Shahbaz Sharif

وزيراعظم پاران بجلي ۽ گئس صارفين تي ڪوبه واڌو بار نه وجهڻ جو حڪم

خبرون

 وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڏني آهي ته بجلي ۽ گئس صارفين تي ڪوبه واڌو بار نه وڌو وڃي.
وزيراعظم توانائي واري شعبي جي حوالي سان اعلي سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ موجود گردشي قرضن تي ظابطو آڻڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڏني ته توانائي واري شعبي ۾ موجود گردشي قرضن کي گهٽايو وڃي، ن ليگ جي حڪومت بهتر پاليسي ذريعي 2013 کان 2018 تائين پنهنجي حڪومتي دور ۾ گردشي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي چڪي آهي.
وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته لاڳيتو محنت ۽ اثرائتي حڪمت عملي سان هاڻ به ان مسئلي تي ٻيهر ظابطو آڻي وٺنداسين، توانائي واري شعبي ۾ سڌارن وارو عمل اهڙي نموني مڪمل ڪيو ويندو جو گردشي قرض هوريان هوريان گهٽجي نيٺ ختم ٿي ويندا.
هن چيو ته سوئي سدرن گئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي اوڳاڙي واري نظام کي فوري طور بهتر ڪن، بجلي ۽ گئس صارفين تي ڪوبه واڌو بار نه وڌو ويندو، وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي بلن جي وصولي واري نظام کي به وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.
اجلاس ۾ توانائي بچت پلان جو به جائزو ورتو ويو، اهو پلان سڀاڻي وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ صوبن جي وڏن وزيرن کي پڻ دعوت ڏني وئي آهي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته توانائي واري شعبي جي محصولات ۾ واڌ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا ويندا، ان مقصد لاءِ ترسيل واري نظام کي بهتر بڻايو ويندو ته جيئن بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ زيان کي ورڪي سگهجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے