ابراھيم ڪنڀر

وزيرن جي مثالي ڪارڪردگي، پر وزيراعظم ڇا ڪيو آھي؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراهيم ڪنڀر

ھن ملڪ جي اصل مالڪ عوام آھي، ملڪ عوام جي لاءِ ٺھيو آھي، ھڪ طرف عوام جون مھانگائي، بيروزگاري، بک، بدحالي،حڪومت جي ناڪامي ۽ نااھلي جون دانھون آھن ٻي طرف وزيراعظم پنھنجي وزيرن کي اعلي ڪارڪردگي جا سرٽفڪيٽ عطا ڪري رھيو آھي اھو فارسي جي چوڻي جي عين مطابق آھي تہ من ترا حاجي بگويم، تو مرا ملا بگو، وزيراعظم وزيرن کي حاجي چئي رھيو آھي موٽ ۾ ھڪ ٻن وزيرن کي ڇڏي باقي سڀ وزير وزيراعظم کي ملا چئي رھيا آھن، يعني ھڪٻئي جي تعريف،انھي کي ٻين لفظن ۾ ناني ويڙھو بہ چئي سگھجي ٿو،23 وزارتن ۽ ڊويزنن مان ڪارڪردگي جي بنياد تي ڏھن وزيرن کي ڪارڪردگي سرٽفڪيٽ ۽ انعام اڪرام سان نوازيو ويو آھي انھن وزارتن جي انفرادي ۽ حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي تي لکجي تہ ھزارين صفحا ڀرجي وڃن پر پاڻ ٿورو ٿورو تفصيل انھن وزارتن جو لکنداسين جن کي ڪارڪردگي سرٽفڪيٽ مليا آھن، جيڪي رھجي ويا آھن انھن مان ڪيترا حقدار ھئا ۽ وزيراعظم ڇا جو حقدار آھي ؟وفاقي وزير مراد سعيد عمران خان سان ساٿ نڀائڻ جيان وزارتي ڪارڪردگي ۾ بہ نمبر ون پوزيشن حاصل ڪئي آھي، ٻيو نمبر اسد عمر کي ڏنو ويو آھي، پاڻ پھرين انھن ڏھن وزارتن جو ذڪر نہ ٿا ڪريون جن کي انعام اڪرام سان نوازيو آھي پر پاڻ پھرين انھن وزارتن جو ٿا ڪريون جيڪي ڪارڪردگي جي ڊوڙ ۾ پويان آھن،سچ اھو آھي تہ ھتي کوڙي کي ئي گهمرو آھي.
پھرين ناڪام وزارتن جو ذڪر ٿا ڪريون، انھن کي بہ حڪومتي ڪميٽي ناڪام نٿي سڏي، سڀني وزرتن کي اسي اسي نمبر ڏنا ويا آھن، اقتصادي معاملن جي وزارت انھن سڀني وزارتن کان پويان يعني آخري 23ھين نمبر تي آھي، اقتصادي معاملن جو سڌو سنئون تعلق ٻاھرين امداد، قرض، پئسو، گرانٽ، ڏيتي ليتي سان آھي، ھن وقت انھي وزارت جو قلمدان عمر ايوب وٽ آھي ڪجھ مھينا اڳ جنرل ايوب خان جي پوٽي وٽ انرجي جي وزارت ھئي ۽ وزيراعظم صاحب سندس ساراھ ڪندي نہ ٿڪبو ھو،پر عمر ايوب انرجي ۾ ڪو ٻوٽو نہ ٻاريو ھن جون سڀ پريس ڪانفرنسون، بيان رڪارڊ تي آھن، ھن رڳو ۽ رڳو نواز ليگ حڪومت خلاف ڳالھايو، گردشي قرضن کي اپوزيشن جي کوٽيل بارودي سرنگھن سان ڀيٽيون پر مزي جي ڳالھ تہ عمر ايوب پاڻ نواز ليگ جي حڪومت سان گڏ رھيو، ماڻھن کان اھو وسريوئي ناھي، انرجي وزارت ۾ سندس ڪارڪردگي اھڙي ھئي جو کيس اتان ھٽائي جنھن وزارت جو قلم ڏنو ويو آھي اھا سڀني کان پويان آھي.
ڪارڪردگي ۾ 22ھين نمبر تي منشيات جي روڪٿام واري وزارت آئي آھي جنھن جو وزير برگيڊئر اعجاز شاھ آھي،انھي شخص جي حوالي ملڪ جي اھم گهرو وزارت ڪئي وئي ھئي، ھن وقت سندس ڪارڪردگي سيڪنڊ لاسٽ نمبر تي آھي تہ پاڻ اندازو لڳايو تہ گهرو وزارت ۾ ھن ڪھڙا گل ڇنڊيا ھوندا؟ پاڻ حڪومتي ڪارڪردگي کي ھيٺين نمبر کان ڏسي رھيا آھيون، انھن ٻن وزارتن کانپوءِ پاڻي وسيلن جي وزارتن جو نمبر اچي ٿو، پاڻي ھن ملڪ اھم ۽ حساس اشو آھي وزيراعظم انھي اھم وزارت کي ھڪ اھڙي غير سنجيدہ شخص حوالي ڪيو ھو آخر ۾ کيس ڪوڙ ڳالھاائڻ جي بنياد تي اليڪشن ڪميشن تاحيات نااھل ڪري ڇڏيو آھي، فيصل واوڊا وزيراعظم جو خاص دوست آھي، وزيراعظم سندس ڪوڙ کي تحفظ ڏنو ھن کيس بچائڻ جي لاءِ سينيٽ جو ٽڪيٽ بہ ڏنو پر اليڪشن ڪميشن کيس نااھل ڪيو، پاڻي جي ورڇ، بجلي جي پيدوار، زراعت جي ڪاڪردگي، صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو نازڪ ترين معاملو يا پاڻي جي ورڇ جي اٿارٽي جي نگراني ڪرڻ ھن وزارت جو ڪم آھي، پاڻي وسيلن جي وزارت جي ڪاڪردگي 20 ھين نمبر تي آھي ھاڻ ھي وزارت پرويز الاھي جي فرزند ارجمند مونس الاھي وٽ آھي، پر جڏھن فيصل واوڊا وزير ھو تہ اھو فرمائيندو رھندو ھو تہ جيڪڏھن سنڌ حڪومت ڪراچي جي پاڻي جو مسئلو حل نہ ڪيو تہ پاڻي جي ڪنجي وفاق وٽ آھي اسان سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏينداسين، مونس الاھي جي تازي ڪارڪردگي ۽ فيصل واوڊا جي پراڻي ڪارڪردگي ملائي نتيجو مڙئي ٻڙي آھي، انھي جي ڪري پاڻي وسيلن جي وزارت جي ڪارڪردگي ويھن نمبر تي آھي،
عوامي ٽرانسپورٽيشن جي حوالي سان ريلوي واري وزارت اھم آھي، ڊگھي مدي تائين ريل جون واڳون شيخ رشيد وٽ رھيون، شيخ رشيد وزارت سنڀاليندي پھرين ٽاڙھيو ئي ڪامورن ۾ وڌو، ڪامورن ساڻس اھڙو حشر ڪيو جو ڪڏھن ريلوي وقت تي نہ ھلي نہ آخري اسٽيشن تي پھتي،ايستائين جو ھڪ ڀيرو ريلوي وزير پاڻ ريل گاڏي ۾ اسلام آباد کان لاھور وڃي رھيو ھو تہ انھي ريل جو انجڻ بہ فيل ٿي ويو، سندس دور ۾ ئي وڌ ۾ وڌ حادثن جو شڪار ٿي، پاڻ ڪڻن ذريعي ريلوي ۾ نوڪريون ڏنيون،ايمانداري جو ڪمال اھو ھو جو نوڪرين جا سڀ ڪڻا شيخ رشيد جي پنھنجي تڪ جي بيروزگار نوجوانن جا نڪتا، جڏھن تہ سموري ملڪ جي نوجوانن جي لاءِ ريل ۾ روزگار جا در بند ٿي ويا، بعد ۾ حڪومت انھي قرعہ اندازي کي ختم ڪري ڇڏيو، جنھن جي ريلوي ۾ اھا ڪارڪردگي ھجي انھي کي وري گهرو وزارت جي پنجن ستن مھينن جي ڪارڪردگي تي انعام ڏنو ويو ڇا اھو اھو کليو تضاد ناھي تہ ڇا آھي.
اسٽبلشمنٽ ڊويزن ملڪ جي بيوروڪريسي جي حوالي سان آھي انھي جو وزير بقلم پاڻ يعني وزيراعظم آھي انھي جي ڪارڪردگي بہ ماشااللہ 18 نمبر تي آھي،ڪاموراشاھي ۾ من پسندي، اقرباپروري، بي اعتباري، ڪامورن کي ٻين جي خلاف استعمال ڪرڻ جا قصا اڳيان ھلي کلڻا آھن. جڏھن تہ ڪارڪردگي جي لحاظ کان 17 ھين نمبر تي ملڪ جي معاشي وزارت اچي ٿي، معيشت يا ناڻي جي وزارت ڪنھن ملڪ جي ڪرنگھي مثل آھي، ملڪ جي سموري گذرگاھ جو مرڪز ناڻي جي وزارت آھي، انھي وزارت ۾ جيڪي جيڪي تجربا ٿيا اھي بہ اسان جي اڳيان آھن، شوڪت ترين ھن ملڪ جو چوٿون ناڻي جو وزير آھي، ناڻي وزارت جو پھريون وزير تحريڪ انصاف جو ارسطو سمجھيو ويندڙ اڳواڻ جناب اسد عمر ھو، جنھن آئي ايم ايف وٽ وڃون نہ وڃون واري فيصلي ۾ ڦاسندي ڦٿڪندي ايتري تہ دير ڪئي جو نہ رڳو ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻڏي ويو پر عالمي اداري پاڪستان جي لاءِنوان ۽ ڳرا شرط تيار ڪري ورتا، اسد عمر کان ٿيندي حماد اظھر اتان گھمندي حفيظ شيخ وٽ وزارت پھتي جڏھن حفيظ شيخ انھي کي ڪلھو نہ ڏئي سگھيو تہ وري اھو بار شوڪت ترين جي ڪلھن تي پيو شوڪت ترين پيپلز پارٽي جي دور ۾ ناڻي جو وزير رھيو، نواز ليگ سان گڏ ھن پس منظر ۾ رھي ڪم ڪيو، معيشت جي صورتحال سڀني جي سامھون آھي، ناڻي جي وزارت جتي بيٺل آھي انھي کي 17 ھون نمبر بہ نہ ملڻ گهرجي ھا پر سندس نمبر اقتصادي ڊويزن جي جاءِ تي يعني سڀني کان آخر ۾ رکڻ گهرجي،ھاڻ اچو تہ پاڻ پير و مرشد شاھ محمود قريشي جي وزارت جو ذڪر ڪريون حڪومتي لسٽ ۾ ھن وزارت جو نمبر ڏھن وزارتن کان گهٽ يعني يارھون نمبر آھي،وزارتن جا ٽارگيٽ ڪھڙا ھوندا رڳو روڊ رستا، عمارتون،انفراسٽرڪچر ٺاھڻ ئي آھي تہ لازمي آھي پرڏيھي وزارت جو ڪم اھو ناھي، قريشي صاحب کي لازمي پاڪستان جا پرڏيھي معاملا سنڀالڻ جو ٽارگيٽ مليل ھوندوو،پاڪستان جا دنيا سان سفارتي معاملا، پاليسي سازي، فيصلا سازي، پاڙيسرين سان لاڳاپا، مسلم امہ سان رابطا، عرب دنيا، عالمي طاقتون، افغانستان جا اشوز، ڪشمير جا معاملا، چين، روس ، آمريڪا سان سفارتڪاري، پاڪستان جو بھترين تشخص اجاگر ڪرڻ اھي ئي ٽارگيٽ ھجڻ گهرجن، پر حالت اھا آھي جو پاڪستان سان ڪو پاڙيسيري ملڪ ٺھڻ ۽ ڳالھائڻ جي لاءِ تيار ناھي، ڀارت سان جنگ جا طبل وڄائڻ وارا بيان، افغانستان جي حوالي سان اسان جي مبھم قسم جي پاليسي، ايران سان لاڳاپن کي اسان ڇيڙي تي رکيو آھي،چين جي سي پيڪ منصوبن کي اسان اللہ واھي ڪري ڇڏيو آھي، انھي جي ڪري پاڪستان عالمي اڪيلائي جو شڪار آھي، دنيا جو سپر پاور اسان جي وزيراعظم کي فون نٿو ڪري، پاڙيسيري ملڪ جو وزيراعظم اسان جي وزيراعظم جي فون کڻڻ جي لاءِ تيار ناھي اھا اسان جي ڪل پرڏيھي پاليسي آھي،شاھ محمود قريشي ڊوڙون پاتيون، فونون ڪيون، وڊيو لنڪ تي رابطا ڪيا، پر جيڪو پرڏيھي وفد اچي ٿو پرڏيھي وزارت بدران راولپنڊي ۾ ملاقاتون ڪري ٿو جڏھن پرڏيھي وزارت جي ڪارڪردگي اھا ھوندي تہ شاھ محمود قريشي کي 11ھين نمبر تي ئي اچڻو آھي،پارلياماني معاملن جي وزارت کي 12ھون نمبر مليو آھي،انھي جو ڪل مختار نگران ھڪ اڻ چوڻڊيل شخص بابر اعواڻ آھي، انھي کان اڳ ۾ اھا وزارت اعظم سواتي وٽ ھئي، جڏھن تہ مملڪتي وزير علي محمد خان آھي، مون کان ڪير پڇي تہ ھن سموري حڪومتي سسٽم ۾ نمبر تي انعام جو حقدار علي محمد خان آھي، .سچي ڳالھ اھا آھي تہ پارلياماني جمھوريت تي جيڪڏھن عمران خان جو يقين ھجي ھا تہ ھنن پوئين چئن سالن ۾ انعام جو پھريون حقدار علي محمد خان آھي جيڪو نہ رڳو پارليامينٽ ۾ ھڪيو تڪيو حاضر رھندو آيو آھي پر ھن ھر وزارت جو بار پنھنجي ڪلھن تي کڻي حڪومت جو دفاع ڪيو، ٻيا سڀ وزير اجلاس مان گم ھوندا آھن علي محمد خان حاضري کي پنھنجو فرض سمجھندو آھي اپوزيشن جي سوال جو فضليت ڀريو جواب، اپوزيشن جي سٺي صلاح تي انھن جو ٿورو مڃڻ سميت منجھنس ھڪ پارلياماني وزير وارا سمورا گر آھن، علي محمد خان وقت اچڻ تي اپوزيشن سان ملندو رھيو انھي کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، پارليامينٽ مان واڪ آئوٽ تي جيڪڏھن اسپيڪر ڪنھن کي کين راضي ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ھوندو تہ اھو بہ علي محمد خان ئي آھي، کڻي جو الزام تراشي، بھتان بازي، اپوزيشن جي سياستدانن کي بدنام ڪرڻ واري مھم ۾ ھن عمران خان کي ڪڏھن مايوس نہ ڪيو نہ وري تحريڪ انصاف جي متعارف ڪرايل انھي ٽرينڊ کي پٺي ڏني پر ھن پارليامينٽ ۾ ھر حال ۾ پنھنجي وس آھر اپوزيشن کي منھن ڏنو آھي، جيستائين بابر اعواڻ جو تعلق آھي تہ ھو پنھنجي خول مان ٻاھر نڪتو ئي ناھي، ڪارڪردگي ۾ تيرھون نمبر دفاع واري وزارت جو آھي، دفاع جا معاملا ڪنھن سول وزير وٽ رھيا ئي ناھن، ھي اھم وزارت پرويز خٽڪ وٽ آھي ، ملڪ جي دفاعي پوزيشن کي ڇڏي ھن وزارت جي ڪارڪردگي ايتري تسلي بخش نہ رھي آھي انھي جي ڪري انھي جو نمبر تيرھون آھي پر جيستائين سياسي ، جمھوري يا پارلياماني اعتبار کان ڳالھ ڪجي تہ پرويز خٽڪ کي ٻيو نمبر ضرور ملڻ گهرجي،جنھن جو ٻين جي نسبت ڪجھ قدر پارلياماني نظام تي يقين آھي، ھو بُہ پراڻو جيالو آھي، عمران خان سان سندس تازو جھيڙو بہ ڪو ذات جي لاءِ نہ ھو، عمران خان کي قائل ڪرڻ انتھائي مشڪل ترين عمل آھي ڇاڪاڻ جو عمران خان نرگسيت سان انا رکندڙ ۽ ھڪ گھمنڊ وارو شخص آھي، عمران خان اڄ بہ پاڻ کي ملڪ جو سياسي وزيراعظم سمجھڻ بدران 11 ڪرڪيٽرز جي ٽيم جو ڪپتان سمجھي ٿو، ھو اڄ بہ پاڻ کي رڳو شوڪت خانم اسپتال جو سي اي او يا نمل يونيورسٽي جو چانسلر سمجھي ٿو جيڪو رڳو ئي رڳو فيصلا صادر ڪرڻ فرمائي ٿو،ھو سمجھي ٿو تہ ڪنھن شخص کي سندس ڪيل فيصلي تي اختلاف رکڻ جو ڪو حق نٿو پھچي، انھي مان ئي سندس جمھوريت پسندي واضع ٿي وڃي ٿي انھي پئماني تي ٻين سياستدانن جو ذڪر ڪجي تہ بہ ساڳي ڳالھ آھي، اقتدار جا مزا وٺندڙ ھر سياسي ليڊر آخر ۾ اھڙو ئي آمر بڻجي وڃي ٿو جيڪو سوچي ٿو تہ ھن جي وات مان نڪتل اکر قانون آھي، ٻين تي فرض آھي تہ انھي کي ٻڌي عمل شروع ڪن.جڏھن آئون پرويز خٽڪ کي انعام ڏيڻ جي ڳالھ ڪريان ٿو تہ انھي جي حق ۾ اھو دليل بہ ڏيندس تہ پرويز خٽڪ عمران خان سان وفاداري ڪئي آھي، پرويز خٽڪ ڪي پي ڪي ۾ ٻيھر وڏو وزير ٿيڻ جو اميدوار ھو، خانصاحب کي اھا شي پسند نہ آئي ھو کيس قومي اسيمبلي ۾ وٺي آيو پرويز خٽڪ عمران خان جي خواھش جو احترام ڪري اھا ڳالھ قبول ڪئي، ھن صوبي جي وڏي ۾ وڏي عھدي جي قرباني ڏني، پرويز خٽڪ کي سندس مرضي، مزاج ۽ قد ڪاٺ جي ابتڙ ھڪ اھڙي وزارت ڏني وئي جنھن ۾ ٽڪي جي ڳالھ ئي نٿي ھلي، دفاع واري وزير جي حيثيت ۾ پرويز خٽڪ آرمي چيف سميت ٽنھي فوجن جي سربراھن جو انتظامي طور باس آھي پر پرويز خٽڪ تي راولپنڊي جا دروازا بند ٿيل آھن، ھونئن بہ ڪنھن بہ سويلين دفاعي وزير کي دفاع جي معاملي ۾ ٽڪي جو اختيار نہ ھوندو آھي پرويز خٽڪ کي اھا سڀ خبر ھوندي بہ ھن اھڙي وزارت قبول ڪري ورتي، نہ تہ پرويز خٽڪ جي پسند جي وزارتن ۾ گهرو وزارت، موصلات واري وزارت، ريلوي وزارت، خوراڪ واري وزارت، پاڻي وسيلن جي وزارت ھئي پر انھن سمورين خواھشن تي پرويز خٽڪ جو دم نڪري ويو ڪم نہ ٿي سگھيو ۽ پرويز خٽڪ کي دفاع واري وزارت ۾ڌڪو ڏئي ويو پر اشراف انھي تي ڪو اعتراض نہ ڪيو، انھي کان بہ اڳيان پرويز خٽڪ وڏو ڪم اھو ڪيو جو سياسي نوعيت جا جيڪي بہ ڪم يعني وزيراعظم صاحب جي مزاج جي ابتڙ سمورا ڪم پرويز خٽڪ ڪيا، مثال طور سياسي ماحول يا سياسي نظام ۾ رھندي بہ وزيراعظم کي اپوزيشن سان رابطا ڪاري ورو ڪم انتھائي خراب لڳندو آھي انھي جي ھو وضاحت بہ ڪري چڪو آھي تہ اپوزيشن ليڊر سان ھٿ ملائڻ جو مطلب آھي تہ ڪرپشن سان ھٿ ملائڻ آھي جڏھن تہ ڪيترن معاملن ۾ قائد ايوان کي مخالف ڌر جي قائد سان رابطو آئيني تقاضا آھي وزيراعظم اتي آئيني لتاڙ ڪندو رھيو آھي، ايستائين جو نيب چئرمين جي مقرري واري قانون کي بہ رڳو انھي جي ڪري تبديل ڪيو ويو جو قانون چوي ٿو تہ وزيراعظم کي اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪري نيب جو چئرمين مقرر ڪرڻو آھي، ڳالھ جو مطلب تہ سياسي معاملن ۾ پرويز خٽڪ اڳيان وڌيڪ سياسي ڌرين سان مشاورت ڪندو رھيو آھي.مون کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي 15 ھون نمبر اچڻ تي ڏک ٿيو آھي انھي تي لاڳاپيل وزير فواد چوڌري بہ ڳالھايو آھي،ھن مڃيو آھي تہ اسان جو نمبر نہ آيو اڳين واري نمبر ايندو،شاھ محمود قريشي ۽ علي محمد خان پنھنجي وزارتن جي ڪارڪردگي تسليم نہ ڪرڻ تي جيڪو رد عمل ڏيکاريو آھي اھو بہ درست آھي،سڌ سماءُ وزارت حڪومت جي سمورين وزارتن جي ڪارڪردگي کي ظاھر ڪرڻ واري ھوندي آھي اصل ۾ انھي جو ڪم گوئبلزم جو آھي فواد چوڌري حڪومت ايندي شرط اھو بار ڪلھن تي کنيو پر اوچتو کيس ھٽائي فردوس عاشق کي اڳيان آندو ويو انھي خاتون تي ڪميشن وغيرہ جا الزام لڳا تہ وري شبلي فراز کي اڳيان آندو ويو انھي کي دليل کان وڌيڪ جذباتيت کان ڪم وٺڻ تي سائنس وزارت ۾ فٽ ڪري وري فواد حسين چوڌري کي وزارت ۾ آندو ويو آھي، پر ھن وزارت بہ ڪو ٻوٽو نہ ٻاريو،ھتي اھو ٻڌائڻ ضروري آھي تہ ايم ڪيو ايم کي مليل ٻن وزارتن جي ڪارڪردگي بہ بھتر نہ رھي آھي، انھي جي ڪارڻ بيان ڪرڻ کان اڳ انھن وزيرن جا ناالا ٻڌايان تہ قانون واري وزارت فروغ نسيم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاني جي وزارت امين الحق وٽ آھي، ٻنھي کي ترتيب وار 14ھون ۽ پندرھون نمبر مليو آھي، قانون واري وزير ھيستائين وزيراعظم کي جيڪي مشورا ڏنا انھن ۾ حڪومت کي مختلف محاذن تي شرمناڪ شڪست آئي آھي، مثال طور سينيٽ قانون جي حوالي سان آرڊيننس نمبر ھڪ 2019ع،قاضي فائز عيسي ريفرنس، اليڪشن ڪميشن جي انھن ٻن ميمبرن جي مقرري جن کان اڳوڻي چيف اليڪشن ڪمشنر حلف کڻائڻ کان انڪار ڪيو، فروغ نسيم جي ڪارڪردگي کي ڏسي لڳي اھو ٿو تہ ھئي تم دوست جس ڪي دشمن اس ڪا آسمان ڪيون ھو، باقي جيستائين انفارميشن ٽيڪنالاجي جو تعلق آھي ماڻھن وٽ کائڻ ، پائڻ جي لاءِ ڪجھ ناھي تي ٽيڪنالاجي ڪھڙا ڦاڙھا ماريندي، گهرو وزير شيخ رشيد کي انعام ڏنو ويو آھي، ريلوي جي ٻيڙي کي نہ تاري سگھڻ يا سيڪيورٽي جي خطرناڪ حد تائين خراب ٿيندڙ صورتحاال تي ڇا سندس ڪارڪردگي واقعي اھڙي آھي اسد عمر جي مونجھارن ملڪ کي معاشي طور ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ڇا سندس نمبر ٽو پوزيشن بيھي ٿي؟لاڪ ڊائوون پاليسي ۾ تعيليمي ادارن جي ڪاڪردگي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن سان ھٿ چراند تڪراري ايم ڊي ڪيڊ امتحان کان وٺي ٻين معاملن جي باوجود شفقت محمود کي سرٽفڪيٽٽ ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آھي؟فوڊ سيڪيورٽي جي ڪارڪردگي اھا آھي جو زرعي ملڪ ھوندي ڪڻڪ، کنڊ، داليون چڻا سڀ ڪجھ ٻاھران اچي رھيوو آھي، اٽو 40 رپيا ڪلو کان اسي رپيا ڪلو تي پھتل آھي وزير کي سرٽفڪيٽ ڏنا پيا وڃن،ڪامرس ڊويزن کي مبارڪون ھجن، امپورٽ تي زور آھي برآمد جا ڪوڙا انگ اکر دلاسا ڏئي ڪم ھلايو پيو وڃي، وزير خوش بااش لڳا پيا آھن.، وزارتن جي ڪارڪردگي تہ ٿي اھا پر ھاڻ وزيراعظم جي ڪارڪردگي تي بہ ٻہ اکر ٿي وڃن، ڇاڪاڻ جو انھن سمورين وزارتن جو نگھبان،نگران وزيراعظم آھي، عوام سان لاڳاپيل اھم وزارتن جي ڪاڪردگي نہ ھجڻ جو ذميوار بہ آھي، معيشت جي وزارت جي ناڪامي اصل ۾ وزيراعظم جي پاليسين جي ناڪامي آھي،ملڪ جيڪڏھن دھشتگردن جي حملن جي ور چڙھيل آھي تہ اھا پرويز الاھي جي ناڪامي نہ پر چيف ايگزيڪيوٽو جي ناڪامي آھي،اھو نٿو ٿي سگھي تہ حڪومتي سربراھ چوي تہ آئون اڇو اجرو،پاڪ دامن، امين صادق، ڦڙت ۽ پرفڪيٽ آھيان پر منھنجي کيسي ۾ ڪوڙا سڪا آھن، وزارتن، وزيرن، يا حڪومتي ڪاميابي يا ناڪامي جا فيصلا تاريخ ڪندي آھي، جنرل ايوب کان وٺي جنرل پرويز مشرف پنھنجي حڪومتن کي انھي وقت جون ڪامياب حڪومتون ۽ پاڻ کي عقل ڪل سڏيندي ڪامياب ۽ ڪامران حڪمران سڏيندا ھئا پر تاريخ انھن کي ڪٿي بيھاريو آھي سو اڄ نہ تہ سڀاڻي خانصاحب جي ڪامراني ۽ ڪاميابي جا ڳڻ بہ تاريخ ڳائيندي….. ھلندڙ حڪمراني جا اثر اڳين دور ۾ ظاھر ٿيندا آھن اھو دور جلدي اچڻ وارو آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *