شير محمد کهاوڙ

وزيراعظم صاحب، ڪشمير مسئلي تي قوم کي اعتماد ۾ وٺو!

اوهانجو موقف شير محمد کهاوڙ ليکڪ

شير محمد کهاوڙ

       اڱاري جي اخبارن وزيراعظم جناب عمران خان طرفان قوم کي ڪيل خطاب کي ليڊ خبر طور شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ هن قوم کي اپيل ڪئي آهي ته هر جمعي تي اها اڌ ڪلاڪ لاءِ رستن تي اچي، ٻارهين کان ساڍي ٻارهين وڳي تائين ۽ اهو احتجاج ڪشمير جي آزاديءَ تائين جاري رهي. هو ان احتجاج ذريعي دنيا جو ڌيان ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ڏانهن ڇڪائڻ گهري ٿو. وزيراعظم چوي ٿو ته دنيا ساٿ ڏئي يا نه پر اسان ڪشميرين سان گڏ آهيون، هو اهو به چوي ٿو ته ڪجهه اسلامي ملڪن جون مجبوريون آهن جيڪي اسان جو ساٿ نٿا ڏين پر اڳتي هلي هو اسان جو ساٿ ڏيندا. وزيراعظم عمران خان پنهنجي صاف گوئي ۽ سچائي جي ڪري گهڻو مشهور آهي، پر هتي ساٿ نه ڏيندڙ اسلامي ملڪن جا نالا نه کڻي هو مبهم ڳالهه ڪري ويو آهي.

                         جڏهن سعودي عرب جو ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري تي آيو ته وزيراعظم سمورا سفارتي آداب ۽ پروٽول ٽوڙي سندس گاڏيءَ جي ڊرائيوري ڪئي، اهڙيءَ ريت هن دبئي جي اڳواڻ شيخ محمد بن زيد جي گاڏي جي ڊرائيوري به پاڻ ڪئي، سعودي عرب پنهنجو اعليٰ سولين ايوارڊ ڀارتي وزيراعظم ۽ گجرات جي مسلمانن جي قاتل نريندر موديءَ کي ڏئي چڪو آهي جڏهن ته دبئي ۽ بحرين به تازو ان صف ۾ شامل ٿيا آهن، نه رڳو ايوارڊ پر دبئي وارا ته دبئي جي شيخ زيد جي نالي تي قائم هڪ وڏي مسجد ۾ به کيس وٺي ويا.

فيس بوڪ تي اينڪر پرسن جاويد معراج جي هڪ پوسٽ نظر آئي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته مون هڪ عرب شيخ کي چيو ته مودي مسلمانن جو قتلام پيو ڪري ۽ توهان کيس ايوارڊ پيا ڏيو؟، ان تي عرب شيخ چيو ته ڀارتي پائليٽ کي چانهه پيئاري گهر ڪير ڇڏي آيو هو؟ چونڊن ۾ مودي جي ڪاميابي جون دعائون ڪنهن گهريون هيون؟ موديءَ جي ڪاميابيءَ تي هن لاءِ مبارڪن جا ٽوئيٽ ڪنهن ڪيا هئا؟ مودي کي فونون ڪري مبارڪون ڪنهن ڏنيون؟ سلامتي ڪائونسل ۾ موديءَ کي ووٽ ڪنهن ڏنو؟ مودي کي اسان تائين اچڻ لاءِ فضائي رستو ڪنهن ڏنو؟ انڪري ٿورا ڏاها ٿيو پنهنجا گناهه عربن تي نه وجهو. دنيا ٻي ٿي وئي آهي، اسان جا لڳ لاڳاپا هاڻي روحاني بنيادن تي نه پر معاشي بنيادن تي ٺهي رهيا آهن، دنيا ۾ ترقيءَ لاءِ اسان کي باعزت ٿيڻو پوندو، عام سياستدانن کان ويندي وفاقي وزيرن ۽ وزيراعظمن وٽان جيڪي ايقاما نڪتا آهن انهن ۾ هو اسان کي عربن جا نوڪر يا عربن جي ملڪن ۾ قائم ڪمپنين جا نوڪر نظر اچي رهيا آهن، وري موجوده وزيراعظم جي حالت اها آهي جو عربن جي ڊرائيور بڻجڻ ۾ دير ئي نٿو ڪري. هو عالمه اسلام جي پهرين ۽ اڪيلي ائٽمي ملڪ جو سربراهه آهي، ان کي به ڇڏيو، عمر ۾ به هو محمد بن سلمان ۽ شيخ محمد بن زيد کان گهڻو وڏو آهي، انڪري ڇوڪرن جي گاڏين جي ڊرائيوري ڪرڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ٻيو نه ته پنهنجن اڇن وارن جو ئي کيس خيال رکڻ گهربو هو.

جناب ذوالفقار علي ڀُٽو جڏهن وزيراعظم ٿيو ته ان وقت ملڪ جي معاشي صورتحال گهڻي خراب هئي، ملڪ ٻه اڌ ٿي چڪو هو، هزارين ميل علائقو ڀارت جي قبضي هيٺ هو، هن اسان جا ٽيانوي هزار فوجي جنگي قيدي بڻائي ڇڏيا هئا، ڀُٽو صاحب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو چيئرمين به هو، اسلامي ملڪن جا سربراهه به انهن ڏينهن ۾ گهڻو پاڪستان ايندا هئا، هو انهن کي ڪڏهن لاهور ته ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن وري لاڙڪاڻي به وٺي ويندو هو، جتي کين عام رواجي گهرن ۾ ترسائيندو هو، يڪتارن تي راڳ ٻڌرائيندو هو، پر هو ڪڏهن به سندن ڊرائيور نه بڻيو هو، پنهنجي عزت تي هن ڪمپرو مائيز نه ڪئي، وزيراعظم کي سوچڻ گهرجي ته هو آخر ڪهڙي ڳالهه جي ڪري عرب شهزادن جو ڊرائيور پيو بڻجي. جيڪڏهن رڳو پئسن جي ڳالهه آهي ته پوءِ هتان کان وڌيڪ ته هنن جي سيڙپ ڀارت ۾ آهي، پوءِ اتان جو وزيراعظم سندن ڊرائيور ڇو نٿو بڻجي؟.

پي ٽي آءِ جي حڪومت کي هڪ سال گذري چڪو آهي، ان عرصي دوران اسان ڪرپشن جون ڳالهيون ٻڌيون، اڳوڻو صدر ۽ وزيراعظم قيدي بڻجي چڪا آهن، سياست لاءِ پي ٽي آءِ واسطي ميدان صاف آهي پر ان جي باوجود ماڻهن جي ڊپريشن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مهانگائي چيلهه ڀڃي وڌي آهي،

نامور صحافي حسن نثار جون ڳالهيون هڪ دوست شيئر ڪيون آهن، جيڪو چوي ٿو ته سال گذري ويو، قرض ورتاسين، مهانگائي به ڏٺي سون، رپئي جو ملهه به ڪريو، خزانو به خالي ٿي ويو، حڪومت به ايماندار ۽ نيڪ انسانن وٽ آهي ته پوءِ اهو ٻڌايو ته ديڳڙي ڪهڙو ڪتو چٽي ويو؟ آخر اها رقم ڪيڏانهن وئي؟، نوَ ارب ڊالر سعودي ارب جا، ڇهه ارب ڊالر چين جا، ٽي ارب ڊالر يو اي اِي جا، ڇهه ارب ڊالر آءِ ايم ايف جا، ڇهاسي ارب رپيا ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جا، ٻاويهه ارب رپيا اضافي بلن جا، چوڏهن ارب رپيا ڊيم فنڊ جا، نيب جون اربين رپين جو وصوليون، وزيراعظم هائوس جي مينهن ۽ قيمتي گاڏين جي نيلامي، گذريل حڪومتن ۾ جيڪا روزانو اربين رپين جي ڪرپشن ٿيندي هئي اها به رڪجي وئي، هنڍي ذريعي جيڪا روزانو ٽيهه ارب رپين جي هيراڦيري ٿيندي هئي اها به ختم ٿي وئي، گورنر هائوسن، وزيراعليٰ هائوسن، وزيراعظم هائوس ۽ ايوان صدر ۾ به سادگي اچي وئي، ته پوءِ حالتون سڌرندي نظر ڇو نه ٿيون اچن، ان جي ميار ڪنهن کي ڏجي؟.

وزيراعظم اسان کي هر جمعي تي ٻارهين وڳي روڊن تي نڪرڻ جو چوي ٿو، کيس خبر هجڻ گهرجي ته هر جمعي تي ٻارهين وڳي کانپوءِ مسلمان مسجدن جو پاڻمرادو رخ ڪندا آهن، جمعي نماز پڙهڻ کانپوءِ احتجاجي مظاهرا وغيره به ٿيندا آهن، جڏهن کان وٺي ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جو سلسلو تيز ڪيو آهي ان کانپوءِ ته جمعي نمازن بعد احتجاجي مظاهرا به ٿيندا آهن ۽ جلوس به نڪرندا آهن، سمجهه ۾ ڳالهه اها نٿي اچي ته وزيراعظم جي چوڻ تي ماڻهو ڪيئن روڊن تي نڪري احتجاج ڪندا؟، سو به اڌ ڪلاڪ لاءِ، اڳي حڪومت اعلان ڪندي هئي ته چوڏهين آگسٽ تي صبح جو اٺين وڳي ملڪ جي سموري ٽريفڪ رڪجي ويندي ۽ پوري قوم گڏجي قومي ترانو پڙهندي، مان ٻاهر نڪري ڏسندو هئس ته قوم ترانو ڪيئن ٿي پڙهي، پر اڄ ڏينهن تائين مونکي قوم ڪڏهن به ترانو پڙهندي نظر نه آئي، ها البته ٽي وي اسڪرين تي ماڻهو ترانو پڙهندي ضرور نظر ايندا هئا، سو هاڻي به ائين ٿيندو، انڪري ڳالهه ڪا اهڙي ٿيڻ گهرجي جيڪا سمجهه ۾ اچي، وزيراعظم عمران خان جيڪو پنهنجي يوٽرن جي حوالي سان مشهور ٿي چڪو آهي، انڪري جيڪي ڳالهيون هن قوم سان ڪيون آهن، قوم انهن کي به سنجيدگيءَ سان وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي، ڇو ته کيس خطرو آهي ته ڪٿي اهي ڳالهيون به يوٽرن جو شڪار نه ٿين.

ڪشمير جو مسئلو نه رڳو پاڪستان حڪومت جو مسئلو آهي ۽ نه وري رڳو پي ٽي آءِ جو، هي پوري پاڪستان جو ۽ مسلمان امت جو مسئلو آهي، امت وٽ ته اسان هي ڪيس پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهيون جنهن جو اسان کي اعتراف به ڪرڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان اسان هن مسئلي کي اڃا سوڌو قومي مسئلو به بڻائي نه سگهيا آهيون، وزيراعظم ۽ پرڏيهي معاملن وارو وزير، پرڏيهي اڳواڻن سان فونن تي رابطا ڪن ٿا ۽ کين خط به لکن ٿا، پر پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر پنهنجي ملڪي اڳواڻن سان رابطا ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن، وزيراعظم جيڪڏهن قومي قيادت کي اعتماد ۾ نٿو وٺي ته پوءِ قوم کي هر جمعي تي گڏجي احتجاج ڪرڻ جي اپيل ڪيئن ٿو ڪري، اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي!، جنهنڪري کيس پنهنجي رويي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم صاحب، ڪشمير مسئلي تي قوم کي اعتماد ۾ وٺو !.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *