پنج ڏينهن اڳ، 23 اپريل تي هن صفحي تي منهنجو هڪ تجزيو “سنڌ جي ڪورونا کانپوءِ ڪهڙي تياري آهي” ڇپيو، جنهن ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو هو ته، ائين لڳي ٿي ته ڪورونا جي حوالي سان صوبن پاران استعمال ڪيل اختيارن کانپوءِ هن صورتحال کانپوءِ پهريون هٿ، ارڙِهين ترميم ۾ وڌو ويندو.
هن تجزيئي کان فقط چار ڏينهن پوءِ، ڪالهه مختلف ٽي وي چينلز تي وفاقي وزير اسد عمر سميت ٻين وفاقي وزيرن جي حوالي سان پروگرام هليا ته وفاقي حڪومت ارڙهين ترميم ۾ تبديليون ڪرڻ جو سوچي رهي آهي ۽ ان حوالي سان مختلف سياسي پارٽين سان رابطو ڪيو ويندو.
پهرئين ڳالهه ته اسان جو کٽڪو درست ثابت ٿيو ته وفاقي حڪومت ۽ اهم ڌريون، ارڙهين ترميم مان خوش نه آهن. ڪهڙن به حيلن بهانن سان ان ترميم کي، ٻين ترميمن ذريعي ختم ڪرڻ جا سانباها ڪيا ويندا. ان حوالي سان وفاقي حڪومت جي نيت ٺيڪ ناهي.
ٻيو ته هڪ طرف سڄو ملڪ هڪ خطرناڪ وبا سان منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪ ۾ اتحاد ۽ وبا جي خلاف گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت آهي پر، بلڪل ان وقت وفاقي حڪومت جي اهم ماڻهن پاران بي وقتي راڳڻي شروع ڪئي وئي آهي. ان سان هو ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهن ٿا.
نمبر پهريون، ته ڪورونا جي حوالي سان وفاقي حڪومت تي ٿيندڙ تنقيد تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ شو شو ڇڏيو وڃي ته جيئن ميڊيا ۽ سياسي ڌريون، هن ڪم سان لڳي وڃن، ته جيئن وفاقي حڪومت کي ساهي کڻڻ جو وقت ملي وڃي.
نمبر ٻيو، ته هن ڏکئي وقت ۾ ارڙهين ترميم جي حوالي سان ماڻهن جي نبض ڏسي وٺجي، ته ڪيتري پاڻي ۾ آهن، جي ٿڌا آهن ته سٽ ڏئي وٺجي. آزمائڻ ۾ ڇا آهي؟
نمبر ٽيون، حڪومت واقعي تمام گهڻي سنجيده آهي، ۽ اُها صوبن جي انهن اختيارن مان جند ڇڏائڻ لاءِ وفاقيت مان مرڪزيت طرف هلي وڃي. جيئن ون يونٽ وانگر سمورا اختيار مرڪز ڏانهن هليا وڃن، ۽ سمورن صوبن ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ هجن.
نمبر پهرين جي حوالي سان منهنجي راءِ آهي ته، پنهنجي ناڪامي تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا شوشا ڇڏڻ بجاءِ، وفاقي حڪومت کي سنجيدگي سان وبا جي خلاف صوبن سان گڏيل صلاح مصلحت سان گهڻ طرفي پاليسي جوڙي، ان تي عمل ڪرڻ گهرجي، جو اهو ئي هن مسئلي مان نڪرڻ جو حل آهي. اهو حل ناهي ته اهڙا، افوا يا چڻگائي تيليون ڇڏي ملڪ ۾ وڌيڪ انتشار پکيڙيو وڃي. ياد رهي ته اهڙين چڻگائي تيلين مان ڪکائن گهرن کي باهه به لڳي ويندي آهي. اهڙي عمل ذريعي حڪومت لاءِ وقت حاصل ڪرڻ واري سوچ به خطرناڪ آهي. ان ڪري اهو مسئلي جو سنجيده ۽ مستقل حل نه آهي.
ٻيو ته هي وقت اهڙن معاملن جي حوالي سان سوچ ماپڻ جو ناهي. هن وقت عوام کي رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي. آزمائشن ۾ وجهڻ جو نه. اهو هڪ اهڙو طريقو آهي جيڪي ڏوهاري استعمال ڪندا آهن. توهان ڏٺو هوندو ته اڪثر حادثن ۾ ڪجهه ڏوهاري ذهنيت جا ماڻهو زخمين ۽ مئلن جي کيسن مان رقم ڪڍي، هٿن ۽ ڳلي مان سونا زيور لاهي وٺندا آهن. انهن جون قيمتي شيون لمائي ويندا آهن. بلڪل اهڙي طرح هن ڏکئي وقت ۾ جڏهن سڀني صوبن جا ماڻهون پنهنجون جانيون بچائڻ ۾ پورا آهن، هر ڪنهن کي پنهنجي ساهه جي لڳي پئي آهي، عين ان وقت وفاقي حڪومت پاران اهڙي ڪارروائي ڪرڻ، پاڪستان جي عوام سان دوکو يا انهن جي حقن جي لٽ مار ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو. انڪري اهڙي حرڪت کان پاسو ڪيو وڃي ته بهتر هوندو.
ٽيون ته مرڪزيت، ۽ صدارتي نظام جا تجربا هن ملڪ ۾ ٿي چڪا آهن. اهڙن تجربن جا نتيجا اهي نڪتا ته ملڪ ٻه ڀاڱا ٿي ويو. ترقي رڪجي وئي، ملڪ جي ماڻهن جي جيڪا حالت بهتري ڏانهن وڃڻي هئي، نه وڃي سگهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ ملڪ ۾ ڪجهه ٺاپر آهي، صوبا پنهنجي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. صوبن ۾ ادارا ٺهي رهيا آهن. رفتار سست ئي سهي پر ڪم ٿي رهيا آهن. قانون ٺهي رهيا آهن. صوبن ۾ مڪاني ادارن کي وڌيڪ فعال، متحرڪ ۽ با اختيار هجڻ گهرجي. ان لاءِ صوبن ڱي صلاحون ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ جي َضرورت آهي. اهو ئي بهتر حل آهي. مرڪزيت ملڪ کي ڪمزور ڪندي. ڏنڊو ملڪ ۾ محبتون نه نفرتون پيدا ڪندو. انڪري اهڙي سوچ کي ئي ڇڏيو وڃي. ان حوالي سان ڪا به جمهوري سوچ رکندڙ پارٽي، مرڪزيت جي حمايت نه ڪندي. انڪري ان اسڪيم تي پنهنجيون توانايون وڃائي ماڻهن کي توائي ڪرڻ بجاءِ، ٿڌي دل سان دنيا ۾ ايندڙ انسان دوست تبديلين مان سکڻ گهرجي.
ارِڙهين ترميم جي حوالي سان هن ڏکين حالتن ۾ وفاقي وزيرن جو شو شو ڇو نه هجي، پر سمورين جمهوريت پسند ۽ 18 ترميم کي تيار ۽ پاس ڪرائيندڙ پارٽيون پنهنجو سڌو، تز، موقف ڏين. وفاقي وزيرن تي اهو دٻاءُ وجهن ته هنن ڏکين حالتن ۾ اهو ڦٽن تي ويتر لوڻ نه ٻرڪين.
هي تجزيو لکڻ دوران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي پاران ارڙهين ترميم جي حوالي سان چٽو موقف ته اچي ويو آهي ته وفاقي حڪومت 18 هين ترميم جي غلط تشريح ڪري پنهنجي ذميدارين کان فرار اختيار نه ٿي ڪري سگهي. ان جو تفصيلي انٽرويو بي بي سي ويب سائٽ تي موجود آهي.
عوامي نيشنل پارٽي، مسلم ليگ (ن) پاران ارڙهين ترميم ۾ تبديلي جي مخالفت ڪئي وئي آهي. مسلم ليگ (ن) کي اڃان وڌيڪ چٽي موقف سان سامهون اچڻو پوندو.
رڳو ارڙهين ترميم جو مسئلو ناهي. عالمي وبا کانپوءِ، سموري ملڪ ۽ ان جي هر صوبي ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿيڻو آهي. ان حوالي سان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ لاڳاپا، ۽ صوبن ۾ اندر نئين صورتحال، هڪ نئين صف بندي ٿيڻي آهي. ان حوالي سان ٻين صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ کي پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي. ان تي ماهرن جون ويهڪون، بحث، مباحثا، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻي آهي جيئن مستقبل جي درست، عوام ۽ غريب دوست پاليسي ٺهي سگهي.