امتياز عالم
هندوستان جي پنجن رياستن ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي چئن رياستن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ عام ماڻهو پارٽي (آپ ) ڪانگريس ۽ اڪالي دل ٻهاري وئي آهي.
سڀ کان وڏي ويڙهه اتر پرديش (جنهن جي آبادي پاڪستان کان وڌيڪ آهي) ۾ ٿي، جتي ڀارتيه جنتا پارٽي جي اها لڳاتار چوٿين فتح آهي ۽ ان جو ”نئون ماڊل“ يوگي آدتيا ناٿ ٻيو ڀيرو وزير اعليٰ چونڊيو ويو آهي. اتراکنڊ ۾، بي جي پي (48 سيٽون) ڪانگريس کي شڪست ڏني (جنهن 18 سيٽون)کنيون.گووا ۾، بي جي پي 20 سيٽن سان ڪانگريس (12 سيٽون کنيون) کي شڪست ڏني آهي ۽ مني پور ۾، بي جي پي 31 سان ، ڪانگريس (8سيتون کنيون) کي شڪست ڏني آهي.
پنجاب ۾ هڪ وڏو مقابلو ، دهلي جي وڏي وزير ڪيجريوال جي عام آدمي پارٽي، ورهائجي ويل ڪانگريس ۽ اڪالي دل کي وڏي اڪثريت (92 سيٽن) سان شڪست ڏني آهي.
هندستان جي سياسي منظرنامي کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهرين اتر پرديش ۾ ٿيل چونڊ مهم تي نظر وجهڻ ضروري آهي، جنهن کي 2024ع جي عام چونڊن کان اڳ سيمي فائنل رائونڊ قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن جي زبردست نتيجن جي بنياد تي وزيراعظم نريندر مودي ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهجي ڪاميابي جي دعويٰ هاڻي کان ڪري ڇڏي آهي ۽ ان دعويٰ کي چيلينج ڪندڙ شخص جو نالو نشان به ناهي.
اترپرديش ۾ وڏي وزير يوگي اديتاناٿ جي مقابلي ۾ سماج وادي پارٽي جي اڪليش ياديو ۽ سندس اتحادي جاٽن جي جماعت راشٽريه لوڪ دل هئي.اهو چيو پئي ويو ته هندوتوا جي نعرن تي ۽ “سڀني جي ترقي، سڀني سان گڏ” جي نعرن تي جيڪو وسيع جاتي واد اتحاد، جيڪو بي جي پي گذريل عام چونڊن (2019) ۽ صوبائي چونڊون (2017) ۾ ٺاهيو هو.
شايد هن ڀيري اهو،منڊل ڪميشن پاران پيدا ڪيل ذات پرست قوتن جي هٿان وکري ويندو۽ مهانگائي، ڪرونا جي وبا، بيروزگاري ۽ هارين جي آندولن هٿان ڀارتيه جنتا پارٽي کي نقصان کڻڻو پوندو، پر اهي سڀ اندازا غلط ثابت ٿيا.
مودي جي جادوگري ۽ اديتا ناٿ جي جوڳي گورننس رخ موڙي ڇڏيو، 403 ميمبرن واري اسيمبلي ۾، بي جي پي مجموعي طور تي 273 سيٽون ۽ 43.82 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. گذريل صوبائي چونڊن ۾ هن 325 سيٽون حاصل ڪيون ۽ 41.35 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.
هاڻي کين ووٽ وڌيڪ پيا، پر سيٽون گهٽ مليون. جڏهن ته، سماج وادي پارٽي گذريل چونڊن جي مقابلي ۾ 8.25٪ وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا ۽ 71 سيٽون وڌيڪ کنيون ٻين لفظن ۾، بي جي پي 40،383،487 ووٽن جي مقابلي ۾ 33,471,407 ووٽ حاصل ڪندي 125 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
ڪانگريس صرف 2.33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا ۽ کيس صرف ٻه سيٽون مليون . بي ايس پي جا ووٽ اڌ رهجي ويا، 12.88 سيڪڙو ووٽ کنيا. جنهن جو فائدو ڀارتيه جنتا پارٽي کي مليو.
اويسي جي مسلم پارٽي کي ٻه لک ووٽ به نه مليا. اهڙيءَ طرح ماياوتي (BSP) ۽ اويسي ووٽ خراب ڪندڙ طور سامهون آيا.
يوپي جي چونڊن هندوتوا جي لهر کي همٿايو ۽ وسيع ڪيو آهي، ۽ مودي جي ترقياتي ۽ فلاحي اسڪيمن ۽ گورننس سيڪيولر قوتن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. مهيني جو راشن ، ڇهه هزار رپيا روڪ ۽ مفت گيس سلينڊر شايد ڪم ڪري ويو.
ڪانگريس خانداني سياست ۽ هندوتوا ڏانهن نرم روش جي ڪري قومي منظر تان پوئتي هٽي وئي آهي. جڏهن ته،ايندڙ پنجن رياستن ۾، مقابلو ڪانگريس ۽ ڀارتيه جنتا پارٽي جي وچ ۾ ٿيندو. چئن رياستن جي نتيجن ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ مودي جي قيادت کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي ۽ سيڪيولر قوتون جيڪي ڪمزور ٿي رهيون آهن، ان جي خلاف بيهي نه سگهنديون.
نرم ھندوتوا سخت ھندوتوا کان وڌيڪ ڪو مسئلو نه آھي ۽ سيڪيولر قوتون، خاص ڪري ڪانگريس، جنھنجي ھندو مفاھمت واري روش جو ڏيوالو ٿي ويو آهي. هاڻي نريندر مودي 2029 تائين هندستان جو وزيراعظم رهي سگهي ٿو ته سندس وراثت طور يوگي اديتا ناٿ مستقبل جي اڳواڻ طور اڀري رهيو آهي.
جن چونڊ نتيجن تي تعجب نه ٿيڻ گهرجي اهي پنجاب جون آهن،اتي جي اليڪشن عام آدمي پارٽي ٻهاري وئي، جنهن پارٽي جو نشان به ”ٻهارو“ آهي، ڪرپشن خلاف هلايل انا هزاري جي تحريڪ جي اندران جنم وٺندڙ عام آدمي پارٽي ۽ ان جو اڳواڻ اروند ڪيجريوال دهلي رياست ۾ ڪامياب ٿيا ۽ ان جا اثر پنجاب، هريانا، گوا ۽ ٻين رياستن تائين پکڙجي ويا.
جيتوڻيڪ اها گذريل عام چونڊن ۾ دهلي مان لوڪ سڀا جون سموريون سيٽون وڃائي ويٺي هئي،جنهن بعد ڪيجريوال ٻيو ڀيرو صوبائي چونڊون کٽيون. گذريل چونڊن ۾ پنجاب ۾ عام آدمي پارٽي به بنهه گهٽ ووٽ حاصل ڪيا هئا، پر هن ڀيري هن ڪانگريس ۽ اڪالي دل کان، ٽي ڀاڱي چار، سيٽون حاصل ڪري انهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
عام آدمي پارٽي 117 مان 92 سيٽون کٽيون، جڏهن ته ڪانگريس 18، اڪالي دل (SAD) ٽي ۽ بي جي پي صرف ٻه سيٽون کنيون.
پنجاب ۾ اھا وڏي تبديلي نئين اڀرندڙ وچولي طبقي جي آھي جنھن جو سک خالصتان ۽ سک عليحدگيءَ سان ڪو به واسطو نه آھي.
عام آدمي پارٽي هڪ غير مذهبي پارٽي آهي جيڪا هڪ اڀرندڙ نئين نسل ۽ آزاد سرمائيداري ۾ يقين رکي ٿي. هاري تحريڪ جي حمايت مان به هن کي گهڻو فائدو ٿيو ۽ هريانا ۽ هماچل پرديش ۾ به هن جي ڪاميابي جو امڪان آهي.پنجاب ۾ ڪانگريس جي خطرناڪ ڌڙابندي ۽ ڪيپٽن امريندر سنگهه ۽ ان کي چئلينج ڪندڙ نوجوت سنگهه سڌو پڻ بري شڪست کاڌي.
پنجاب ۾ کٽڻ بعد اولهه بنگال ۾ ترينامل ڪانگريس (ٽي ايم سي) جي ليڊر ممتا بينرجي ۽ پنجاب جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال هاڻي قومي سطح تي مودي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ تياري وٺي رهيا آهن. تنهن کانسواءِ گانڌي خاندان مٿان ڪانگريس جي قيادت ڇڏائڻ جي لاءِ باغي گروپ سرگرم ٿي ويو آهي. ائين نٿو لڳي ته هندستاني اپوزيشن ايندڙ ٻن سالن ۾ نريندر مودي خلاف ڪو قبولڻ جوڳو متبادل آڻي سگهندي.
ايندڙ ستن سالن جي امڪاني اقتدار جي دوران راشٽريا سويڪ سنگهه ۽ ان جي هندو عقيدي واري ايجنڊا ۽ هندستان کي هندو قوم بڻائڻ جي ايجنڊا ڏانهن اڳيان وڌندي ۽ ان جي سامهون سيڪيولر قوتون به ميدان ۾ اينديون.
ان حوالي سان پاڪستان وٽ ڪو ٻيو رستون نه آهي ته اهو وزيراعظم نريندر موديءَ سان ڳالهين جو دروازو کولي، هندوستاني ڄاڻن ۽ مودي ڄاڻي.