الهه بخش راٺوڙ
هي ڳالهه سمجهڻ ڪا راڪيٽ سائنس ناهي ته جنهن وقت آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان کي دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن جي فهرست ۾ شامل نه ڪيو هو،ان وقت به دنيا جي 20 خطرناڪ ترين ملڪن جي فهرست ۾ شامل هئاسين.هن ملڪ کي خطرناڪ ترين قرار ڏنو ويو آهي، ضروري ناهي ته انهن جن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو هجي،اهو ائين هجن به.ڇاڪاڻ ته دنيا جون وڏيون طاقتون پنهنجن ڏيهي ۽ پرڏيهي مفادن کي سامهون رکندي، لسٽون تيار ڪنديون آهن،پوءِ اهي جيڪي هڪٻئي جا اتحادي هوندا آهن، انهن کي هو”تون مون کي حاجي چئو،مان توکي غازي چوان“ واري چوڻي تي عمل ڪندا آهن،باقي اهي، جيڪي انهن جي نظر ۾ ناپسنديدهه هوندا آهن،يا جيڪي انهن جي مفادن لاءِ خطرو هوندا آهن، يا وري مفادن جو دفاع نه ڪندا آهن،انهن کي مختلف لقب ڏنا ويندا آهن.هن ڀيري آمريڪي صدر جيڪو ڪجهه چيو ان تي گهڻو پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان پهريان ئي 2022 جي خطرناڪ قرار ڏنل ملڪن جي لسٽ موجود آهي.ان لسٽ کي مرتب ڪرڻ لاءِ جيڪي خطري جون علامتون قرار ڏنيون ويون آهن، انهن ۾ ايٽمي پروگرام محفوظ هٿن ۾ هجڻ يا نه هجڻ واري ڳالهه به شامل آهي،پر ان سان گڏ ڪنهن به ملڪ جي اندروني سياسي عدم استحڪام وارو معاملو سامهون رکيو ويندو آهي.اهي ملڪ جيڪي خطرناڪ آهن،انهن لاءِ جن علامتن کي واضح ڪيو ويندو آهي،اهي لاڳاپيل اداري جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگهجن ٿيون.
عالمي امن انڊيڪس 2022 تي نظر وڌي وڃي ته هي ڪنهن آمريڪي اداري کي لسٽ مرتب ڪئي آهي، جنهن جن 20 خطرناڪ ملڪن جي لسٽ جوڙي آهي، انهن ۾ پهرين نمبر تي افغانستان آهي، ان کانپوءِ يمن، شام، روس، ڏکڻ سوڊان،ڊاڪٽر ڪانگو، عراق، صوماليا، سينٽرل آفريقن ريپبلڪ، سوڊان، يوڪرين،اتر ڪوريا، ليبيا، مالي، ايٿوپيا، وينزويلا، پاڪستان،برڪينا فاسو، ترڪي۽ ڪولمبيا شامل آهي.پاڪستان ان لسٽ ۾ سترهين نمبر تي آهي.وري به شڪر ڪريو ته ان لسٽ ۾ چين جو نالو شامل ناهي،جيڪو پاڪستان جو انتهائي ويجهو دوست سمجهيو وڃي ٿو.هن لسٽ تي اڇاتري نظر ڊوڙائڻ کانپوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته جو بائيڊن کي گهڻي دير سان خبر پئي آهي،اسان ته پهريان ئي خطرناڪ هئاسين، ائين جيئن شيخ رشيد، عمران خان لاءِ چوندو هو ته، جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ کيس اقتدار کان الڳ ڪيو ته هو وڌيڪ”خطرناڪ“ ٿي ويندو! هينئر عمران جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو به پاڪستان کي خطرناڪ بڻائي ٿو،ڇاڪاڻ ته ان سان سياسي طور استحڪام نٿو رهي، هاڻ عمران خان هي به چئي ٿو ته جيڪڏهن اقتدار هن جي حوالي نه ڪيو ويو ته هن ملڪ جو رهڻ ممڪن ناهي.!هن جا ٻيا به ڪيترائي اقوال زرين موجود آهن،جن جا حوالا ڏئي سگهجن ٿا.
