علي محمد ميمڻ
ملڪ جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان جو گڏيل اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وڏي گرما گرمي ۽ سياسي محاذ آرائي واري حالت ۾ هلڻ بعد وڏي گوڙ ۽ وڳوڙ بعد نيٺ لاتعداد بلن ۽ قانونن جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي پڄاڻي کي ته پهچي ويو پر ملڪ هڪ نئين قسم جي عذاب ۽ تڪليف ۾ وٺجي ويو آهي. حڪومت طرفان پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين واري بل کي جنهن کي مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ڌرين طرفان ”شيطاني بل ۽ شيطاني خواهشن ۽ عام چونڊن جا نتيجا چورائڻ واري مشين “ قرار ڏنو پئي ويو.
آخرڪار ، حڪومت جي زور تي اها ڄاڻايل شيطاني مشين پارليامينٽ ۾ منظوري حاصل ڪرڻ بعد ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. پارليامينٽ جي ايوان ۾پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف طرفان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ”شيطاني خواهشن جي مشين“ قرار ڏيڻ تي ردعمل ۾ چيو ويو ته، اسان نه تڙ تڪڙ ۾ ڪو قانون پاس ڪري رهيا آهيون ۽ نه ڪنهن قسم جو ڪارو قانون مڙهيو پيو وڃي هن جو چوڻ هو ته، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڌانڌلي لاءِ نه پر ”ايول ڊيزائرز“ (شيطاني خواهشن )کي دفن ڪرڻ لاءِ آندي پئي وڃي. حڪومت جي لاڳيتي ڪاميابي بعد يقينن هاڻي شيطان پڻ تمام گهڻو خوش هوندو جو مسلمانن جي اڪثريتي آبادي واري ملڪ تي حڪمراني لاءِ هاڻي ” شيطاني مشين “ جي ذريعي منظوري حاصل ڪئي ويندي ۽ سمورن مذهبن وارن يا سيڪولر ۽ سوشلسٽن کي پڻ انهيءَ مشين مان اڪري پار پوڻو پوندو. واهه سائين واهه !
هوڏانهن، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس واري تڪراري ڪارروائي وارو تماشو اڃا پڄاڻي کي مس پهتو هو ته گذريل ڏينهن سينيٽ آف پاڪستان جي ٿيل اجلاس ۾ هڪ نئون تماشو ۽ جادوگري وارو ٿيٽر ٿيندو نظر آيو. جنهن ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جي اڪثريت کي هڪ ڀيرو وري اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري جادوگري جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ جمعي جي نماز جي وقفي دوران اجلاس ڪيو ويو ۽ سرڪاري ميمبرن جي ذريعي سرڪاري بئنچن جي ميمبرن جي اڪثريت سان حڪومتي بل منظور ڪري ڏيکاريا ويا.
سينيٽ ۾ صحافين جي تحفظ سميت ڪيترائي بِل مخالف ڌر جي احتجاج جي باوجود به منظور ڪرايا ويا. ايوان ۾حڪومتي بلن جي منظوري واري جمعي بازار لڳائڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس وٽ اچي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلايون ۽ سخت احتجاج ڪيو ويو جنهن تي چيئرمين صادق سنجراڻي سينيٽ جو اجلاس پڻ اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري روانو ٿي ويو.
پارليامان جي گڏيل اجلاس ۾ ملڪ جي جمهوري ۽ پارلياماني تاريخ جا تمام گهڻا ڳڻتي وارا ۽ افسوس جوڳا منظر ڏسڻ ۾ آيا، حڪومت، حڪمران جماعت ۽ ان جماعت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ان بعد سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين طرفان پارليامينٽ جي گڏيل ايوان ۽ ڌار ڌار اجلاسن کي هڪ ڌريو ٿي هلايو ويو ۽ پارلياماني اصولن، قانون ۽ قاعدن تي هلڻ بجاءِ حڪومتي بلن ۽ قانونسازي کي هر قيمت تي ڪامياب ڪرڻ لاءِ تڪراري ۽ قابل اعتراض عمل ڪيا ويا ۽ اهڙيون غير جمهوري ڪارروائيون ڪيون ويون آهن جنهن کي سياسي ۽ پارلياماني ٻولي ۽ زبان ۾ پارلياماني طريقيڪار کي بلڊوز ڪرڻ يا ڊاهڻ ۽ چيڀاٽڻ چيو وڃي ٿو. پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ انهي قسم جي تماشي تي ملڪ جون سموريون جمهوري قوتون ۽ عوامي جماعتون لڳاتار احتجاج ڪري رهيون هيون پر انهن ايوانن ۾ ٿيل تڪراري قانونسازي دوران جمهوري اصولن، جمهوريت ۽ عوامي قوتن کي ديوار سان لڳائي پارليامينٽ کي بي مانائتو ڪرڻ وارا اهي سمورا ڪم ڪيا ويا، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه گهرجن ها. ملڪ جي پارليامان ۾ ٿيندڙ تماشي تي دنيا حيران ۽ عوام سخت پريشان آهي. اهڙي قسم جي صورتحال ۽ منظر نامن تي ملڪ جو ميڊيا ۽ سول سوسائٽي طرفان پڻ ان حوالي سان سخت ردعمل آڏو آيو آهي، ملڪ جي سمورين ٻولين جي صحافتي ادارن ۽ اخبارن طرفان حڪومت جي ان عمل کي پارليامينٽ کي بلڊوز ڪرڻ قرار ڏنو ويو آهي.
ملڪ ۾ 2018ع وارين چونڊن جي تڪراري نتيجن مان تيار ڪيل رانديگرن واري حڪومت کي طاقتور ڌرين طرفان آخرڪار ملڪ ۾ اقتدار تي ڇو آندو ويو ۽ ملڪ جي آئين ، قانون، پارليامينٽ ۽ عوام جي ڪنڌ تي ڪهڙي مقصد لاءِ سوار ڪيو ويو ؟. هاڻي انهن رازن ، مقصدن ۽ معاملن جا سمورا اڇا ۽ ڪارا ڪم کليل نموني سامهون اچي ويا آهن. رانديگرن واري سرڪار طرفان گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ ۽ عوام سان جيڪي ڪجهه ڪاروهنوار ڪيا ويا ۽ جهڙي ريت ملڪ کي آء ايم ايف، عالمي مالياتي ادارن ۽ سرمائيدارن ، جاگيردارن ۽ ناجائز منافع خورن ۽ مافيائن جي اڳيان ڪيرايو ۽ يرغمال ڪرايو ويو آهي اهو تمام گهڻو ڇرڪائيندڙ ۽ افسوسناڪ عمل ئي آهي. ملڪ ۽ عوام سان ٿيل دوکي جون ڳالهيون هاڻي گوڙ کان به چڙهي ويون آهن. ملڪ ۾آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي نالي تي غير آئيني ڪم ۽ غيرقانوني ڪارروائيون وڌائڻ، احتساب ۽ انصاف جي نالي ۽ نعري تي ناانصافين وارو رڪارڊ قائم ڪرڻ ۽ جمهوريت ۽ عوام جي حاڪميت کي قائم ڪرڻ جي اعلانن بعد جمهوريت کي يرغمال بنائڻ ۽ پارليامينٽ جي توهين ڪرڻ ۽ جمهوري اصولن ۽ قاعدن جي لتاڙ ڪرڻ مان معلوم ٿي رهيو آهي ته، تمام گهڻي مهارت سان عوام کي دوکو ڏيڻ جو انتظام۽ اهتمام ڪيو ويو ۽ جمهوريت جي نالي ۾ ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن.
بيشڪ ! ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ عوام جي ووٽن سان جمهوري سرشتو قائم ٿيڻ ۽ عوام کي جوابدار حڪومت هئڻ وارو عوام جو خواب ، اڃا تائين پورو ته نه ٿي سگهيو آهي ۽ عوام ۽ جمهوري ۽ ترقي پسند قوتن جي اها جدوجهد لڳاتار جاري آهي. ملڪ ۾ عوام جي حڪمراني ۽ جمهوريت کي رواج ڏيڻ ۽ سگهارو ڪرڻ واريون ڪوششون ۽ جدوجهد لڳاتار ، آمراڻي ذهنيت ۽ جمهوريت دشمنن ۽ عوام جو استحصال ۽ ڦرمار ڪندڙ قوتن جي حملن جو شڪار ٿيندي ٿي رهي ۽ وري زخمي جمهوري قوتون، ملڪ جي جمهوريت پسند ۽ جرئت مند عوام جي مدد سان وري اٿي بيهن ٿا ۽ ڪاميابين جون ڪجهه وکون وري کڻي اڳتي وڌن ٿا ۽ جمهوري نظام خلاف ٿيندڙ حملن جو مقابلو ڪندا اڳتي ضرور وڌندا رهن ٿا. اسان جي ملڪ جي عوام جي خاص ڳالهه ئي اها آهي ته هو شڪست کائڻ ۽ هارائڻ تي ويساهه نه ٿا رکن . عوامي قوتن جي جمهوري جدوجهد سمورين رڪاوٽن ۽ مخالفن جي حملن جي باوجود اڳتي وڌي رهي آهي ۽ ننڍيون وڏيون ڪاميابيون سندن حوصلي ۽ همت جو سبب آهن. ۽ سندن ” اميدن جو برقرار رهڻ ۽ نيٺ ته صبح ٿيندو “ وارو يقين قائم ۽ آخري فتح نيٺ ته عوام جي ٿيندي وارو عزم ۽ حوصلو سربلند آهي.