amar jaleel

هڪ پيج تي هجڻ، سٺو لڳي ٿو

امر جليل ليکڪ

امرجليل

ٽيليويزن، ريڊيو ۽ اخبارن ۾ لڳاتار ۽ هر هر ايترا ڀيرا ورجايو ويو آهي ته فوج ۽ حڪومت هڪ ئي پيج تي آهن جو ايندڙ ڏهن پيڙهين کي به پڪ ٿي وئي آهي ته فوج ۽ حڪومت هڪ ئي پيج تي آهن. سٺي ڳالهه آهي اڃا به چئجي ته تمام سٺي ڳالهه آهي.جڏهن حڪومت ۽ ٻيا ادارا هڪ پيج تي ناهن هوندا تڏهن حڪومت پنهنجي عاليشان ۽ ساراهڻ جوڳي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سگهندي، اهو طئي آهي. ان تي وڌيڪ ڳالهائڻ بيڪار آهي.

گذريل چوهتر سالن ۾ اڄ تائين اها پروڙ نه پئجي سگهي آهي ته اسان وٽ اظهار جي آزادي جون سرحدون ڪٿان کان شروع ٿينديون  آهن ۽ ڪٿي وڃي ختم ٿينديون آهن جڏهن معاملو منجهيل نظر ايندو هجي ته تڏهن سوچي سمجهي وکون کڻڻ گهرجن. ڪهڙي خبر ته گٽر جو ڍڪڻ چورايل هجي. مان اوهان کي پڪ ٿو ڏيان ته اڄ کان پنجاهه سال پوءِ به ان دور جو سڌسماءُ وارو وزير اوهان کي اظهار جي آزادي جي اهڙي نموني ئي پڪ ڏيندو جيئن اڄ کان سٺ سال اڳ سڌسماءُ جو وزير مولانا ڪوثر نيازي قوم کي اظهار جي آزادي جو ويساهه ڏياريندو هو ۽ نيٺ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي تباهه ڪري ڇڏيائين.

موجوده سڌسماءُ جو وزير به اهڙي ئي نموني اسانکي اظهار جي آزادي جو يقين ڏياريندو رهندو آهي. جهڙي نموني پنجاهه ورهيه اڳ ان دور جو سڌسماءُ وارو وزير اسان کي اظهار جي آزادي جو يقين ڏياريندو هو ۽ پنجاهه سالن کان پوءِ ايندڙ سڌسماءُ وارو وزير به قوم کي ايئن ئي اظهار جي آزادي جي پڪ ڏيندو. مختصر  اهو ته زندگي ان ڳالهه کي طئي ڪرڻ ۾ ئي دربدر ٿي رهي آهي ته اسان وٽ اظهار جي آزادي جي شروعات ڪٿان کان ٿئي ٿي ۽ ڪٿي ان جي پڄاڻي ٿئي ٿي. زندگي ان ۾ ئي ضايع ٿي رهي آهي ته ڇا لکڻ گهرجي ۽ ڇا لکڻ کان پرهيز ڪئي وڃي ۽ ڇا چوڻ کان پاسو ڪجي. جيڪڏهن اوهان ٽيڪسيءَ ۾ پنهنجي دوست سان سفر ڪري رهيا آهيو ته ڀل ۾ به اتي سياست تي نه ڳالهائجو. خاص طور تي ڪن ادارن جو ته اشارن ۾ به نالو نه کڻجو. ڪهڙي ڄاڻ ته متان ٽيڪسي هلائيندڙ ڪنهن اداري جو ملازم هجي.

سڌسماءُ جو وزير مولانا ڪوثر نيازي جڏهن اظهارجي آزادي جي  ڳالهين کان نه ٿڪبو هو تڏهن پنهنجي عظيم هم وطنن  کي ڊي پي آر ڊفينس آف پاڪستان رولز جي باري ۾ ڪجهه نه ٻڌائيندو هو پر پبلڪ کان لڪائيندو هو. اوهان تاريخ تي علمي بحث نه ڪري سگهندا هيئو، اديب شاعر ۽ افسانا نگار ڊي پي آر جي رهلي ۾ اچي ويندا هيا ۽ جيلن ۾ پيا سڙندا هيا. منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته اسان اظهار جي آزاديءَ جي وڏن وڏن دعويدارن کي پاڻ اظهار جي آزادي تي پابندي هڻندي ڏٺو آهي. ان ڳالهه کي اتي ئي کڻي ڇڏيون ٿا. روزي تي لڳل آهيون. ڪٿي ان کان به محروم نه ٿي وڃون. اظهار جي آزاديءَ  جي چڪر ۾ ڪٿي بکون نه ڪاٽڻيون پون.

هاڻي ڏسون ته ڪهڙا ڪهڙا ماتحت ادارا اڄ جي حڪومت سان هڪ پيج تي آهن. سڀ کان اڳ ۾ اسان هڪ اهڙي اداري جو جائزو ٿا وٺون جيڪو ملڪ ۽ قوم کي اونداهين مان ڪڍي روشنين ۾ آڻيندو آهي. مان بجلي جي کاتي جو ذڪر نٿو ڪريان پر تعليم جي کاتي جي ٿو ڳالهه ڪريان. تعليم جو کاتو ۽ اڄ جي حڪومت هڪ پيج تي آهن. تعليمي ادارا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ٽيڪنالاجي جا ادارا پنهنجي اعليٰ معيار سوڌو کليل  آهن. قوم کي تعليم ۽ تربيت ڏئي رهيا آهن. اها سٺي خبر آهي. وائيس چانسلرز ۽ پرنسپلز جون مقرريون ميرٽ تي هڪٻئي جي صلاح مشوري سان ٿي رهيون آهن. هاڻي اوهان سمجهي ويا هوندئو ته اسان جي قوم ايتري اعليٰ تعليم يافته ڇو آهي.

اوهان کي اهو ڄاڻندي به بيحد سرهائي ٿيندي ته صحت کاتو ۽ حڪومت به هڪ پيج تي آهن. ٻنهي جي وچ ۾ ڪمال جي هڪجهڙائي آهي. اسپتالون کليل آهن، هوشيار ۽ مهربان ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو مريضن جي سارسنڀال لهي رهيو آهي. برانڊڊ ۽ معياري دوائن سان مريضن جو علاج ٿي رهيوآهي. اسان جو صحت جو کاتو قوم جي صحت جو ذميوارآهي اهو پنهنجا فرض سهڻي نموني ادا ڪري رهيو آهي، قوم صحتمند آهي، هشاش بشاش آهي اهو سڀ ان ڪري آهي جو صحت جو کاتو ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن.

هاڻي اوهان ڄاڻي چڪا هوندئو ته جڏهن حڪومت ۽ ان جا ماتحت ادارا هڪ پيج تي هوندا آهن تڏهن انهن جي اوليت ڇا هوندي آهي. هڪ اداري جو حڪومت سان هڪ پيج تي هئڻ کي تمام اهم سمجهيو ويندو آهي، ان اداري جو نالو آهي فائر برگيڊ جو ادارو. ان اداري جو ڪم آهي ملڪ اندر لڳل باهه کي وسائڻ هڪ نه ٻئي ڏينهن ملڪ اندر ڪٿي نه ڪٿي باهه لڳندي رهندي آهي. اهو ادارو تر ئي باهه تي ضابطو آڻيندو آهي ۽ باهه کي پکڙجڻ ناهي ڏيندو. هڪ اداري کي سڀني ادارن کان وڌيڪ اهم سمجهيو ويندو آهي. ان اداري جو نالو آهي. صحت ۽ صفائي جو ادارو.  جيڪڏهن رڳو هڪ ڏينهن لاءِ ڀنگي ۽ جمعدار ڪم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏين ته جيڪر گند ڪچري جو جبل ٺهي وڃي. سڄي قوم کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي وڃي، خدا جا لک لک شڪر آهن جو حڪومت ۽ صحت صفائي جوا دارو ڀنگين ۽ جمعدارن سوڌو هڪ پيج تي آهن. (روزاني جنگ جي ٿورن سان )

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *