ابراھيم ڪنڀر
منھنجي ھن کان اڳ واري پوسٽ بہ سنڌ بار ڪائونسل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن جي حوالي سان آھي، انھن چونڊن تي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ اھا ڳالھ سمجھڻ جوڳي آھي تہ سنڌ ھن وقت ڪھڙن خطرن ۾ گهيريل آھي، وفاقي حڪومت جنھن جون ڏوريون سڌو سنئون راولپنڊي ۾ آھن سمورا فيصلا اتان ٿي رھيا آھن، ارڙھين ترميم جي خلاف واويلا ھجن، اين ايف سي جي صوبائي شيئرز خلاف وٺ پڪڙ ھجي، جھڙي تھڙي صوبائي خودمختياري جي خلاف ھائي گھوڙا ھجي يا وري صوبن کي ورھائي ڏنل کاتن جو معاملو ھجي انھن سمورن معاملن جي خلاف سازشون ٿي رھيون آھن، پاڪستان 1948ع واري مڙھيل ڪوٽا سسٽم ۽ انھي کانپوءِ جنريلي ون يونٽ مان نڪري نہ سگھيو آھي انھي جا ھزارين سوين مثال آھن، تازو مثال سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي سرڪار جو قبضو آھي انھي کان صفا تازو اشو ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا جي وفاقي ٽيسٽ آھي، جنھن ۾ سنڌ سان نسورو ويل ٿيو آھي انھن معاملن تي احتجاجي جلسن، جلسون مظاھرن يا ريلين جي صورت ۾ آواز بلند ڪرڻ تمام بھتر، لاڀائتو انداز آھي پر ڪيترائي اھڙا ٻيا فورم آھن جتي سنڌ جي انھن مامرن تي آواز اٿارڻ جي ضرورت آھي،پارليامينٽ، قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلين ۾ انھن معاملن تي آواز اٿاري سگھجي ٿو پرڪجھ اھڙا ادارا يا فورم آھن جتي جڏھن انھن معاملن تي آواز اٿارجي ٿو تہ انھي جو فيڊ بيڪ پارليامينٽ، اقتداري ايوانن ۾ سگھاري نموني پھچي سگھي ٿو، پاڪستان جي وڪيل براداري ھن ملڪ ۾ سدائين سگھارو آواز رھي آھي، ملڪ ۾ آمريتن جي خلاف وڪيلن جي آواز کي جھڪو ڪرڻ انتھائي مشڪل آھي انھي جي ڪري سنڌ جي لاءِ خوشي جي خبر اھا بہ آھي تہ سنڌ بار ڪائونسل ۾ سنڌ جا ڪيترائي بھترين نوجوان چونڊجي آيا آھن جيڪي سنڌ جي ڪيس کي سمجھن ٿا، پر سنڌ ڪائونسل کي سنڌ جي حڪومت گھيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن کي پاڪستان بار ڪائونسل جا نمائندا چونڊڻا آھن، پاڪستان بار ڪائونسل 22 ميمبرن تي مشتمل آھي،انھي چونڊيل ميمبرن مان ھڪ ڄڻي کي وائس چئرمين ۽ ھڪ کي ايڪشن ڪميشن جو چئرمين چونڊيو ويندو آھي، پاڪستان بار ڪائونسل جون ويھ مختلف ڪميٽيون آھن، انھن ۾ بہ چونڊيل ميمبرن مان چئرمين ۽ ميمبر چونڊيا ويندا آھن، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن ٻہ اھڙا فورم آھن جيڪي اسان جي عدليہ جي بہ نگراني ڪندڙ ھوندا آھن، ججن جي مقرري کان وٺي اھم فورمز تي انھن جي نمائندگي ھجڻ سان گڏ ججن کي جيڪڏھن ڪير منھن تي سچ چوڻ جي جرعت ڪندو آھي تہ اھي پاڪستان بار ڪائونسل يا سپريم ڪورٽ بار جا ميمبر ھوندا آھن، ھتي اھا ڳالھ سمجھڻ بہ ضروري آھي تہ حڪومت مخالف تحريڪ جي پويان پاڪستان بار ڪائونسل جي فيڊ بيڪ آھي ڇاڪاڻ جو سڀ کان پھرين جيڪا آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي ھئي اھا پاڪستان بار ڪائونسل ڪرائي ھئي جنھن ۾ اپوزيشن جي قيادت شريڪ ٿي ھئي انھي جي ڪري وفاقي سطح تي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي سطح تي صوباِئي حڪومتن جي ڪوشش ھوندي آھي تہ اھي بار ڪائونسلز ۾ پنھنجا ماڻھو ڀرتي ڪرائين، ھاڻ اچون ٿا اصلي ڳالھ تي سنڌ بار ڪائونسل ۾ سنڌي نوجوانن جي اڪثريت ڪامياب ٿي آھي پر سنڌ بار جي ووٽ تي جيڪي نمائندا پاڪستان بار ڪائونسل ۾ موڪلڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن انھي مان ظاھر ٿي رھيو آھي تہ سنڌ جي صوبائي حڪومت پاڪستان بار ڪائونسل تي پنھنجو اثر وجھڻ چاھي ٿي، پاڪستان بار ڪائونسل جي لاءِ پيپلز پارٽي پنھنجو اثر استعمال ڪندي فاروق نائڪ، شھادت اعواڻ ۽ اختر حسين ٽئي غير سنڌي ماڻھو اميدوار مقرر ڪيا آھن، انھن جي جمھوري، لبرل ھجڻ تي اسان کي ڪو شڪ ناھي پر پيپلز پارٽي کي سنڌ جي ھيڏي وڏي ليگل ڪميونٽي مان ڪو سنڌي نہ مليو جيڪو پاڪستان بار ڪائونسل ۾ سنڌ جو آواز بڻجي، منھنجو سنڌي اميدوار ھجڻ تي زور انھي جي ڪري آھي جو سنڌ جو جيڪو سور آئون محسوس ڪندس اھو سنڌي ٻولي نہ سمجھندڙ ڪو شخص محسوس نٿو ڪري سگھي، اھو ان بلٽ فالٽ ئي چئجي، پيپلز پارٽي کي سينيٽ جي لاءِ رحمان ملڪ، مصطفي کوکر، فاروق نائڪ وغيرہ جھڙا اميدوار ملن ٿا تہ پاڪستان بار ڪائونسل جي فورم جي لاءِ بہ ڪو سنڌي اميدوار نٿو ملي، سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ جيڪي سنڌي نوجوان پنھنجي ھڙان وڙان ۽ مڙسي ڪري کٽي آيا آھن انھن کي بہ مختلف حربن سان گھيري پاڪستان بار جي لاءِ پي پي جي اميدوارن کي ووٽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ھڪڙو مثال ٿو ڏيان تہ ملڪ رياض سنڌ جي زمينن جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي ڪنھن فورم تي انھي جي خلاف آواز ڪو حقيقي سنڌي ماڻھو اٿاريندو يا وري فاروق نائڪ، شھادت اعواڻ يا اختر حسين اٿاريندا؟ اسان کي انھن اميدوارن جي ذات سان ڪواختلاف ناھي پر جڏھن معاملا سنڌ جي پئماني تي ماپجن ٿا تہ پوءِ اسان کي نج سنڌي ماڻھن جو آواز گهرجي جيڪو پاڪستان بار ڪائونسل ھجڻ گهرجي. آئون انھي جي لاءِ وري بہ ماما يوسف لغاري کي پنھنجو اميدوار نامزد ڪريان ٿو اميد آھي تہ سنڌ جي ليگل ڪميونٽي خاص طور اسان جا قومپرست دوست ملڪ رياض يا پي پي جي ڪنھن اميدوار جي حمايت بدران انھي تجويز جي حمايت ڪندا