علي محمد ميمڻ
سنڌ ۾ قومي سياست ۽ قومي ضرورتن جي حوالي سان مختلف سياسي فڪر ۽ فلسفن تي ٻڌل سياسي تحريڪون ۽ ترقي پسند ۽ قوم پرست ڌرين جون سرگرميون هلندڙ آهن. سنڌ جي عوام ۾ سڀ کان وڌيڪ مڃتا ۽ قبوليت، پارلياماني جمهوري سياست ۽ سرشتي کي حاصل آهي.جنهن ۾ سنڌ جو عوام ملڪ جي وفاقي سرشتي واري جماعتن کي ئي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي صوبي ۽ قومي حقن ۽ مفادن جي حفاظت لاءِ انهن ڌرين کي ئي پنهنجو ۽ ذميوار سمجهي ٿو. سنڌ ۾قوم پرست سياست اڃا تائين عوام ۽ قوم کي متاثر ڪري نه سگهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڌر، جماعت يا گروپ کي قوم وٽ ڳاڻيٽي جيتري ڪا مقبوليت ريڪارڊ تي اچي سگهي آهي جنهن موجب موجوده قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلي ۾ ڪي سيٽون حاصل آهن.جڏهن ته سموريون قوم پرست جماعتون ۽ گروپ پنهنجي سوچ ۽ فڪر موجب، سنڌ ۽ سنڌي قوم جا سڀ کان وڌيڪ همدرد ۽ اونو رکندڙ ڌريون هئڻ جون دعويدار پڻ آهن.
اهڙي قسم جي صورتحال ۽ قوم ۾ قوم پرست سياست جي غير مقبول هئڻ وارا سوال سائين جي ايم سيد جي حياتي ۾پڻ اڀري سامهون آيل هئا، جنهن تي اسانجي جي هڪ سينئر صحافي ۽ ايڊيٽر انور ساجدي طرفان سائين سان جنگ اخبار لاءِ ڪيل سندس انٽرويو ۾ سوال ڪيو ويو ته اوهين ته سنڌي قوم جي حقن ۽ مفادن جي علمبردار هئڻ جا ايڏا وڏا دعويدار آهيو پر قوم ته اوهان سان گڏ ئي نه آهي ته انهيءَ جي جواب ۾سائين جو چوڻ هو ته منهنجو پنهنجي قوم سان عشق سچو آهي، باقي قوم پنهنجي مرضي جي مالڪ آهي.
ملڪ ۾ وفاق ۽ صوبن جا سمورا سياسي، انتظامي معاملا ۽ وهنوار ملڪ جي جمهوري ۽ پارلياماني سرشتي ۽ ملڪ جي 1973ع واري آئين جي چوڦير هلي رهيو آهي. وفاقي آئين ۽ حڪومتي سرشتي جي بنياد ۾قديم سنڌو ماٿري وارو ملڪ ۽ قديم قومن جي وفاق وارو فڪري، سياسي، معاشي ۽ ثقافتي سرشتو روحاني ۽ قدرتي فڪر ۽ فلسفو مضبوطي سان قائم ۽ سرگرم عمل آهي، ملڪ جي جي صورت ۾ قومن جي هن قدرتي وفاق کي سمجهڻ ۾ قوم پرست ڌريون اڪثر غلطي ڪري وڃن ٿيون ۽ سنڌو ماٿري واري هن وفاق کان ڌار ٿيڻ ۽ ورهائڻ واري ڳالهه ڪري پنهنجي قوم ۽ قومن جي برادري ۾ جوابدار بڻيل آهن. پاڻ تي انتها پسند، نفاق پکيڙيندڙ ۽ انتشار واريون ڌريون هئڻ جي تهمتن جو شڪار ٿي رهيون آهن. سنڌ جي قوم پرست ڌرين بابت اهڙي قسم جي راءِ عامه يا عوامي رايو ٺهي وڃڻ جا نتيجا پنهنجي قوم ۾ هر جاءِ تي مشاهدو ۽ تجربو ڪري سگهجن ٿا. سنڌي قوم پنهنجي حال ۽ مستقبل جي ڪابه ذميواري يا پنهنجي اعتبار جي امانت قوم پرست ڌرين جي حوالي ڪرڻ يا انهن کي پنهنجي اعتماد يا اعتبار جي قابل اڃا قرار ڏئي نه سگهي آهي. جڏهن ته ان جي ابتڙ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ قوم پرست جماعتون اتي جي قومن ۽ عوام ۾ تمام گهڻيون مقبول آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا پنهنجيون حڪومتون پڻ قائم ڪري چڪيون آهن. سنڌي قوم ۾ قوم پرست ڌرين بابت عام راءِ ۽ سندن قول ۽ عمل بابت رايو ڇا آهي اها ڪنهن کان به ڳالهه ڳجهي ناهي. يقينن اهڙي قسم جي صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ سمورين ڌرين کي ٿڌي دل ۽ دماغ سان پنهنجو جائزو وٺڻ ۽ پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کي قوم جي مفادن مطابق بنائڻ سان گڏو گڏ سياسي ڌرين کي پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ شفاف هئڻ ۽ قوم وٽ قابل قبول بنائڻ يقينن لازمي معاملو آهي.
سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، سموري ملڪ جي مقبول جماعت هئڻ علاوه سنڌ جي اڻ اعلانيل قوم پرست جماعت طور پڻ مقبول ۽ ڪامياب آهي.نه صرف اهو پر هو ڪيترائي ڀيرا پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان صوبن ۾ پڻ پنهنجيون حڪومتون قائم ڪري ۽ هلائي چڪي آهي. ان ڏس ۾غور ۽ فڪر واري ڳالهه اها پڻ آهي ته هن جماعت جي حڪومت هجي يا اها مخالف ڌر جي صورت ۾موجود هجي پرهن جماعت پنهنجو موقف هميشه واضح رکيو ۽ سموري ملڪ ۾ جدوجهد ڪندي رهي آهي ۽ پنهنجي قيادت چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کان علاوهه سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي اصولن تي شهادت ۽ قيد و بند جون وڳنائون ڀوڳڻ جي باوجود پنهنجي موقف تي قائم ۽ دائم رهڻ هڪ نظرياتي جماعت جو ئي جوهر، نتيجا، مثال ۽ علامتون ٿي سگهن ٿيون. هن جماعت پختونن کي سندن قومي سڃاڻپ وارو صوبو خيبر پختونخواهه ڏيارڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ۽ بلوچستان ۾ قومي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۾ قوم پرست ڌرين کي هر ممڪن مدد مهيا ڪئي. پنجاب ۾ ون يونٽ جي دور ۾ ضم ڪيل بهاولپور رياست کي ڌار ڪري سرائيڪي قوم کي پنهنجو ڏکڻ پنجاب صوبو ڏيارڻ لاءِ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ صدرمملڪت آصف علي زرداري مسلم ليگ نواز کي پنهنجي حڪومت ۾ اڌ جو حصيدار بڻائي پنجاب اسيمبلي کي ڏکڻ پنجاب صوبو منظور ڪرايو ۽ سينيٽ مان اهو بل پاس ڪري قومي اسيمبلي تائين پهچايو. اهڙي ريت وفاقي ۽ سمورين قومن جي هڪ ئي وقت ۾ حقن لاءِ عملي جدوجهد وارو اهو ڪردار وفاق مخالف ۽ ون يونٽ وارين ڌرين کي ڪڏهن به قابل قبول ناهي رهيو، جنهن جي سزا پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت کي لڳاتار ڀوڳڻي پڻ پئجي رهي آهي.
سنڌ جي سياست ۾ ترقي پسند ڌرين جو ڪردار پڻ تمام اهميت وارو رهيو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي انقلابي جماعتن ۽ انهن جي قيادت ۾ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، فاضل راهو، عباسي، عبدالواحد آريسر واضح فڪري مرڪزن طور مشهور ۽ مقبول رهيون آهن، سنڌ جي ترقي پسند قوم پرست طور مشهوري ماڻيندڙ مدبر ، دانشور، ذهين وڪيل رسول بخش پليجي جو پنهنجي دور ۾ لاهور جي هڪ سيمينار ۾ڪيل مشهور خطاب يادگار ۽ وڏي اهميت وارو آهي، پليجي صاحب جي هن خطاب ۾ سنڌي قوم ۽ وفاق پاڪستان جي حقيقي وڪيل طور ڪيل خطاب اڄ به پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي رڪارڊ تي آهي، جنهن موجب ” پاڪستان تاريخي طور تي هن خطي جي قومن جو گڏيل ملڪ ۽ وفاق آهي پر هن ملڪ کي مذهب جي نالي ۾ هندستان جي سمورن مسلمانن جو ملڪ بنائڻ ۽ سمورن کي هتي آڻي گڏ ڪرڻ وارو ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي اهو عمل نه صرف هن ملڪ جي سمورين ننڍين قومن لاءِ هاڃيڪار ٿيندو پر ان سان گڏ هڪ وقت اهڙو به ايندو جو پنجابي قوم جيڪا هن وقت ملڪ جي سڀ کان وڏي قوم آهي اها پڻ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ پو هن ملڪ تي ٻاهرين ۽ ڌارين جي حڪمراني قائم ٿي ويندي ۽ پنجابي قوم پڻ ننڍين قومن وانگر احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي“. رسول بخش پليجي تمام وڏي ساڃهه واري ۽ دنيا جي سمورن خطن کان مسلمان آڻي ملڪ ۾ گڏ ڪرڻ بابت چتا ڏيڻ جي حوالي سان يقينن دور رس ۽ قيمتي ڳالهه ڪئي ۽ اهڙي ريت هن سنڌي قوم سميت وفاق جي سمورين قومن جي بقا ۽ سلامتي جو به ڪيس ڪاميابي سان اجاگر ڪيو.