ابراھيم ڪنڀر

وزيراعظم کي شڪست جو اعلان ڇو نہ ڪرڻ گهرجي؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

سياسي سرگرميون زورن تي آھن، ھڪ پاسي اپوزيشن تحريڪ انصاف کي سوڙھو ڪيو آھي، ٻي پاسي حڪومتي جماعت جي اندروني گھوٽائي عمران خان صاحب جون متيون منجھائي چڏيون آھن، وزيراعظم صاحب اپوزيشن کي تہ ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي تہ ھن کي بي اعتممادي رٿ مان ڪجھ نہ ٿيندو ھو انھي جي لاءِ تيار آھي،پر بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي جي صورت ۾ اپوزيشن تيار آھي جيڪو ڪجھ آئون چوندس، عمران خان جنھن انداز سان ميلسي ۾ جلسي کي خطاب ڪري رھيو ھو انھي مھل کيس اھو وسري ويو تہ ھو بطور وزيراعظم ڳالھائي رھيو شايد کيس وري ڊي چونڪ وارو ڪنٽينر ياد اچي ويو، ھن پاڻ کي وري اپوزيشن ليڊر سمجھي تقرير ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ڪا بہ سياسي سرگرمي جمھوريت جو حسن ھوندو آھي،پر انھي جو مقابلو سياسي نموني ئي ڪري سگھجي ٿو، غير سيااسي ھٿ ناٽ ڪري سياست کي دٻائي نٿو سگھجي، نظر نہ ايندڙ ھٿ جڏھن سياست کي دٻائيندا آھن تہ بي استحڪامي جنم وٺندي آھي، گذريل چئن سالن کان انھي غير سياسي قوتن رڳو عمران خان جي پروموشن جي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي ديوار سان لڳايو، نہ جلسي جي اجازت، نہ ريلي جي اجازت، ڪيسن تي ڪيس، گرفتارين تي گرفتاريون، ڌمڪيون، وارنٽس، پيشيون، يعني ملڪ جي سياسي ڌرين مٿان اڻ اعلاڻيل پابنديون ھيون اھي ختم ٿي چڪيون آھن، جمھوريت جو حسن سياسي سرگرميون ھونديون آھن، اسان اڳ ۾ لکي چڪا آھيون تہ جھڙي ريت پيپلز پارٽي کي لانگ مارچ جي لاءِ کليو ميدان مليو آھي ساڳيو کليو ميدان تحريڪ انصاف کي سنڌ ۾ ڏنو ويو، بدقسمتي آھي جو تحريڪ انصاف وفاقي وزيرن جي وڏي ٽولي ھجڻ جي باوجود اھو ٻورو نہ ٻاريو،انھي سنڌ جي حقن جي مارچ پنھنجي پارٽي جي ئي ڪافي اڳواڻن کي ناراض ڪيو، ڪي اڌ ۾ ڇڏي ويا، ڪن جو روٽ تبديل ٿي ويو، سنڌ ۾ حقن واري مارچ وقت زيان ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻوٽو انھي جي ڪري نہ ٻاريو جو خبر آھي تہ ملڪ جو اھم مسئلو معاشي خرابي آھي جنھن جو ذميوار وفاق آھي ۽ وفاق ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آھي.
سياسي ميدان گرم آھي، بلاول ڀٽو گجرات ۾ تقرير ڪندي وزيراعظم عمران خان کي استعيفي جي لاءِ 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو آھي تہ آھن اسيمبليون ٽوڙي، اليڪشن ۾ اچي ۽ اسان کي منھن ڏي، عمران خان کي اھا ڳالھ ئي وارو نٿي کائي، اليڪشن ھجي اھا شفاف ھجي ۽ انھي ۾ پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ سان اھا پارٽي مقابلو ڪري جنھن پوڻن چئن سالن اندر ملڪ کي پنھنجي غلط پاليسين، بنا تياري، منجھيل فيصلن جي ڪري خالي کوکلو ۽ ملڪ جي غريبن کي وڌيڪ مفلوج ڪري ڇڏيو،ھن وقت لانگ مارچ وفاقي گادي جي شھر اسلام آباد پھتل آھي، اڄ انھي حوالي سان مرڪزي اختتامي جلسو ٿي رھيو آھي، اسلام آباد ھجي يا لاھور سموريون سرگرميون انھي وزيراعظم کي سوڙھو ڪري گهر ڀيڙو ڪرڻ جي حوالي سان آھن جنھن کي مقتدر حلقا بنا تياري، بنا دانش،، بنا ويين جي اقتدار ۾ وٺي آيا، پاڻ ھڪ ڏينھن جي سرگرمين کي ڏسون تہ حڪومت بچائڻ جي لاءِ عمران خان ڪور ڪميٽي جو اجلاس ڪيو آھي جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي تہ حڪومت ناراض ميمبرن سان رابطو ڪندي، حڪومت وٽ ھاڻ ھڪڙو ئي ڪم پنھنجي ناراض ميمبرن کي پرچائڻ جي لاءِ ڪميٽيون ٺاھڻ يا وري اتحادين کي پرچائڻ جي لاءِ ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪرڻ جو بچيو آھي، اسلام آباد ۾ ٻي نمبر سرگرمي پي ڊي ايم جي سربراھ مولانا فضل الرحمان سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاھ ۽ نويد قمر جي ملاقات ھئي، بظاھر اھا ملاقات مولانا فضل الرحمان کي اڄوڪي مارچ ۾ خطاب ڪرڻ جي لاءِ ڏيڻ لڳي رھي ھئي، اسلام آباد جي ٽيئن سياسي سرگرمي آصف علي زرداري جي رھائش تي اپوزيشن جي قيادت جو اھم اجلاس ھو.
ٻي پاسي لاھور بہ وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جا پگھر ڪڍرائڻ جي لاءِ ڊرائينگ رومز جي معاملي تي اجلاس بازي ۾ مصروف آھي،حڪومت بچائڻ جي لاءِ پنجاب جي ٻن صوبائي وزيرن پرويز الاھي سان ملاقات ڪري مدد ڪرڻ جي لاءِ چيو آھي تہ پرويز الاھي کين صلاح ڏني آھي تہ بھتر آھي تہ حڪومت پاڻ اڳ ۾ سياسي فيصلو وٺي، ھاڻ انھي مان جنھن کي جيڪو مطلب وٺڻو ھجي وٺي سگھي ٿو، انھي جو ھڪ مطلب پرويز الاھي پنھنجي وڏ وزارت گهري رھيو آھي؟ تحريڪ انصاف جي ناراض ميمبرن وٽ وزيراعظم کي وڃڻ جي صلاح ڏئي رھيو آھي، انھن ميمبرن کي پرچائي ڪجھ ڏيڻ جو چئي رھيو آھي؟ پرويز الاھي سان ملاقات ڪندڙ تحريڪ انصاف جي وزيرن بشارت چيما ۽ محمود الحسن جي باڊي لگئنج کي ڏسندي مون کي اھا سنڌي ٺٺول ياد اچي ٿي تہ مڙس جون مڇون وٽيون پيون آھن پر منھن لٿو آھي، اڄ ڪالھ تحريڪ انصاف جي سموري قيادت، وزير، صلاحڪار، مشيرن ۽ ترجمانن جي حالت اھا آھي، رڙيون وڏي واڪي آھن پر منھن لٿا پيا آھن.لاھور جي سڀ کان وڏي سرگرمي عليم خان ۽ جھانگير ترين جي حامي گروپن جو گڏيل اجلاس ھو، وزيراعظم عمران خان جي لاءِ اپوزيشن تہ پھرين ڏينھن کان مٿي جو سور بڻيل رھي پر ھي جيڪي پنھنجا ساٿي ھئا جن جي محنت جي ڪري عمران خان وزيراعظم بڻيو انھن سان جيڪو ڪجھ موٽ ۾ ڪيو ويو انھن جي اجلاس عمران خان جي چيلھ چٻي ڪري وڌي آھي.
گذريل چئن سالن جو عرصو ظاھر ڪري ٿو تہ رڳو مقتدر حلقن جي ھٿ کڻڻ سان تحريڪ انصاف ڪئين ڇڙوڇڙ ٿي رھي آھي، اپوزيشن جي سياسي سرگرمين جي ڪري عمران خان کي پنھنجي طبيعت ۽ مزاج سان جھيڙو ڪري جھڪڻو پئجي ويو، عمران پنھنجي ڀيٽ ۾ ٻين کي ڪک نٿو سمجھي، پرفڪيٽ بہ پاڻ، ايماندار بہ پاڻ، سياستدان بہ پاڻ دانشمند پاڻ پر ھاڻ سياسي لت آئي آھي تہ دل تي پٿر رکي اقتدار بچائڻ جي لاءِ ڪڏھن ڪنھن سان تہ ڪڏھن سان ملاقاتن جي حڪمت عملي جوڙي رھيو آھي،پر معاملو نہ ٺھيو تہ شايد ڪجھ ڏينھن اندر وزيراعظم کي پرويز الاھي جي حوالي سان پنھنجو پراڻو بيان وري ورجائڻو پوندو، پرويز الاھي کي ھن پنجاب جو سڀ کان وڏو چور چيو پر ڪرسي لوڏي ۾ آئي تہ بار بار وٽس وڃڻو پئجي ويو، سندس پٽ جي ھڪ بيان تي مسڪرائي کيس پاڻ وٽ گهرائي اڪيلائي ۾ ملاقات ڪري گهڻو ڪجھ آڇ ڪيس، اھو سڀ ڪجھ ھوندي وزيراعظم کي ڪا پڪ ناھي تہ ق ليگ ڪھڙي ٻيڙي ۾ ويھڻ جي لاءِ پر ساھي پئي، ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪنھن دور ۾ ڪيس ڪندڙ عمران خان ٻيو ٽيو ڀيرو سندن مرڪز تي حاضري جي لاءِ تيارين ۾ آھن ممڪن آھي تہ سڀاڻي نائين تاريخ تي عمران خان بھادر آباد ۾ متحدہ پاڪستان جي قيادت وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي پھچي ۽ سندن ھر قسم جي مطالبي کي مڃڻ جي خاطري ڪرائي، ايم ڪيو ايم جو ڪيس الڳ آھي، عمران خان جي وس ۾ ئي ناھي تہ انھي مختصر عرصي اندر ايم ڪيو ايم جا مطالبا تسليم ڪري، ايم ڪيو ايم پنھنجي تنظيم سازي چاھي ٿي، پنھنجون اھي سموريون آفيسون کولائڻ چاھي ٿي جتان ويھي ڪراچي ۾ ڏھڪاءُ پکيڙي دھشتگردي ڪندي رھي آھي، سگھارين ڌرين ايم ڪيو ايم کي محدود قسم جي آزادي ڏني آھي ڇاڪاڻ جو کين خبر آھي تہ جڏھن کين مڪمل سياسي آزادي ڏني ويندي آھي تہ ھو مافيائي ۽ فاشسٽ قسم جون سرگرميون وڌائي مار ڌاڙ جي ذريعي ڏھڪاءُ پکيڙي پنھنجو پراڻو رعب ويھارڻ چاھيندا، ايم ڪيو ايم چند ڏينھن جي خاطرين تي جيڪڏھن عمران خان سان ھلڻ جو اعلان انھي جي ڪري بہ ڪري سگھي ٿي جو وٽس ٻيو ڪو چارو ناھي، نواز ليگ ڪراچي ۾ آپريشن جي شروعات ڪئي جنھن کي بعد ۾ منطقي انجام تائين رسائي ڪراچي کي دھشتگردن کان آجو ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ اڪثريت ايم ڪيو ايم کي ھڪ اک نٿي ڀانئجي، مولانا فضل الرحمان وٽ ايم ڪيو ايم جي لاءِ ڪجھ ناھي، سو ايم ڪيو ايم وڏن جي اشاري تي ئي ويٺي آھي تُُ ڇا ڪرڻو آھي ؟
گهرو وزير شيخ رشيد ڪجھ ڏينھن اڳ چيو ھو تہ بي اعتمادي جي رٿ کان اڳ ۾ عمران خان اھڙو سائبرحملو ڪندو جو اپوزيشن ياد ڪندي، وري عمران خان کي ساڳي شيخ رشيد اھا صلاح ڏني تہ جھانگير ترين سان مشاورت ڪريو بھتر آھي، ٻہ ڏينھن اڳ گهرو وزير اپوزيشن کي وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ جي لاءِ حڪومت سان ڳالھين جي آڇ ڪري ڇڏي آھي، شيخ رشيد جون اڳڪٿيون،ڌمڪيون، منصوبابنديون سڀ ھڪ پاسي رھجي ويون آھن،ٻي پاسي حڪومت جي عقل جي ڊوڙ اھڙي آھي جو ناراض ميمبرن کي پرچائڻ جو ٽاسڪ اھڙن ماڻھن کي ڏنو ويو آھي جن جي گهر ۾ نٿي ھلي مثال طور عليم خان سان ڳالھائڻ جي لاءِ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي ٽاسڪ ڏنو ويو آھي، عمران اسماعيل جي تحريڪ انصاف سنڌ ۾ ئي ڪير نٿو مڃي اتي ئي تنظيم بگڙي پئي آھي،ٻيو ٽاسڪ وري پرويز خٽڪ کي ڏنو ويو آھي جنھن جو ڀاءُ لياقت خٽڪ جي يو آئي ۾ وڃڻ جي لاءِ تيار آھي، ٻي پاسي عقل جي ڊوڙ اھا ڪئي اٿن تہ اسپيڪر صاحب بي اعتمادي رٿ ناڪام ڪرڻ جي لاءِ حڪومت، ناراض حڪومتي ميمبرن ۽ اپوزيشن جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي ٻاھرين دورن واري ڊيليگيٽس ۾ شامل ڪيو،ٽنھي اپوزيشن جي پارٽين پنھنجي ميمبرن کي ٻاھر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آھي.جيستائين عمران خان جي ايمانداري، ڪرپشن کان پاڪ صادق ۽ امين ھجڻ جو تعلق آھي تہ انھي جي تشريح ضروري آھي، ايمانداري، امانت، صداقت جي لقبن کي تعويز ڪري پائبو ڇا جتي وزيراعظم جي غير قانوني گهر کي ريگيولر ڪرڻ جي لاءِ سي ڊي اي ھڪ ڏينھن اندر پروانو جاري ڪري ڇڏي، ٽيڪس ادا نہ ڪرڻ تي ھڪ جج کي ساڍن ٽن سالن کان پيشيون ڀوڳرائجن جڏھن تہ عدالتي حڪم تي وزيراعظم جي ڀيڻ عليمہ خان جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن، ساڳيو ايف بي آر جو ادارو بنا ڪنھن اشتھار، نوٽس جي عليما خان کان قسطن ۾ پئسا وٺي سندس سموري ملڪيت کي جائز، قانوني، پاڪ صاف قرار ڏئي ڇڏي ٿو، اھا ڪھڙي ايمانداري آھي جنھن تي اقتدار جي خاطر سوديبازي ڪجي جنھن کي وڏو چور چئي ڇئي وقت اچڻ تي انھي کي وڏي صوبي جي وڏي عھدي تي ويھارجي جنھن کي قرض معاف ڪرائڻ جا الزام ھڻجن انھن کي صوبن جي ھم آھنگي واري وزارت ڏئي ڇڏجي، جيڪو دوائن جي اسڪينڊل ۾ ملوث نڪري انھي کي رڳوڪابينا مان ڪڍي ڇڏجي پر جڏھن انھي جي خلاف انڪوائري ٿئي تہ انھي کي ٽيبل جي خاني ۾ لڪائي ڇڏجي، جڏھن شگر اسڪينڊل ۾ وزيرن جا نالا اچن تہ پنھنجي حڪومت بچائڻ خاطر ڪابينا جي ماڻھو جو نالو بہ نہ وٺجي،جڏھن انرجي بحران ۾ وزيراعظم جون ننڊون ڦٽي وڃن تہ انھي وزير کي ھٽائڻ بدران کيس ٻي وزارت ڏئي ڇڏجي،اھي شيون زيان نہ ٿينديون پر اڳيان ھلي عمران خان کي ئي انھن جو حساب ڏيڻو پوندو.
اڄ اسلام آباد پنھنجو فيصلو ٻڌائيندو، ممڪن آھي تہ پيپلز پارٽي جي مارچ کان اڳ يا پوءِ بي اعتمادي رٿ جي تاريخ بہ اچي وڃي پر ھاڻ صورتحال چٽي ٿيندي نظر اچي رھي آھي، رڳو وفاقي حڪومت ۾نہ پر پنجاب ۾ بہ عليم خان * ۽ جھانگير ترين فيصلائتو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن، وزيراعظم ۽ سندس وزير ھاڻ ھر نئين پريس ڪانفرنس ذريعي اھو اعلان ڪري رھيا آھن تہ کين شڪست ملي چڪي آھي پر ھو شڪست تسليم نٿا ڪن ڇاڪاڻ جو وزيراعظم اڳ ۾ ئي فرمائي چڪو آھي تہ شڪست تيستائين نہ ايندي آھي جيستائين اھا قبول نٿي ڪري سگھجي،اھا شڪست ھاڻ دل سان تہ قبول ٿي چڪي آھي پر رڳو زباني طور رھيل آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *