اسلام آباد ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان پاران آپگهاتي حملي کانپوءِ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته دهشتگردي جي باهه رڳو پختون خواهه تائين محدود نه رهندي، پر جيڪڏهن حڪومت ۽ رياستي ادارا سنجيدگي نه ڏيکاريندا ته اسانکي 2014ع واري صورتحال جا منظر ٻيهر ڏسڻا پوندا. سبب صاف ظاهر آهي ته اسان جي پاليسي سازن افغان ۽ پاڪستاني طالبان بابت مفروضن ۽ خواهشن جي بنياد تي پاليسي ٺاهي هئي ۽ پوءِ رياستي مشينري کي استعمال ڪندي ساڄي ڌر جي پارٽين، پي ٽي آءِ ۽ دفاعي تجزيه نگارن ذريعي ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڌنڌلو ڪيو ويو ۽ هر پاڪستاني تي زور ڀريو ويو ته هو ان ڳالهه تي يقين ڪن ته سندن پاليسي ٺيڪ آهي. اهو مفروضو هو ته افغان ۽ پاڪستاني طالبان ساڳئي ڳالهه نه آهن پر ڌار ڌار ڌريون آهن. ٽي ٽي پي ”را“ ۽ افغان انٽيليجنس پاران ٺاهي وئي هئي. ڪجهه ماڻهو ان کي آمريڪا جي کاتي ۾ به وجهي رهيا هئا (جيتوڻيڪ ٽي ٽي پي جي سڀني اڳواڻن کي آمريڪي ڊرون حملن ۾ نشانو بڻايو ويو) ۽ اهو به ٻڌايو ويو ته ٽي ٽي پي جهڙيون تنظيمون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون جڏهن اسان جا دوست طالبان افغانستان ۾ ڪامياب ٿيندا. اهو ئي سبب آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي ڪاميابي تي دنيا ۾ واحد ملڪ پاڪستان ۾ جشن ملهايو ويو، ان وقت جي وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانين غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون. پاڪستاني ميڊيا ڪابل تي طالبان جي قبضي جو وڏو جشن ملهايو جيئن مغربي ميڊيا اتي آمريڪي حملي کان پوءِ فتح جو جشن ملهايو هو. هڪ ٻي غلطي اها آهي ته اسان جا پاليسي ساز ڪنهن مسئلي جو اصل ڪارڻ نه ڳوليندا آهن ۽ اروٽ ڪاز ختم نه ڪندا آهن. ٽي ٽي پي سان به اهو ئي ٿيو آهي. ٽي ٽي پي کي عارضي طور تي دٻايو ويو يا فوجي آپريشن ذريعي افغانستان ڀڄايو ويو پر هتي اسانکي اهو باور ڪرايو ويو ته ”اسان دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي“ ۽ اهو جملو هر هر ورجائي فتح جو جشن ملهايو ويو پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي. ٽي ٽي پي کي اصل نقصان آمريڪي ڊرونز پهچايو پاڪستان جي فوجي آپريشن ۾ ته هڪ به ٽي ٽي پي جو ليڊر نه ماريو ويو البته هو ڇڙ وڇڙ ضرور ٿيا، چيلهه ڪون ڀڳي بلڪ ٽنگ به نه ٽٽي. ڊرون حملن ۾ مولانا نيڪ محمد، بيت الله محسود، حڪيم الله محسود ۽ مولانا فضل الله کي نشانو بڻايو ويو. فضا ۾ ڊرونز جي موجودگيءَ سبب تحريڪ طالبان پاڪستان جي قيادت لاءِ رابطو ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ گڏجڻ ڏکيو ٿي پيو هو، پر آمريڪا جي واپسي کانپوءِ ڊرونز جو خطرو ٽري ويو ، سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سندن چيلهه چٻي ٿي وئي هئي ته گذريل هڪ سال دوران ٽي ٽي پي ايتري قوت سان وري ڪيئن ظاهر ٿي؟ ان جا سبب هن ريت آهن.
(1) افغاني ۽ پاڪستاني طالبان هڪجهڙا عقيدا ۽ نظريا رکن ٿا. سندن جهاد ۽ وڙهڻ جو تصور ساڳيو آهي. پاڪستاني طالبان هٿيار کنيا، افغان طالبان جي حمايت ۾ يا ان جي حڪم تي. هو هڪٻئي جي اڪابرن ۽ امير المومنين کي پنهنجو امير المومنين سمجهن ٿا. ان ڪري جڏهن هنن ڏٺو ته طالبان هٿياربند جدوجهد ذريعي آمريڪا ۽ نيٽو جهڙين طاقتن کي شڪست ڏني آهي ته قدرتي طور پاڪستاني طالبان ۽ ٻين مذهبي فوجي قوتن جو حوصلو به بلند ٿي ويو ۽ هنن پاڪستان ۾ به ايئن ڪرڻ لاءِ پاڻ کي منظم ڪيو. جيئن ته آمريڪي ڊرونز حملن ۽ پاڪستاني آپريشن بعد ٽي ٽي ڦي ڪيترن ئي گروپن ۾ ورهائجي چڪي هئي. جن مان جماعت الاحرار جي نالي سان عبدالولي خراساني جي سربراهي ۾ هڪ الڳ گروهه قائم ٿيو.
(2) حافظ سعيد (ڪرم ايجنسي واررو) ۽ ڪجهه ٻيا داعش ۾ شامل ٿيا. مفتي نور ولي جيئن ته قبائلي محسود آهي ۽ هڪ پڙهيل لکيل ۽ ذهين مفتي به آهي، تنهن ڪري هن امير ٿيڻ کان پوءِ نه رڳو سمورن گروهن کي ٻيهر متحد ڪيو پر ڪيترن ئي نون گروپن کي به ٽي ٽي پي ۾ شامل ڪيو. اهو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن بلوچستان جي علائقي مڪران سان تعلق رکندڙ هڪ گروهه مزار بلوچ جي اڳواڻي ۾ مفتي نور ولي جي هٿ تي بيعت ڪري تحريڪ طالبان جو حصو بڻيو پر ان معاملي تي عمران خان جي حڪومت ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ هي معاملو موجوده وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ به تمام پوئتي ٿو لڳي. جيتوڻيڪ گذريل سال دوران شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن گذريو هجي جو تحريڪ طالبان پاڪستان خيبر پختون خواهه ۾ ڪو حملو نه ڪيو هجي،
(3) اسان جي پاليسي سازن ۽ مفروضه ساز تجزيه نگارن پاڪستانين کي يقين ڏياريو هو ته ٽي ٽي پي کي حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني جي حڪومتن جي حمايت حاصل آهي، پر حقيقت اها هئي ته ڪرزئي ۽ اشرف غني جي دور ۾ ٽي ٽي پي جا لڳ ڀڳ چار هزار ڪارڪن جن ۾ باجوڙ جو مولوي فقير محمد جهڙو اهم اڳواڻ به شامل هو. افغان جيلن ۾ قيد هئا ۽ جڏهن افغان طالبان اقتدار ۾ آيا اتي جيلن کي ٽوڙيو ته اهي ماڻهو به آزاد ٿي ٽي ٽي پي جي صفن ۾ شامل ٿي ويا.
(4) گذريل سالن دوران پاڪستاني طالبان ڪنڙ، نورستان، پڪتيا، ننگرهار ۽ خوست صوبن جي غارن ۽ جبلن ۾ پناهه ورتي هئي، پر طالبان جي فتح جي صورت ۾ انهن کي پوري افغانستان تائين رسائي حاصل ٿي وئي. ، اهي گڏ ويٺا. هاڻي اهي گڏ ويهي صلاح مشورا ڪري سگهن ٿا ۽ آسانيءَ سان رٿابندي ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته هاڻي اهي وڏي تعداد ۾ قبائلي ضلعن ۽ سوات جهڙن علائقن ڏانهن موٽي آيا آهن.
(5) ٽي ٽي پي جا ڪارڪن يا همدرد پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ سليپر سيلن جي صورت ۾ موجود هئا، پر قيادت سان رابطو نه ٿيڻ سبب اهي خاموش رهيا. افغانستان ۾ طالبان جي فتح کان پوءِ هو به افغانستان هليا ويا ۽ پنهنجي تنظيم سان ٻيهر سرگرم ٿيا.
(6) آمريڪين جي واپسيءَ کانپوءِ ٽي ٽي پي جا وسيلا به تمام گهڻو وڌي ويا ۽ آمريڪا وٽان جيڪي جديد هٿيار ڇڏيا ويا سي به سندن هٿ ۾ اچي ويا ڇو ته جن علائقن ۾ ٽي ٽي پي موجود هئي يا مزاحمت ڪري رهي هئي ان جو مال غنيمت ٽي ٽي پي جي هٿ ۾ اچي ويو.
افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي ۽ اتي طالبان جي اسلامي امارت قائم ٿيڻ کانپوءِ ٽي ٽي پي جو معاملو تمام گهڻي تدبر ۽ عقلمنديءَ جو مطالبو ڪري رهيو هو، پر عمران خان جي حڪومت تمام گهڻي جلد بازي ڏيکاري. ڊي جي آءِ ايس آءِ (فيض حميد) جي سطح تي ٽي ٽي پي سان سڌي ريت ڳالهيون ٿيون جن ۾ ساڻن اهڙا واعدا ڪيا ويا جن کي پورو ڪرڻ ناممڪن هو. حڪومت جي تبديلي کانپوءِ به اهو الميو رهيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جو معاملو ڪور ڪمانڊر پشاور (فيض حميد) جي هٿ ۾ رهيو ۽ پختونخوا هه حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ان حوالي سان تماشو ڏسندي رهي. اڃا تائين حڪومتي شخصيتن جهڙوڪ وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ مولانا فضل الرحمان ۽ صوبائي حڪومت جي ان معاملي ۾ دلچسپي نه هجڻ برابر آهي، جنهن جو تازو مثال بنون ۾ سي ٽي ڊي سينٽر آهي. اتي سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ ٻيا ڪيترائي قيدي يرغمال بڻيل هئا. مختصر اهو ته اسان جا حڪمران ۽ سياسي طبقا ان معاملي کي تمام گهڻو هلڪو وٺي رهيا آهن، بلڪه امن امان جو معاملو قرار ڏئي فوج ۽ پوليس تي ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته منهنجي نظر ۾ هي اهم معاملو آهي جنهن لاءِ سياسي ۽ سفارتي سطح تي وڏي پيماني تي فوري ڪوششن جي ضرورت آهي جيئن رياست جي سمورن ادارن ۾ يڪراءِ پاليسي جوڙي ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
( جنگ جي ٿورن سان )