اڃان ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو ڪراچي ۾ هڪ وڏي صنعتڪار سان ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه پئي ٿي. هن ڪيتريون ئي اندر جون ڳالهيون ٻڌايون پر، جيئن ته صنعتڪار ڪنهن ڦڏي ۾ پوڻ نه چاهيندا آهن، ان ڪري هن سڀ ڳالهيون آف دي ريڪارڊ ڪيون، انڪري ان جو نالو هتي نه ٿو لکان پرسندس ڪيل هڪ ڳالهه جي هڪ ڏينهن ۾ ئي تصديق ٿي وئي.
هُن، ناڻي جي وفاقي صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ ۽ ناڻي جي وفاقي سيڪريٽري يونس ڍاڳا جي وچ ۾ اختلاف ڪهڙي ڳالهه تي ٿيا هئا. تن اختلافن جو نتيجو ڇا نڪتو؟ اهي تفصيل پوءِ ٿو لکان پهريون اهو ٻڌايان ته صنعتڪار سان ڪچهري اربع ڏينهن 2 آڪٽوبر تي ٿي ۽ ڪالهه خميس ڏينهن 3 آڪٽوبر اسلام آباد مان خبر آئي ته يونس ڍاڳا کي وقت کان اڳ رٽائرٿيڻ جي سندس درخواست قبول ڪندي کيس رٽائر ڪيو ويو آهي.
اها خبر پڙهي، مونکي ان صنعتڪار جي ايتري با خبر ۽ اندر جون خبرون رکڻ تي يقين ٿي ويو. ان صنعتڪار جو اهو شرط هو ته ڪچهري ۾ جيڪا به ڳالهه ٻولهه ٿيندي، بعد ۾ ان جو نالو ڪٿي به حوالي طور ذڪر هيٺ نه ايندو. انڪري مان ساڻس ڪيل واعدي مطابق سندس نالو ته نه ٿو لکان پر هن جيڪي ڳالهيون ڪيون انهن جو ذڪر هتي ضروري ٿو سمجهان، جو اهي ڏاڍيون اهم آهن.
آئي ايم ايف سان ڳالهيون شروع ٿي چڪيون هيون، اڃان اسد عمر ناڻي جي وفاقي وزارت تان نه هٽيو هو. ناڻي جو وفاقي سيڪريٽري محمد يونس ڍاڳا هو. آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران ئي اسد عمر کي ناڻي جي وفاقي وزارت تان هٽايو ويو. پر سيڪريٽري يونس ڍاڳا ئي هو.
جيڪب آبادي، ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي باري ۾ گهڻن کي خبر هوندي ڇو ته هو سنڌ ۽ وفاق ۾ ناڻي جو وزير رهي چڪو آهي. معاشي ماهر يا سياستدان طور سندس نالو مشهور آهي. يونس ڍاڳا، بيوروڪريٽ رهيو آهي، کيس گهڻا ماڻهون سڃاڻيندا هوندا پر هو، لو پروفائيل رهندو آيو آهي، ڪيترا ماڻهو کيس شايد نه سڃاڻيندا هجن.
محمد يونس ڍاڳا کي سنڌ سيڪريٽريٽ جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي چڱيءَ طرح سڃاڻندا هوندا. جو هو چڱو، ملنسار ۽ برجستو آفيسر رهيو. هو اصل ۾ ميمڻ آهي ۽ سنڌي سندس ٻولي آهي. هو جڏهن 2008 ع ۾ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ڪول اينڊ اينرجي ڊپارٽمنٽ هو ته هن اينگرو ڪمپنيءَ سان معاهدي سميت، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ٿرڪول لاءِ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وري سيڪريٽري انويسٽمنٽ ڊپارٽمنٽ ٿيو ته هن جهمپير گهارو ۾ ونڊ اينرجي پروجيڪٽ کي متعارف ڪرايو. منهنجي خيال ۾ 2014ع ۾ سندس خدمتون وفاق جي حوالي ڪيون ويون. جڏهن سنڌ ۾ هو ته ساڻس خبرن جي حوالي سان رابطو رهندو هو.
سو ڳالهه پئي هلي عمران خان گورنمنٽ ۾ اسد عمر جي وزارت وڃڻ ۽ ان جي جاءِ تي ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي اچڻ جي. آئي ايم ايف ٽيم سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ اهم ڪردار يونس ڍاڳا جو به هو. ان صنعتڪار مطابق جڏهن پرڏيهه ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ڪري يونس ڍاڳا واپس اچي ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي رپورٽ ڏني ته هو، آءِ ايم ايف سان اها ڳالهه تي طئي ڪري آيو آهي ته ڊالر وڌ ۾ وڌ 144 روپين کان وڌيڪ نه ويندو ۽ قرض جو انٽريسٽ ريٽ 9 سيڪڙو هوندو. جنهن تي ڊاڪٽر حفيط شيخ تپي ويو ته توهان ڊالرجي مٽا سٽا جي رقم جي حد ڇو مقرر ڪري آيا آهيو، اهو ته مارڪيٽ تي ڇڏيو، جيڪو اتي وڌي يا گهٽجي. جنهن تي ڍاگا جو موقف هو ته ائين ته ڊالر ڪنٽرول ۾ ئي نه رهندو، سٺ کان مٿي هليو ويندو. ڊاڪٽر حفيظ جو موقف هو ته ڊالر مٿي وڃي ٿو ته اهو مارڪيٽ جو فيصلو هوندو. ته ڍاڳا وري موقف رکيو ته ڊالر جي اڏار سان جيڪا مهانگائي وڌندي ان جو ڇا ٿيندو. شيخ صاحب جو ضد هو ته اسان مارڪيٽ کي هڪ دائري ۾ نه ٿا رکي سگهون، مهانگائي جو رستو به پاڻ نڪري ايندو. ٻئي ان مسئلي تي تکا مٺا ٿيا.
ڍاڳا، وزيراعظم کان ٽائيم وٺي ان وٽ ويو ۽ کيس بريفنگ ڏني ته توهان پاڻ حڪومت کان اڳ چوندا آيا آهيو ته ڊالر هڪ رپيو به وڌيو ته مهانگائي وڌندي، هاڻي جي ڊالر کي آزاد ڇڏي ڏيندا ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويندو. پر وزيراعظم عمران خان جڏهن ان معاملي تي ڊاڪٽر شيخ سان ڳالهايو ته سندس ورندي هئي ته يونس ڍاڳا کي نه رڳو ناڻي جي سيڪريٽريءَ جي پوسٽ تان هٽايو پر، ٻيو ڪو کاتو ڏيڻ بجاءِ کيس او ايس ڊي بڻايو وڃي.
ائين يونس ڍاڳا کي او ايس ڊي بڻايو ويو ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو. يونس ڍاڳا 9 سيڪڙي انٽريسٽ ريٽ تي طئي ڪري آيو هو، هاڻي معاهدو ٿيو ته انٽريسٽ ريٽ 13 سيڪڙو وڃي بيٺو ۽ ڊالر آزاد. هاڻي مهانگائي جي صورتحال توهان جي سامهون آهي.
ان صنعتڪار جو چوڻ هو ته ڪجهه مهينا اڳ پي ٽي آءِ جي ئي هڪ وفاقي وزير چيو ته مان يونس ڍاڳا کي پنهنجي کاتي ۾ وٺي اچڻ ٿو چاهيان، هو لائق آفيسر آهي. جنهن تي صنعتڪار کيس چيو ته ڊاڪٽر حفيظ سان لاڳاپا خراب ڪرڻا اٿئي يا ڍاڳا کي اڃان به اڳتي ڪرڻو اٿئي ته ڀلي ائين ڪر. جنهن کانپوءِ اهو وفاقي وزير به چپ ڪري ويهي رهيو.
ڪالهه، خبر آئي ته ان دوران يونس ڍاڳا وڌيڪ بيعزتي برداشت ڪرڻ کانسواءِ، وقت کان اڳ رٽائرمنٽ جي درخواست ڏني جيڪا وفاقي حڪومت منظور ڪري ڇڏي.
هن سڄي صورتحال تي لکڻ جو مقصد اهو هو ته وفاقي سطح تي بيوروڪريسي ۽ وزيرن وچ ۾ صورتحال ڪهڙي حد تي پهتل آهي، ان جو هي هڪ مثال آهي. اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته وفاقي پلاننگ جي کاتي جا آفيسر ڪنهن به منصوبي تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، هڪ ڊپٽي سيڪريٽري ته وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چئي ڏنو ته جنهن طريقي سان نيب هٿان بيعزتو ٿيڻو ٿو پوي، مان ڪيترا دفعا پاڻ کي هن عهدي تان هٽائڻ جي گذارش ڪري چڪو آهيان پر مونکي هٽايو نه ٿو وڃي، اميد ته اڄوڪي پريزنٽيشن کانپوءِ مونکي منهنجي عهدي تان هٽايو ويندو.
وفاقي ديڳڙيءَ ۾ ڇا ٿو پچي، ان جو ڍڪ کليو ته گهڻن کي وات ۾ آڱريون اچي وينديون، ڍاڳا ويچارو ته اڃان ننڍو قصو آهي. ”ايماندارحڪومت“ جا احوال ته اڃان سامنهن اچڻا آهن، رڳو ڏسندا وڃو.