asma shirazi

هڪ فخريه پيشڪش..!

چونڊمواد عاصمه شيرازي ليکڪ

عاصمه شيرازي

عام طور تي فلم ڊائريڪٽر فلم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جتن ڪندا آهن، ڪيئي قسمن جون مهمون هلائيندا آهن ته جيئن فلم ڪامياب ٿي وڃي. ڪيتريون ئي فلمون اهڙيون هونديون آهن جيڪي رليز ٿيڻ کان اڳ ئي باڪس آفيس تي سپر هٽ ٿي وينديون آهن ۽ وري ڪيتريون ئي فلمون اهڙيون هونديون آهن جيڪي سينيما جي اسڪرين جي زينت بنجڻ سان ئي ناڪام ثابت ٿي سينيما جي پردي تان لهي وينديون آهن.

اهڙين فلمن جا اشتهار هڻڻ کي اڳ ڊائريڪٽرز ۽ پروڊيوسرز پنهنجي فخريه پيشڪش تي دل کولي خرچ ڪندا آهن، وڏا وڏا بل بورڊ ۽ هورڊنگ لڳرائيندا آهن، فلم جي ڪاميابيءَ لاءِ هر قسم جون ڪوششون ڪندا آهن، هاڻي جيئن ته نئون زمانو آهي تنهنڪري فلمن جي ڪاميابيءَ لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو ورتو ويندو آهي، ڪا هڪ اڌ درخواست به داخل ڪرائي ويندي آهي، بحرڪيف هن دفعي به جيڪا تبديلي آندي وئي آهي ان لاءِ تمام گهڻو خرچ ڪيو ويو آهي.

ڌرڻا، تحريڪون، لاڪ ڊائون، عدالتن جا رستا…، غرض هر قسم جو رستو اختيار ڪيو ويو آهي، ميڊيا به ڪلهو ڪلهي سان ملائي شاندار ڪردار ادا ڪيو، ماڻهن کي هن پراڻي نظام مان جان ڇڏائڻ جي تمام گهڻي خواهش هُئي تنهنڪري انهن انهيءَ تبديليءَ واري عمل ۾ پنهنجي حيثيت مطابق حصو ورتو ۽ قرباني ڏني.

اسان جهڙا ماڻهو هميشه جمهوريت پسند تبديليءَ جا خواهشمند رهيا آهن، ڪنهن حادثي جا نه، نظام ۾ تبديلي عوام جي خواهش موجب اچڻ گهرجي، چونڊيل حڪومتون عوام جي طاقت ذريعي اقتدار ۾ اينديون آهن ۽ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارينديون آهن، پوءِ ڀل اها به عوام جي مرضي آهي ته انهن کي ووٽ ذريعي ئي ختم ڪري ڇڏي، پر بند ڪمرن ۾ ويهي جيڪي به فيصلا ڪيا ويندا اهي فيصلا ڪنهن به صورت ۾ جمهوري فيصلا نه هوندا ۽ انهن کي جمهوري فيصلا نه چئي سگهبو، يقينن جن ماڻهن جي خواهش هُئي ته تبديلي اچي هاڻي اهي به هن تبديليءَ واري عمل مان خوش نه آهن، انهن جي به خواهش آهي ته ڪمپوٽر سسٽم جي ڪيز ڪنٽرول آلٽ ڊليٽ جو استعمال ڪن ۽ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏين پر سوال هي آهي ته ڇا؟، سڀ ڪجهه ان ڊو ٿي سگهي ٿو.

بدنصيبي ته ڏسو هن ملڪ جي 70 سالن جي مختصر تاريخ ۾ 40 سال ته سڌو سنئون ملڪ تي آمريت مڙهيل رهي ۽ جيڪي 30 سال سويلين حڪومتن جي هٿن ۾ رهيا انهن تي به ڪيترائي سوال اٿاريا ويا ۽ ڪيئي تاريخ جا انتهائي بدترين واقعا پيش آيا، اسان جبر جي انهيءَ نظام ۾ رهون ٿا جتي سياستدانن کان ته سوال ڪري سگهون ٿا پر انهن ملڪ تي 40- سالن تائين آمريت ۽ جبر مڙهي رکندڙن کان ڪوبه سوال ڪرڻ جي جرئت نه ٿا ڪري سگهون، نه فقط ايترو پر جمهوري دور ۾ به جيڪي غير جمهوري قدم کنيا ويا انهن متعلق سوال ڪندڙن تي يا ته غداريءَ جو ٽپو لڳي وڃي ٿو يا وري اهي به ظلم جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

هاڻي شايد ڪنهن نئين سيٽ اپ جي سُس پس ٿي رهي آهي جيڪو قومي حڪومت يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪو نظام هوندو….، ملڪ ۾ جمهوري سوچ رکندڙ سياسي شخصيتن جي ڪردار ڪشي ڪري انهن کي چور چور چئي ڀت سان لڳايو ويو آهي ۽ وري آزاد سوچ رکندڙ صحافين  جي پڻ ايتري ته ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي جو ڪجهه به صاف ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

ادارن جي جهڙي نموني بي عزتي ۽ توهين ٿي رهي آهي، ڇا اهڙي صورتحال ۾ ڪو به ادارو يا ان جو ذميوار پنهنجو ڪم ڪري سگهندو، اهڙي صورتحال ۾ منٿن ۽ باسن سان آندل حڪومت کان به جيڪڏهن لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو ويو ته پوءِ خبر نه آهي ته حالتون رياست کي ڪهڙي رخ طرف وٺي وينديون. هڪ ڪمزور ۽ نازڪ رياست معاشي، سياسي ۽ سماجي سطح تي اڳ ئي ورهايل آهي جيڪڏهن اها وڌي ورهاست جو شڪار ٿي وئي ته اهڙو عمل انتهائي نقصان ڪار هوندو.

جناب! جيڪڏهن اوهان جي فخريه پيشڪش ڪامياب نه ٿي رهي آهي ته ان متعلق پهريان سوچڻو هو ته ڇا اوهان جي فخريه پيشڪش جي ڪردارن ۾ ڪا جان به آهي يا نه؟. پراڻ چهرن سان نئين فلم ۽ پراڻن ڪردارن سان نئين ڪهاڻيءَ تي جڙندڙ فلم جو انجام اهڙو ئي ٿيندو جيڪو هن وقت ٿي رهيو آهي.

پراڻا استعمال ٿيل سياستدان هاڻي پنهنجو پاڻ کي ڪجهه پري رکن ۽ بچائي رکن ائين نه ٿئي جو وري استعمال ٿي وڃن ۽ عوام جو هن جمهوري فلم تان هميشه لاءِ اعتماد ئي ٽُٽي پوي ۽ ان کي هميشه هميشه لاءِ ڊٻي ۾ بند ڪري ڇڏين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *