وسعت الله خان
اڌ کان وڌيڪ وزيراعظمن کي ته اڍائي سال به ڏسڻ نصيب نه ٿيا، آڱرين تي ڳڻڻ جيترن وزيراعظمن کي رڳو مشڪل سان چار سال مليا، پر پنج سال ڪو به مڪمل ڪري نه سگهيو، ايتري قدر جو هڪ کي ٻه ۽ ٻئي کي وري ٽي دفعا وزيراعظم ٿيڻ جو موقعو مليو، پر سيهڙ ڄنگهان ٽي چوٿون پڇ. ان ۾ قصور وزيراعظمن جو به آهي، پهرين سال ته کين اهو لڳندو ئي نه آهي ته ڪو هو ايگزيڪيٽو جي ڪرسيءَ تي ويٺا آهن، مخالف ڌر جي بينچن تي نه، ٻئي سال انهن کي ٿورو اعتبار اچڻ لڳندو آهي ته اهي چيف ايگزيڪيٽو جي ڪرسيءَ تي ويٺا آهن، اهڙي اعتبار جي سهاري هڪ ٽين سال اهڙي قسم جا بي ضرر فيصلا ڪرڻ لڳندا آهن جنهن سان ڪنهن طاقتور جا پر نه ڦڙڪڻ لڳن، چوٿين سال سندس چوڌاري موجود ثنا خوان کيس اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشس ڪندا آهن ته حضور اعلى اوهان ان منصب تي ڪنهن جي ٿورن سان نه پر عوامي مقبوليت ۽ عوام جي سگهه جي سهاري جلوا پيا ماڻيو.
واقعي هڪ ڏينهن ڪنهن ڪمزور لمحي ان مظلوم کي ان ڳالهه جو يقين ٿي ويندو آهي ته واقعي هو جيڏانهن به ڏسي ٿو ته کيس پنهنجو پاڻ ئي نظر ٿو اچي ۽ پوءِ هو ان اعتماد جي سهاري اهڙا فيصلا ڪرڻ لڳندو آهي جن ڪري سندس کان اڳ وارن وزير اعظمن جو حشر به برو ٿيل هوندو آهي. ان بعد هو انهن اختيارن ۽ اصلاحاتن طرف ويندو آهي ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشس ڪندو آهي جن طرف کيس ڏسڻ به نه گهرجي، ان بعد ساڻس اهو ئي ٿيندو آهي جيڪوو آدم سان ٿيو هو. . هو اهو وساري ويهندو آهي ته هو جنهن ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، اها ڀلي ظاهري طور تي ته هڪ آئيني اختيار واري هوندي آهي پر اصل ۾ اها ڪرسي هڪ نمائشي ۽ ڏيکاءَ واري ( چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ) جهڙي هوندي آهي، هڪ اهڙي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي ڪرسي هوندي آهي جيڪو روشن دماغ ۽ باصلاحيت ۽ سائنسي سوچ رکڻ واري بجاءِ مورت، لچڪداري ۽ شاهاڻي پروٽوڪول صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارو هُجي. ، جڏهن ته هو ڪٿي ٻئي هنڌ ٿيل فيصلن تي نه صرف سواءِ ڪنهن هٻڪ جي صحي ڪري سگهي ۽ انهن کي پنهنجو چئي سگهي پر ان کان به اڳتي وڌي ڪري هو دنيا آڏو انهن فيصلن جو نه صرف دفاع ڪري پر انهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوششون پڻ ڪري.
هن وقت دنيا ۾ آرٽيفيشڪل انٽيليجنس ايتري قدر ته ترقي ڪري چڪي آهي جو هاڻي جيڪي ربوٽ جوڙيا پيا وڃن انهن جي مشيني ربورٽ هجڻ بجاءِ اصل انسان هجڻ جو شڪ ٿئي ٿو، ٻه سال ئي اڳ چين ۾ ان هو نيوز ايجنسي ٻن انتهائي خوبصورت ۽ نوجوان لڳندڙ روبوٽن کي پنهنجي ايجنسيءَ ۾ بحيثيت نيوز رپورٽر ڀرتي ڪري چڪي آهي، جيڪي هوبهو انسان جي لب ۽ لهجي ۾ ايجنسيءَ جو خبرون پڙهن ٿا جنهن مان اهو انومان ڪنهن به طور تي نه پيو ٿئي ته ڪو اهي روبوٽ آهن.
اميد آهي ته دنيا ۾ سماج جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موزون روبوٽس پڻ متعارف ڪرايا ويندا، ان بعد اهو به ممڪن آهي ته سياسي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به روبوٽ متعارف ڪرايا وڃن ۽ عين انهن مان ڪو وزيراعظم به ُهجي، اهڙي نموني آئيني اختيارن جي دائره ڪار جو بحث به ختم ٿي ويندو، پر مون کي اهو گمان آهي ته اسان جهڙن ملڪن ۾ اقتدار ۽ اختيارن جي معاملي تي تڪرار تڏهن به جاري رهندو.
فرض ڪريو ته ڪنهن هڪ اهڙي روبوٽ جيڪو وزيراعظم طور ڪم ڪندو هُجي ان جي پروگرامنگ تبديل ڪري ڇڏي ۽ ان وري ناپسنديد قسم جا فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ته پوءِ ڇاٿيندو؟. يا وري ڪنهن هيڪر آئيني روبوٽ جي پروگرامنگ ڪرپٽ ڪري ڇڏي ته پوءِ ڇا ٿيندو ؟، ڇا ان جي خلاف به ڪرپشن فائل داخل ٿي سگهندو؟، يا ان روبوٽ کي ورڪ شاپ ۾ مناسب مرمت لاءِ موڪليو ويندو؟، يا وري اهو ان کي به اسڪريپ ڪيو ويندو؟.