽ افعانستان ۾ آ اوترو انهن ملڪ ۾ ناهي، ڇو ته آمريڪا ۽ يورپ کي اهڙن غريب ملڪن جي اسلامي دهشتگردن مان وڏو خطرو آ جيڪي ملڪ، ماڻهو، ايجسنيون ۽ ادارا اهڙين ٽيرسٽ فائنانسنگ تنظيمن ۽ شخصن کي فائنانسنگ به ڪندا رهن ٿا جنهن جي ڪري سڄي يورپ ۽ آمريڪا کي خطرو آ، ڇو ته اهي غريب اسلامي ملڪ يا ته اسلامي دهشتگرد پيدا ڪندا رهن ٿا، يا اهي دهشتگردن جي پشت پناهي ڪندا ٿا رهن، يا انهن ملڪن ۾ دهشتگردي عروج تي آ، انهن ملڪن ۾ عام ماڻهوءَ جي زندگي عذاب آ، انهن ملڪن ۾ ڪو به ملڪي ۽ غير ملڪي باشندو سڪون سان نه ٿو رهي سگهي، انهن ملڪن جي اهڙي دهشتگردي، اسلامي شدت پسنديءَ جي ڪري سڄي دنيا کي خطرو آ، ان ڪري اهڙن ملڪن کي گري لسٽ ۾ رکي انهن جي بين القوامي امداد بند ڪيون وڃن، انهن ماڻهن کي اسلامي ۽ مذهبي هجڻ جي سزا ڏني وڃي.

پر اتي اسان جي ملڪ جي ٻه چاپراپ اها به آهي ته هنن آمريڪا کي خوش ڪرڻ جي لاءِ 1373 ڏوهين کي سزا به ڏئي وري جڏهن آمريڪا افغانستان ۾ عام معافي جو اعلان ڪيو ته هنن به عام معافي جو اعلان ڪيو پوءِ هاڻي جي پاڪستان سميت سڀ اسلامي ملڪ نشاني تي آهن ته پوءِ عام معافيءَ جو ڇا ٿيو؟ پاڪستان ته رڳو 34 مان رڳو 30 پوائنٽن تي عمل ڪيو آ يا وري مني لانڊرنگ ۽ ٽيرسٽ فائنانسنگ جي 27 پوانٽن مان 26 پوانٽن تي پورو لٿو آ معني يا اڃان پاڪستان تي اهو الزام باقي آهي ته هي فرانس جي اهڙي ٽيم جي سربراھ ”مارڪوس پليير“ کي شابس آ جو اهو پاڪستان کي بليڪ لسٽ نه ٿو چئي (يا نه ٿو ڪري) پر اهري گري لسٽ ۾ رهڻ جي ڪري پاڪستان جي معيشت تي جيڪي اثر پون ٿا انهن جو نتيجو ته غريب ماڻهن کي مهانگائي جي صورت ڀوڳڻو ٿو پئي جو ناڻي جي عزت وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن ڌوڙ ٿيندي، ڊالر وڃي ٿو آسمان تي چڙهندو، امپورٽس وڃن ٿيون ڏينهون ڏينهن چڙهنديون، ايڪسپورٽ وڃي ٿي ڪرندي.

وري حيرت اها به آهي ته افغانستان ۾ عام معافي آ جو اهي آمريڪا جي جنگ ٿا وڙهن، يا اهي اسلامي ڀائر هاڻي ته پنهنجن پاڪستاني طالبان ڀائرن کي به ڌمڪيون ٿا ڏين ته اهي انهن کي به جهنم رسيد ڪندا ۽ انهن سان گڏ بلوچ ڀائرن کي به، پوءِ رهيو رڳو پاڪستان جتي اهي ئي طالبان جي شگل جا ماڻهو آهن پر آمريڪي امدادن جي اڻهوند جي ڪري بک ٿا مرن، پر آمريڪا جي طالبان جي مدد ڪري ته اها ٽيررسٽ فائنانسنگ ناهي يا اهي افغاني طالبان ٽيررسٽ ناهن، پر آمريڪا جي اها وڏي ٻه چاپڙائپ آ ۽ انهن جي اتحادين (فرانس) وارن جي به، پر ڳالھ اها به آهي ته اهڙي ڊور مور پاليسيءَ مان اسلامي ملڪن جي جان ڇٽي به پر پاڪستان ڦاٿل رهندو، ڇو ته ايف اي ٽي ايف جي ڳالهين ۽ عملن ۾ امن امان، رشوت خوري، چوري ڌاڙا، عام ماڻهن جي لاءِ قانون جي فراهمي ۽ برابري، عورتن ۽ ٻارن سان ڏاڍائي، ريئل اسٽيٽ يا زمينن يا پلاٽن جا فراڊ يا غيرقانوني قبضا يا اهڙا اڻ ڳڻيا دنياوي ڏوھ ۽ ثواب جن جو حساب اڳتي ٿئي يا نه ٿئي پر اهڙو حساب ايف اي ٽي ايف جي ٽيم کي ڏيڻو پوندو، ۽ انهن ۾ سڀ کان اتم ۽ اعلي يا سرفهرست مني لانڊرنگ ۽ ٽيررسٽ فائنانسنگ به آهن جن مان جان ڇٽڻ ممڪن ناهي پوءِ ڀلي ڪيترو به ڊو مور ڪيون يا توبهھ تائب ڪيون، اسان ايف اي ٽي ايف ۾ رهنداسن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *