ابراھيم ڪنڀر
ڇھ آڪٽوبر واري سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان اڳ مون کي ھڪ دوست جو فون آيو جنھن ٻيٽن بابت صدارتي آرڊينس انھي سان جڙيل مواد، معاھدا، قانون توڙي ٻيا دستاويز اھو چئي گهريا تہ سنڌ ڪابينا جو ٻيٽن جي حوالي سان اسپيشل اجلاس آھي انھي ۾ ٻيٽن ۽ صدارتي آرڊيننس تي غور ويچار ٿيندو، خير سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، انھي جا سمورا فيصلا بہ پنھنجي نظر مان گذري چڪا آھن، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي صوبائي سرڪار جي وچ ۾ ٻيٽن تي بيان بازي ھلندڙ آھي، اھو سڀ ڪجھ انھي وقت ٿيو آھي جڏھن وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي سموري لکپڙھ عوام جي آڏو پڌري ٿي آھي.
سامونڊي حدن ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل آرڊيننس ھڪ مھينو لڪائڻ کانپوءِ نيٺ ليڪ ٿي ويو، ان کانپوءِ ھڪٻئي جي پويان ڪيتريون شيون نہ رڳو ظاھر ٿيون پر سنڌ حڪومت توڙي وفاق ۾ تحريڪ انصاف ۽ سندس جوڙيوالن جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم، ق ليگ ۽ ٻين گروپن جي قيادت بہ وائکي ٿي وئي، ھي ھيڏو مسئلو ٿي ويو، پيپلز پارٽي وائکي ٿيڻ کان پوءِ ڪجھ فيصلا ڪيا آھن، ڪجه فيصلن جو انتظار آھي انھي جي باوجود وفاقي حڪومت ۾ شامل سنڌ جا ميمبر خاموش تماشائي بڻيل آھن، اھي ھڪڙو بيان ڏئي سنڌ سان وفا ڪرڻ جي لاءِتيار ناھن،
وفاقي ڪابينا ٻيٽن تي ترقي جو نالو ڏئي جيڪو صدارتي آرڊيننس منظور ڪيو ھو اھو سنڌجي ملڪيت تي راتاھو ھو،انھي ۾ پيپلز پارٽي جو پس منظر ۾ جيڪو ڪردار ھو انھي تي سنڌي عوام رد عمل ڏيکاري پي پي پوئتي پير ڪراياا آھن، ڪيترائي اھم فيصلا واپس ٿي چڪا آھن پر ھي وفاقي سرڪار ۾ سنڌ جون شينھڻيون ۽ جوڌا جوان ڇا ويٺا ڪن انھن جو ھن صورتحال ۾ ڪھڙو ڪردار آھي؟ انھي ڪابينہ ۾ ڊاڪٽر فھميدا مرزا، محمد ميان سومرو، حفيظ شيخ شامل آھن، انھن ٽنھي ماڻھن ھن تڪراري، راتاھي، چوري ۽ ڌاڙيوالي جي نيت سان آيل آرڊيننس تي وفاق سان مھاڏو تہ نہ اٽڪايو،ڪابينا ۾ مزاحمت تہ ٺھيو پرپنھنجو موقف رکڻ واري دليري بہ نہ ڏيکاري، ٻيو تہ ٺھيو آرڊيننس جي تياري، انھي ان اڳ سنڌ حڪومت سان لکپڙھ تي انھن وزيرن ڪڏھن ٻڙڪ ٻاھر نہ ڪڍي، ٻيو تہ ٺھيو تحريڪ انصاف سنڌ جي قيادت، وفاقي ڪابينا ۾ ويٺل سنڌي ميمبرن، جي ڊي اي جي اعلي ترين قيادت اڄ تائين انھي آرڊيننس کي وفاق جي طرفان سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي ڦير ڦار قرار ڏيڻ، سنڌجي وسيلن کي ڦٻائڻ واري خطرناڪ سازش جي مذمت بہ نہ ڪئي آھي.
منھنجو اڃان بہ خيال آھي تہ ھن ٻيٽن تي وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ڪا وڏي گيم ھلي رھي ھئي ،پر اھا ڳنڍ کلي پئي سازش بي نقاب ٿي وئي، سنڌ جي شعور، سياسي بيداري، سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف عوامي ھلچل، سخت قسم جي رد عمل، سوشل ميڊيا تي ھلندڙ مھم جي نتيجي ھاڻ معاملا ڪجھ قدر ٿڌا ٿي چڪا آھن، سنڌ جي باشعور عوام جي راءِ سامھون اچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي في الحال تہ پوئتي ھٽي آھي، اين او سي جاري ڪري ھنن سنڌي ماڻھن جي اعتماد جي پٺي ۾ خنجر کوڙيو آھي انھيجي ازالي جي لاءِ پي پي حڪومت کي اڃان گهڻو ڪجھ ڪرڻو پوندو انھي کانپوءِ ممڪن آھي تہ پيپلز پارٽي حڪومت لڪ لڪوٽي واري سموري سازشي ٿيوري، سنڌ جي ملڪيت ۾ ايندڙ ٻيٽ ڦٻائڻ واري دعوت گناھ واري جرم مان جند ڇڏائي سگھندي پر وري بہ عوام کي سدائين اکيون ۽ ڪن کولي ويھڻو پوندو تہ ڪٿي پيپلزپارٽي ۽ وفاق جي ڳٺ جوڙ وري ڪو ڌڪ نہ ڏئي وجھن.
پيپلز پارٽي سميت سمورين ڌرين کي سياست جو حق آھي، ھي ملڪ سياسي تحريڪ جي نتيجي ۾ ٺھيو انھي جي ڪري سمورين ڌرين کي برابري جي بنياد تي سياست ڪرڻ، اظھار راءِ جي آزادي سميت سمورا بنيادي حق حاصل آھن پر وفاق طرفان ٻين جي ملڪيت تي ميري اک رکڻ، ترقي جي نالي ۾ ڌرتي جي مالڪن جي حقن سان ھٿ چرند ڪرڻ، سنڌ حڪومت طرفان ڌرتي ڌڻين سان ٺڳي ڪرڻ، دوکي ۾ رکي ٽئين ڌر سان معاھدا ڪرڻ، لڪ ڇپ ۾ اين او سيز جاري ڪرڻ،پنھنجي ڌرتي جي سوديبازي ڪرڻ، پنھنجي ملڪيت، پنھنجي وسيلن تان ھٿ يا ٻين کي پنھنجي ڌرتي تي راتاھي جي ڇوٽ ڏيڻ کي سياست نہ ٿو چئي سگھجي نہ وري سنڌ جا وارث انھي جي اجازت ڏيندا.
ٻيٽن جي معاملي تي وفاقي حڪومت جو موقف ڇا آھي، پيپلز پارٽي جو پراڻو موقف ڪھڙو آھي، پي پي ۽ وفاقي حڪومت ۾ شامل جماعتن جو ڪردار ڪھڙو آھي،پي پي يا تحريڪ انصاف ھاڻ ڇا پئي سوچي انھي تي لکڻ کان اڳ ۾ ڏسجي تہ ھي ڪھاڻي ڪٿان شروع ٿي آھي، سڀ کان پھرين وفاقي حڪومت جو سنڌ جي ٻيٽن تي ڌاڙيوالي ۽ راتاھي جي نيت سان جاري ڪري وري ستر پوشن ۾ ويڙھيل آرڊيننس ھڪ مھيني کانپوءِ ظاھر ٿيوسنڌ جي وسيلن تي پنھنجي مالڪي جتائڻ واري غيرآئيني آرڊيننس کي ھڪ مھينو لڪائڻ جي پويان مڪاري، بدنيتي، منافقي، دوکيبازي، فراڊ کان سواءِ ڪھڙُو دليل ٿي سگھي ٿو، رات جي پيٽ ۾ آرڊيننس جاري ڪري اھو قرار نٿو ڏئي سگجھي تہ فلاڻي صوبي جي فلاڻي حدن ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ اٿارٽي ٺھندي مٿان وري آمريتي ٽائيپ جي آرڊيننس ۾ اھو بہ ڄاڻائجي تہ انھي آرڊيننس کي ڪنھن عدالت ۾ چئلنج نٿو ڪري سگھجي ساڳي ريت جيڪو آرڊيننس جي خلاف ھوندو انھي تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ايندي، اھڙا قانون آمريتي دور حڪومتن ۾ جاري ٿيندا آھن، اھو تہ ٿيو وفاقي حڪومت جو ڪم پر پيپلز پارٽي انھي سموري گيم ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو انھي کان بہ سڀني کي آگاھ رھڻ گهرجي، انھي جي ڪري شين کي ھڪ ھڪ ڪري کڻي ٿا ھلون، ٻيٽن تي قبضي جي نيت سان جاري ڪيل وفاقي سرڪار جو آرڊيننس ٽي آڪٽوبر تي سوشل ميڊيا ذريعي عوام تائين پھتو، عام طور سرڪاري طور اھو آرڊيننس جاري ڪري پبلڪ ڪيو ويندو آھي پر جئين تہ ھي آرڊيننس پنھنجي ھيئت ۽ ماھيت ۾ مڪمل غير آئيني، غير قانوني، عالمي قانون کي پٺي ڏئي جاري ڪيو ويو انھي جي پويان عوام کي دوکي دولاب ۾ رکي پنھنجو ڪم ڪڍڻ ھو، جنھن ۾ رڳو وفاق نہ پر سنڌ حڪومت جي سازباز بہ شامل ھئي،آرڊيننس ليڪ ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سنڌ جي شعور انھي مڙھيل قانون کي سنڌ تي راتاھو قرار ڏئي ٻيٽن تان ڪنھن بہ صورت ۾ ھٿ نہ کڻڻ جو اعلان ڪيو، سنڌ جي شعور واضع ڪيو تہ سنڌ اھي جي زمين، اثاثن ۽ ملڪيت تي ائين قسطن ۾ وفاق کي قبضو ڪرڻ نہ ڏنو ويندو،جڏھن سوشل ميڊيا کانوٺي عملي ميدان تي ان اشو تي جدوجھد شروع ٿي چڪي ھئي تہ انھي سموري صورتحال ۾ بہ پيپلز پارٽي بطور تنظيم يا حڪومت خاموش رھيا، بلڪہ انھي وقت سنڌ حڪومت جي وزيرن مشيرن جو بيان رڪارڊ تي آھي تہ اھو سڀ ڪجھ سنڌ جي ترقي جي لاءِ ٿي رھيو آھي، اھا ڪھڙي ترقي آھي؟ ترقي وسيلن تي قبضا ڪرائي، پنھنجون زمينون نيلام ڪرائي، پنھنجي ذاتي مفادن جي پورائي جي لاءِ علاوالدين خلجي کي سڏ ڪري ڪاھون ڪرائڻ سان نہ ٿيندي آھي، پنھنجي ڌرتي تي پنھنجي ماڻھن يا علائقن جي ترقي پنھنجي ماڻھن جي مفادن کي ڏسڻ سان گڏ انھن جي راءِ وٺي ٿيندي آھي، پيپلز پارٽي جي وڏي ۾ وڏي خرابي اھا آھي تہ ھو حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ اھو سمجھي ويھندي آھي تہ ھاڻ سنڌ جي اڇي ڪاري جا مالڪ اسان آھيون، اسان جو ھر فيصلو عوام جي ڀلي ۾ سمجھيو وڃي،پيپلز پارٽي جي قيادت، وزير مشير ميمبر انھي روش ۽ ھوڏ جي ڪري ووٽ وٺڻ کانپوءِتڪن ۾ بہ نظر نہ ايندا آھن ، بس حڪومت جي آس پاس يا چوڌاري جيڪو گھن چڪر، گروھي مفاد رکندڙ ٽولو آھي انھي جي آسري تي پارٽي فيصلا ڪندي اڳيان وڌندي ويندي آھي، ڪڏھن ڪڏھن وري ائين پڪڙجي پوندي آھي جئين ھاڻ ٿيو آھي،
ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت جي قبَضي ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف جڏھن سنڌ ۾ احتجاج شروع ٿي ويو، ڪراچي جي روڊن تي ابھم ٻارڙن کي ھنجن ۾ کڻي جڏھن سوين مائرون، ڀينرون، ڌئيرون، مڙس ، ٻار،جوان، پوڙھا ٻيٽن جي مالڪي جا نعرا ھڻندا حڪمرانن کي شرم ڏيارڻ لڳا تڏھن شايد پيپلز پارٽي حڪومت کي خيال آيو تہ جيڪو بہ ٿيو آھي اھو غلط ٿيو آھي، انھي کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوئيٽ بيان آيو، جنھن ۾ ھن وفاقي حڪومت جي جاري ڪيل صدارتي آرڊننس کي رد ڪرڻ سان گڏ ان آرڊيننس خلاف آئيني آپشڻ استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو،سنڌ جي حڪمران پارٽي جي چئرمين جي انھي ٽوئيٽ بيان سنڌين کي خوش ڪري ڇڏيو پر اھوبيان ڪافي نہ ھو،پيپلزپارٽي جي انھي بيان جي رد عمل ۾ بحري معاملن جي وفاقي وزير علي زيدي سنڌ حڪومت طرفان ٻيٽن بابت وفاق کي جاري ڪيل اين او سي جي ڪاپي رکي ڇڏي انھي ۾ صوبائي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن کي لکيو آھي تہ اوھان جي اجازت گهرڻ واري ليٽر جي جواب ۾ ھي خط لکي آگاھ ڪجي ٿو تہ ٻيٽن تي ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي وفاقي کي اجازت آھي پرشرط آھي تہ مھاڻن سميت سموري مقامي آبادي جوخيال رکيو وڃي. انھي ليٽر مان ظاھر ٿي پيو تہ پيپلز پارٽي جي مھرباني سان اھي ٻيٽ وفاق پنھنجي قبضي ۾ وٺڻ جا سانڀا ڪري رھيو آھي، ٻہ جولائي تي وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت کان ٻيٽ گهريا، ھڪ ڏينھن ليٽر پھچڻ ۾ لڳو باقي ٽن ڏينھن ۾ پي پي حڪومت صلاح مُشورو ڪرڻ بنا ڪنھن نادري حڪم تي وفاقي حڪومت جي ليٽر تي ڪنڌ جھڪائي ھا ڪري سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي تان ھٿ کڻي ورتو، سنڌ حڪومت جي انھي اين او سي ۾ ڪٿي واضع نہ ھو تہ اھي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن، ترقياتي ڪم جي لاءِ ھي ھي شرط آھن، جيڪڏھن ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي نيت آھي تہ وفاق سنڌ حڪومت جي مدد ڪري باقي ڪم سنڌ حڪومت پاڻ ڪرائيندي، ڳالھ جو مقصد تہ سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي جي ڳالھ ڪٿي ناھي،اھڙي ڪھڙي تڪڙ ھئي جو ٽن ڏينھن ۾ ٽپالي گهوٽ جوخط کڻي وفاق وٽ پھتو؟ ٿي سگھي ٿو تہ انھي منصوبي جي پويان پي پي قيادت کي لٺ ڏيکاري وئي ھجي يا چٺ جو ڪمال ھجي پر ڪڇ تو ھي جس ڪي پرديداري ھي،ممڪن آھي تہ انھي جي پويان تحريڪ انصاف حڪومت جا خالق بہ ھجن،ڳالھ جڏھن کلي وئي تہ سنڌ حڪومت 6 آڪٽوبر تي ڪابينا جو ھنگامي اجلاس سڏايو، جنھن ۾ قرار ڏنو ويو تہ اھي ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آھن، سنڌ صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري ٿي پر صوبائي ڪابينا انھي آرڊيننس کي سنڌ اسيمبلي مان قراداد ذريعي رد ڪرائڻ يا انھي خلاف احتجاج نوٽ ڪرائڻ جي ڪا ڳالھ نہ ڪئي آھي، صوبائي ڪابينا جي اجلاس جي ٻي ڏينھن تي سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار کي ليٽر لکي پھرين جاري ڪيل اين او سي بہ واپس وٺي ڇڏي آھي، سنڌ حڪومت انھي ٻي ليٽر ۾ ٻيٽن جي ملڪيت کي تسليم ڪري انھي تي وفاق طرفان ڪم ڪرائڻ تي بہ خدشن جو اظھار ڪيو آھي،اين او سي ختم ٿي ويو آھي، سنڌ سرڪار انھي بابت وفاق کي باضابطا خط لکي ڇڏيو آھي پر اڃان بہ اھم ڪم رھيل آھي، پيپلز پارٽي ھاڻ جيڪو ڪجھ ڪري رھي آھي اھو سڀ ڪجهھ عوام جي شديد رد عمل کان اڳ کيس ڪرڻ گهرجي ھا ڇو تہ وٽس سنڌ حڪومت عوام جي امانت آھي، ملڪ رياض، ڊي ايڇ اي ، ايجنسين، يا وري وفاقي ادارن کي زمينون ائين ورھائڻ امانت ۾ خيانت جي مثل آھي پ پ سرڪار کي انھي جو مينڊيٽ ناھي تہ جيڪو زمين گهري انھي کي بنا پڇاڻي الاٽ ڪري ڇڏيو،سنڌ جي انھن ٻيٽن تي وڏي سرڪار جي اک سدائين ميري رھي آھي،ھاڻ بہ انھن ٻيٽن يا سامونڊي پٽي تي سنڌ کان وٺي بلوچستان جي حدن تائين گهڻ ماڙ شھراڏي عالمي مارڪيٽ جو ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ وڏيون بازارون لڳائڻ جي جيڪا منصوبابندي ڪئي وئي آھي اھا صوبن جي نڙي تي لت رکي ممڪن ئي ناھي، سڀ کان اڳ تہ انھي سموري منصوبابندي کي عوام آڏو ظاھر ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪومت جيڪو غير آئيني غير قانوني آرڊيننس جاري ڪيو آھي انھي جي خلاف آئيني آپشن استعمال ڪرڻ پيپلز پارٽي جو فرض ٿو بڻجي جنھن جي بنياد تي وفاق جي راتاھي واري آرڊيننس کي رد ۽ غير فعال بنائي سگھجي، انھي سان گڏ پيپلز پارٽي انھي سموري ڪھاڻي جو پس منظور ٻڌائي تہ ٻيٽن جي معاملي ۾ اصل بينفشري ڪير آھي، اصل پريشر وجھندڙ ڌر ڪير آھي؟ وفاقي حڪومت جيڪا منصوبابندي ڪئي آھي انھي جا محرڪ ڪھڙا آھن انھي کانپوءِ پيپلز پارٽي کي ڪھڙي لالچ ڏني وئي آھي، انھن ساڳين ٻيٽن تي ڪڏھن ملڪ رياض سندرا ٻڌيو بيٺو آھي تہ ڪڏھن وري ڪا عرب ڪمپني اک رکيو ويٺي آھي، ھر دور ۾انھي سرگرمين خلاف سنڌي ماڻھن رد عمل ڏنو آھي ۽ حاڪم وقت انھي کانپوءِ پوئتي ھٽيو آھي.اھا ڳالھ عوام سمجھي ٿي پيپلز پارٽي جي حڪومت کي دماغ ۾ ويھارڻي پوندي تہ جھڙي ريت ڪراچي سنڌ جي شھ رڳ يا دل آھي ساڳي ريت انھي ڪراچي جي سامونڊي حدن جا ٻيٽ بہ سنڌ آھن، ھڪ ٻيٽ سان ڪنھن جي بہ ھٿ چراند پوري سنڌ سان ھٿ چراند سمجھي ويندي، ائين قسطن ۾ سنڌ کي لٽڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي، انھي جي ڪري اھو سڀ ڪجھ سامھون اچڻ گهرجي تہ وفاق سان ڪھڙي بنياد تي سوديبازي ٿي آھي؟ عمران خان جي سھوليتڪاري جي بدلي پيپلز پارٽي کي ڇا ملندو؟جيڪڏھن سنڌ جي ٻيٽن جي خاطر ڪنھن فرد يا ڪجھ فردن جا ڪيس ختم ٿا ٿين تہ اھو سودو سنڌ کي قبول ناھي، انھن سياسي ڪيسن جي پويان جيڪو بہ ليکو چوکو آھي انھي کي سنڌ جي قيمت تي چڪتو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي،ڇاڪاڻ جو سنڌي قوم ھاڻ ٻيٽن جي نالي تي پيٽن جي سياست ڪرڻ نہ ڏيندي، پيپلز پارٽي جي لڪ چپ ۾ ڪيل سوديبازي تي پيپلز پارٽي کي سنڌ کان نہ رڳو معذرت ڪرڻ گهرجي پر سنڌ سان وچن ٿيڻ گهرجي تہ سندن رضا کان سواءِ لڪ ڇپ ۾ نہ ڪو فيصلو ٿيندو نہ معاھدو نہ وري اين او سي جاري ٿيندو، ساڳي ريت انھن ٻيٽن يا سنڌ جي وجودسان لاڳاپيل سمورن انھن ڳجھن معاملن کي وقت جي حڪومت ظاھر ڪري، سنڌ جي ملڪيت، اثاثن، وسيلن کي ذاتي وسيلا يا ملڪيت سمجھڻ بدران عھد ڪرڻ گهرجي انھي قسم جي ڪنھن بہ منصوبابندي ۾ حڪومت يا پارٽي سھوليتڪار نہ بڻجي،انھن ٻيٽن کي پنھنجي ملڪيت قرار ڏيڻ ڪافي ناھي سنڌ حڪومت انھن ٻيٽن جي ترقي جي لاءِ پنھنجي نگراني ھيٺ اٿارٽي يا ادارو جوڙي، اتي جي مقامي ماڻھن کي پاڻ ترقي وٺرائي، جيستائين وفاقي حڪومت جو سوال آھي تہ وفاق جنرل ايوب جيان انھن ٻيٽن تہ ڇا پر سنڌ کي ون يونٽ سمجھي ٿو، انھي جو اظھار شبلي فراز ڪري چڪو آھي تہ پاڪستان کي اسان ھڪ ملڪ سمجھون ٿا جتي ترقي جي ضرورت آھي اتي ترقياتي ڪم ڪرائينداسين .