جنهن وقت جو بائيڊن پاڪستان کي دنيا جو خطرناڪ ترين ملڪ قرار ڏنو آهي،ان وقت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪهڙي صورتحال آهي ۽ ان جا ملڪ تي جيڪي خطرناڪ اثر پئجي رهيا آهن،انهن کي به ذهن ۾ رکڻو پوندو.ملڪ کي خطرن ۾ رڳو سياسي عدم استحڪام نٿو وجهي، پر معاشي ،سلامتي جا معاملا، دهشتگردي جا وڌندڙ خطرا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آهي.سڀ کان وڌيڪ خراب سياسي صورتحال آهي.پاڪستان معاشي طور تي ڏيوالي کان بچي ويو،هي ڪم عمران خان نه ڪيو،پر انهن ڪيو،جيڪي هن جي نظر ۾ چور ۽ ڌاڙيل آهن.!عمران خان جو بيگيج انتهائي خطرناڪ حد تائين هو،جنهن کي کڻڻ آسان نه هو.ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ جتي حڪمرانن جون ڪوششون شامل آهن، اتي عوام جي وڏي قرباني کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي، هينئر مهانگائي جي صورت ۾ جيڪو بار عام ماڻهو تي وڌو ويو آهي،اهو انتهائي خطرناڪ حد تائين آهي، ويچارو ڪانڊيرو ۽ ڪرڙ دال روٽي به کائي نٿو سگهي، انڪري انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي.رهيل ڪسر ماحولياتي تبديلين جي نتيجي برسات ۽ ٻوڏ پوري ڪري ڇڏي.سموري ملڪ ۾ ٽي ڪروڙ ٽيهه لک ۽ سنڌ ۾ 20 لک انسان اجهن کان ته محروم ٿيا، پر انهن کي کائڻ پيئڻ لاءِ ويلا ڪڍڻا پون ٿا.!اهڙي صورتحال جي باوجود عمران خان کي هر حال ۾ اقتدار ۾ اچڻو آهي.جيڪڏهن هو اقتدار جي ڪرسي تي ويهاريو به ويو ته جيڪي تير هن چئن سالن دوران هنيا،اهي هاڻ به هڻندو.!انڪري ان وقت، جنهن وقت هو اقتدار ۾ آيو،ان وقت، ڪيتريون ئي طاقتور قوتون هيون، جن جي ڪلهن تي هو چڙهي آيو،هاڻ اهي ڪلها کيس ميسر ناهن.سمورو مانڊاڻ جيڪو جوڙيو ويو،اهو اجڙي چڪو آهي.هاڻ ماضي جي مقابلي ۾ هن لاءِ مشڪلاتون به وڌيڪ آهن.عمران خان کي رڳو بي مقصد راند کيڏڻي آهي، ننڍيون چونڊون به ان جو حصو هيون.ان کانپوءِ جن پلانز جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهي لانگ مارچ ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ ڌرڻا آهن.ان دوران جيڪڏهن اهم مقرري ٿي وئي ته عمران خان وڌيڪ آپي کان نڪري ويندو.ان جي ملڪ ۽ عوام کي ڪيتري قيمت ادا ڪرڻي پوندي،ان سان هن جو ڪوبه واسطو ناهي.!
آمريڪي صدر جوبيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي، جنهن وقت، پاڪستان اندر صورتحال ڏينهون خراب ٿي رهي آهي،ان سان گڏ انتهائي مذهبي پسندي جي لهر به تيز ٿي رهي آهي، ملڪ جي اترين علائقن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انتهاپسند قوتون ڪيئن متحد ٿي ويڙهه جون تياريون ڪري رهيون آهن،هي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي.هي وسارڻ نه گهرجي ته ماضي ۾ آمريڪا جي بزرگ صحافي سيمور هيرش،پنهنجي تفصيلي تجزئي،جيڪو نيويارڪر ۾ شايع ٿيو هو،ان ۾ انڪشاف ڪيو هو ته پاڪستان ۾ مذهبي انتهائي حد پار ڪري وئي ته آمريڪي حڪومت هڪ برگيڊ قائم ڪئي آهي، جيڪا، پاڪستان جي نيوڪليئر اثاثن کي مذهبي انتها پسندن جي هٿن لڳڻ کان اڳ پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري وٺندي! .آمريڪي صحافي جي ان انڪشاف سموري دنيا ۾ پاڪستان جي نيوڪليئر پروگرام جي حوالي سان نئين بحث کي جنم ڏنو هو.هينئر به ساڳي نوعيت جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن،جن کي اسان جا حڪمران، خيالي دنيا سان ڀيٽي رهيا آهن.
آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان کي پاڪستان، روس،چين ۽ ترڪي جي ويجهڙائپ جي تناظر ۾ به سامهون رکڻ گهرجي.هينئر تائين روس کان تيل ۽ گيس جي خريداري لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي،پر رڳو ڳالهيون ٿي رهيون آهن.ان جا واضح امڪان آهن ته جيڪڏهن پاڪستان چاهي ته روس سان معاشي لاڳاپا جوڙي،عوام جي اهنجن ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ٿو.ترڪي تي به جيڪي ٻئي عالمي جنگ ۾ پابنديون لڳيون هيون،اهي ختم ٿيڻ واريون آهن.چين سان پاڪستان جا انتهائي ويجها واسطا آهن.هي اصل ۾ ڪاروباري نوعيت سان گڏ فوجي نوعيت جا به آهن.چين، پاڪستان جي مختلف حصن ۾ تمام گهڻي سيڙپ ڪئي آهي، خاص ڪري بنيادي ڍانچي جي بهتري سان گڏ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپ ڪري چڪو آهي.سي پيڪ جي حوالي سان گهڻي اڳڀرائي نه ٿي آهي، خاص ڪري عمران خان جي ڏينهن ۾ هي پروگرام سرد خاني حوالي ڪيو ويو هو.هي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جڏهن کان سي پيڪ جو اعلان ٿيو آهي، پاڪستان ۾ چين جا رڳو ٽي سيڪڙو منصوبا مڪمل ٿيا آهن.هاڻ پاڪستان جي معاشي حالت گهڻي خراب هئي، ته ان ۾ به چين ئي مدد ڪئي، آمريڪا، هينئر تائين سوچ ويچار ۾ رڌل آهي!
هي ڏيهي توڙي پرڏيهي فرنٽ جا اشارا آهن،جن کي ذهن ۾ رکي، آمريڪي صدر جي بيان کي ڏسي سگهجي ٿو.ان سان گڏ انتهائي اهميت واري ڳالهه پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي لهر ۽ انتها پسندن جي Re-Union آهي.ان پاڪستان جي سيڪورٽي اسٽيبلشمنٽ کي به پريشان ڪيو آهي.ان حوالي سان تازوئي ڊفينس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهي علائقا، جتي دهشتگردن جي چرپر وڌي آهي، اتي آپريشن جي تياري به شامل آهي،ان آپريشن جو اشارو، فوج جي سربراهه به پنهنجي تقرير ۾ ڏنو هو.ان کانپوءِ آپريشن ڪيئن ڪيو ويندو؟،ان جي تياري ڪيتري آهي؟، افغانستان مان ويڙهاڪن جي داخلا کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ ۽ ٻيا ڪيترائي سوال آهن،جن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي.هي ڳالهيون به آمريڪي صدر جي بيان جو عڪس پيش ڪن ٿيون.هي ڳالهه به سمجهڻ آسان آهي ته جن ويهن ملڪن کي دنيا جا خطرناڪ ترين قرار ڏنو ويو،انهن ۾ ڪيترائي اهڙا آهن،جيڪي آمريڪا جا اتحادي رهيا آهن.انهن علائقن ۾ دهشتگردن جو طاقتور نيٽ ورڪ موجود آهي.آمريڪا کي افغانستان ۾ جنهن تذليل کي منهن ڏيڻو پيو، ان جو الزام به پاڪستان تي لڳي ٿو،هڪ حد تائين ان ۾ سچائي به آهي، پر ملڪ جا طاقتور حلقا ان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.جنهن وقت آمريڪي صحافي ڪارلوٽا گال پنهنجو مشهور ڪتاب The Wrong Enemy پاڪستان ۽ افغانستان جي پس منظر ۾ لکيو هو ته ان وقت ئي آمريڪي توڙي پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ کي ٻڌايو ويو هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اصل دشمن ڪهڙو آهي ۽ ان کي ڪيئن نشانو بڻائي سگهجي ٿو.ان وقت نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽر کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي هئي،هينئر ان جي ڳالهين کي ڪيئن قبول ڪيو ويندو؟.انڪري ضروري آهي ته پاڪستان توڙي آمريڪا جي حڪمرانن، خاص ڪري سيڪورٽي اسٽيبلشمنٽ کي اهو ڪتاب ٻيهر پڙهڻ گهرجي،جيئن اصل دشمن کي سڃاڻي سگهجي.!