اها خبر افغان نيشنل ڊفينس ۽ انهن جي سيڪيورٽي فورسز کي به نه هئي ته 20 سالن جي بي معني ويڙھ ائين ئي ساڀيان ٿيندي، انقلاب جيڪو هنن خواب ۾ به نه ڏٺو هيو، ائين ئي اڪ جي ماکي بڻجي ويندو ۽ هي لاهي وٺندا، ڇو ته افغان طالبان رڳو اهو سوچيندا هيا ته اهي ڪڏهن پاڪستان ۾ ته ڪڏهن افغانستان ۾ ڪنهن مهل ٽي ٽي پي بڻجي، ڪنهن مهل داعش جي روپ ۾، ڪنهن گهڙيءَ جماعت الدعوي جي دعوي ڪندي، ڪنهن مهل جيش محمد جا داعي، ڪنهن مهل القائده جا مجاهد ته ڪنهن مهل ڪا نئين جهادي تنظيم ٿي پيا اسلام جي نالي تي ويڙھ ڪندا رهندا ۽ ايئن ئي سي آءِ اي به خوش ۽ هي به خوش.
پر هيل ته آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ هنن جي عيد ڪرائي ڇڏي، جو سڄو ڏينهن جبل، جهنگ جر، ٻيلن، ٻوڙن ۾ رلندي، بک، بڇڙائي ۽ بدحاليءَ واري زندگي ڪاٽڻ وارا، ابوغريب ۽ گوانٽامو جهڙن جيلن ۾ يا جبلن ۾ ان جهڙي بيڪار زندگي پيا گذاريندا هئا، پر آمريڪي آشرواد هنن کي محل ۾ ويهاري ڇڏيو، سي آءِ اي هنن جي آھ ٻڌي، هي جهنگ مان نڪري تخت تي ويهي رهيا، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي ڪي ايجنٽ ناهن پر اها حقيقت آ ته هي به سي آءِ اي جا ٽرينڊ سپاهي ئي آهن، هي به ايتري ئي تربيت ورتل آهن جيترا اهي فوجي، هنن جي ٽريننگ زبردست آ جو آءِ ايس آءِ هنن جي نسلن کي اهڙي سکيا ڏئي ڇڏي آ جو هنن جا نسل، ٻار، ٻڍا، پوڙها، پڪا سڀ جا سڀ اهي ئي اوزار هلائن ٿا جيڪي آمريڪي فوجي هلائڻ ڄاڻن، هنن کي به سڀ جنگيون کٽڻ، کيڏڻ ۽ سنڀالڻ اچن ٿيون، رڳو هنن کي فوجي لباس ناهي، هنن جي شڪل مان ائين ٿو لڳي ته هنن کي رڳو روزا، نمازون، تسبيح، سجدا ۽ صورتون اينديون هونديون پر هنن جي ننڍڙن ٻارن کي به وڏا هٿيار هلائڻ ٿا اچن (جيڪي وڊيوز جي صورت سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب تي پيا آهن) ۽ هنن جون فلمون ۽ اهي سڀ مهڙ وارا وڊيوز جن ۾ هي سرعام ماڻهن جون منڍيون لاهيندي ڏيکاريندا هيا ته جيئن ماڻهن ۾ هنن جي لاءِ دهشت پيدا ٿئي، ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿئي، ان ڪري هن دفعي به هي هنن سي آءِ اي وارن جي وڏي ڪم جا نڪرندا، ان ڪري هر ويهن سالن ۾ انهن سي آءِ اي وارن سان گڏ اسان جي آءِ ايس آءِ جهڙين ايجنسين کي به ڪم ٿا اچن، ڇو ته هٿيارن جي گيم دنيا مان ان ڪري به ختم ٿيڻي ناهي جو ان ۾ آمريڪا جو ڀلو آ، جو اهي آمريڪا ورا افغانستان ۾ ڍير هٿيارن جا ائين ئي ناهن ڇڏي ويا، يا اي بي سي واشگنٽن پوسٽ جي سروي مطابق هنن جي افغان فارسي ڳالهائڻ وارن سميت پختونن جي آبادي کڻي 40 سيڪڙو مس هوندي جنهن ۾ هنن جي هلندي پڄندي آهي باقي 60 سيڪڙو ته طالبان ناهن، يا جيڪي آباديون هنن جون ناهن، اهي هنن طالبان جي اسلام تي ايمان نه ٿا رکن، ان ڪري باقي جا طالبان مسلمان سي آءِ اي جي ڪم جا آهن اهي هنن جي اشارن کي سمجهن ٿا ۽ اهي اهڙي طرح گهرو ويڙھ ۾ مصروف رهندا ايندا.
هن ڳالهھ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته هيل ڊيموڪريٽڪ جو صدر (جو بائيڊن) ان سڄي مانڌاڻ جو مهندار آ، هن جي پلاننگ ۾ اهو ضرور هيو ته هو انهن جي انخلا ڪري هڪ نئين جنگ جي شروعات ڪري ڇڏيندو، جڏهن ته ڊسمبر 2020 ۾ صدر ٽرمپ هنن جي انخلا جو اعلان ڪيو هو تڏهن صورتحال مبهم هئي ايتري واضع نه هئي پر هنن جي دير ۾ ڪو ايڏو وڏو خير هو، جو هن سال جي سيپٽمبر 2021 ۾ نيٽو فوجن جي واپسي افغان طلبان جي لاءِ عيد جو چنڊ اڀاري ڇڏيو، ۽ ائين به ناهي ته هنن جي وڃڻ سان افغانستان ۾ ٺاپر ٿي وئي آ يا ٿي ويندي، هي طالبان ۽ اينٽي طالبان ته اڃان وڏا سڱ ڪڍي بيهي رهندا، جنهن جي پٺيان به جو بائيڊن جي سياست ۽ دورانديشي جو عنصر شامل هوندو، ڇو ته ان ۾ سي آءِ اي جي ئي زبردست جيت آ، ان ڪري اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن گذريل ويهن سالن ۾ اهي سي آءِ اي وارا نمائندا ڪڏهن ائين ۽ ايڏا متحرڪ نه هيا جيترا هاڻي نظر ٿا اچن، وري هاڻي اهڙيون حرفتون ڪري اها ڳالهھ مچائي وري طلبان جي ويڙھ تان ظاهرن هٿ کڻي به وڃن (۽ ويندا) ۽ طلبان کي آزاد ڇڏي ڏين به (۽ ڏيندا) ته به خطي جي امن کي وڏو خطرو هوندو، ائين ناهي ته ولادمير پيوٽن سان هاڻي بائيڊن ملي ويو آ ۽ جيڪي اهو چئي ۽ هاڻي لڙائي پيوٽن جي حوالي ڪري آمريڪا افغان وار تان هٿ کڻي ويندو، ۽ اهو چئي ته ”هي سي آءِ اي وارا هاڻي انهن طالبان سان نه ٿا پڄي سگهن“ ته اهو زبردست ڪوڙ هوندو، پر هاڻوڪي صورتحال تان هٿ کڻي وڃي به پر پاڻ آمريڪا ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي تماشو ڏسندو، افغان طالبان جي صورتحال هاڻي پيوٽن جي حوالي ڪرڻ مان مراد اها ته افغانستان ٻه ٽڪر يا ٽڪر ٽڪر ٿيندو، جو هڪڙن جي پاسي سي آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ ۽ ٻين جي پاسي ريڊ آرمي (روس) بيٺي هوندي، ان ڪري ته وليم جي برنرز جو ڀارت جي اڳواڻن سان ملڻ ڪنهن خطري جي گهنٽي ضرور آهي.
رچرڊ بائوچر (اڳوڻي اسٽيٽ سيڪريٽري) جو اهو چوڻ زبردست آ ته (جيڪو پڻ هڪ آمريڪي ساخت جو بيان آ) ته ”ماڻهن سان انهن جي گهرن، علائقن ۽ ذاتي هنڌن تي وڙهي انهن کي ئي شڪست ڏيڻ مشڪل آ، ان ڪري آمريڪين اهڙي غلطي ويٽنام ۾ به ڪئي هئي وري ساڳي ڳالهھ آمريڪا افغانستان ۾ به ورجائي جنهن جي ڪري هنن کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو“ پر ڳالهھ اها آهي ته ويٽنام جي جنگ ۾ افغانستان جي ”وار آن ٽيرر“ ۾ گھڻو فرق آ، وري ويٽنام، عراق ۽ افغانستان جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن ۾ به فرق آ، پر اهو به واضع آ ته طالبان جي اهڙي بري ۽ بدتر حالت جا زميورا جيستائين اهي پاڻ به آهن پر ان مائينڊ سيٽ جي هجڻ ۾ آمريڪا جي سي آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ جو سڌو سنئون هٿ آ (جيڪا ڳالهه اسان جي خان پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ مڃي، جيڪو هن 15 سيپٽمبر تي هڪ آمريڪي ٽي وي کي ڏنو) انهن جي نسلن جي دماغ ۾ هڪ ئي ڳالھه ويٺل آ ته رڳو وڙهڻو آ، ان ڪري اهڙي مائينڊ سيٽ ٺاهڻ ۾ برقرار رکڻ ۾ آمريڪا جو وڏو هٿ آ، ۽ اهڙي بي حال ۽ بدحال اڪانامي جي لاءِ ورلڊ بئنڪ جو اهو چوڻ بجا آهي ته 90 سيڪڙو افغانستان جي ماڻهن جي روز جي ڪمائي مشڪل سان ٻه ڊالر آ، وري ورلڊ بئنڪ جي طرفان 2019 ۾ مليل 4.2 بلين ڊالر جي مدد ڪجهھ اڪانومي ۾ ساھ وڌو هو پر وري اهي ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار رهيا انهن جي علائقن ۾ اڻ ڳڻين بيمارين منهن ڪڍيو هو جو 2001 جي شروع وارن ڏينهن ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال هين.
پر هنن جي هاڻوڪي اهڙي سيڪيورٽي جي ڳڻتي جوڳي حالتن جي ڪري 3.5 ملين مقامي ماڻهو ته افغانستان ڇڏي بارڊرن تي ڀڄي پهتا آهن، وري 16 آگسٽ وري صورتحال ۾ جنهن هڪ جهاز جي اڏام کي ڏيکاريندا آهن جنهن ۾ ماڻهن جو خوف ڏسڻ وٽان هوندو آ، جو ڪير به اهڙي اسلامي انقلاب ۾ رهڻ ناهي چاهيندو، سڀني ۾ خوف هوندو آ، ۽ 55000 ماڻهو ته هيل تائين گم آهن، جنهن مان 80 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار شامل آهن، ان ڪري ته يونائيٽيڊ نيشنز جي ترت حڪمن ۾ اهو به هيو ته اتان جي ماڻهن ۾ جلدي کاڌي پيتي جو سامان مهيا ڪيو وڃي ۽ طبي امداد به ممڪن ڪئي وڃي ۽ ڪلهوڪي (سيپٽمبر 17) واري بيان ۾ يونائيٽيڊ نيشنز هاءِ ڪميشنز فار ريفيوجيز جي هدايت موجب ته پاڪستان ڪاغزن (شناختي ڪارڊ) جي ڪري افغانين کي دربدر نه ڪري، وري آمريڪا 1.3 بلين ڊالر جي امداد جو اعلان به ڪيو آ، جنهن مان هنن وٽ 400 ميلن پڳا آهن جنهن ۾ اسان جي آءِ ايس آءِ جون همدرديون به ڳڻڻ جهڙيون آهن ڇو ته سي آءِ اي جي اهڙي حماقت يا حرفت آءِ ايس آءِ جا به در کولي ڇڏيا آهن، ”ازابيل موسارڊ ڪارلسن“ جيڪا يونائيٽيڊ نيشنز جي افغانستان ۾ انساني همدردي جي آفيس سنڀاليون ويٺي آ، ان جو چوڻ آهي ته افغانستان ڇڏي نه ڀڄو پر هتي رهي هنن کي ڏيو، هنن ۾ هوش بيدار ڪيو، هنن ۾ انسانيت پيدا ڪيو، هنن جي امداد ڪيو، ڇو ته يونائيٽيڊ نيشنز جي انساني همدري واري آفيس ۾ 300 انٽرنيشنل ماڻهو ڪم ٿا ڪن ۽ 3000 لوڪل ماڻهو به ڪم ڪرڻ مصروف آهن، ان ڪري انهن ماڻهن کان پري نه ڀڄو، ان ڪري ته ان اسٽاف جي فيملي ڊپينڊنٽس جو تعداد 16000 کان مٿي آ، پر 2001 جي شروعات ۾ يونائيٽيڊ نيشنز جي هاءِ ڪمشنر ”رووڊ لوبرز“ جي دوري دوران به اها ئي صورتحال هئي جو ماڻهن ۾ بيمارين اچي لٿيون هيون، ماڻهن ۾ بک، بدحالي، بيمارين جي ڪري افغانستان ۾ حالتون تمام خراب ٿي ويون هيون جو اساما بن لادن جي آمد ٿي وين ۽ ان بهاني آمريڪا ارڙهن هزار بم ڪيرائي هنن کي ويتر بدحال ڪري ڇڏيو هو ۽ افغانين جي لائيف ايڪسپيڪٽينسي 40 سال مس وڃي بيٺي هئي، پر ان جنگ ۾ نيٽو فروسز جا 7 هزار ماڻهو مري به ويا، پر ان سڄي هار جي پويان سي آءِ اي جي جيت لڪل آ، ڇو ته اهڙن انقلابن کان سڀ جا سڀ افغاني اڃان تائين ڊنل آهن.