ڪوئيٽا ۾ ٽي ڏينهن لاڳيتي برسات ۽ ڊيم اٿلڻ سبب نه رڳو اندروني لڏپلاڻ ڪرڻي پئي, پر شھر ۾لاڳيتو گيس بجلي, ٽيلي فون ۽ موبائيل فون جي خدمتن کان کُتي جواب سبب, ڄڻ ته زندگي اوائلي دور ۾ داخل ٿي وئي هئي. هلڪو رابطو ۽ نيٽ بحال ٿيڻ سان ئي خبر ملي ته , چئن ڏينهن اندر سنڌ جي برساتي ٻوڏ پنهنجو دائرو وڌائيندي اسانجي ڳوٺ کي به ٻوڙي چڪي آھي.خيرپور ناٿن شاه کي بچائڻ لاء نوجوان دوستن جون ڪوششون ۽ جدوجهد هلندڙ آھي, پر ان دوران ايف بند کي لڳل گهارن جو پاڻي خيرپور ناٿن شاه جا تاريخي ڳوٺ ماڏو, ستاڻي چانڊيا, ڀنگر ۽ گوزو وغيره ٻوڙيندو اڳتي وڌي رهيو آھي.
پهريان بلوچستان ۽ پوء سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ جي خوفناڪ منظرن اڳ ئي عجيب قسم جي اداسي طاري ڪري رکي هئي, مٿان وري پنهنجي ٻڏل ڳوٺ گوزي جي منظرن ويتر ڏکوئي ڇڏيو.
پنهجن ماڻھن کي ٻوڏ سبب لڏ پلاڻ ڪندي ۽ ڳڻتي ۾ هجڻ جا منظر مون سميت اتان جي سڀني ماڻھن لاء نوان نه آھن.ڇاڪاڻ ته جڏھن به سانوڻي جون تمام گهڻيون برساتون پونديون هيون ته ڪاڇي جي پٽي سميت اسان جي ڳوٺ ۾ به بلوچستان کان ايندڙ پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ ٻوڏ جي خطري جا بحٽ ۽ خبرون ۽ تبصرا شروع ٿي ويندا هيا. توڙي جو اسانجو ڳوٺ ترجي انهن ڳوٺن ۾ ڳڻجي ٿو, جيڪي ورهاڱي کان اڳ وارن سنڌين طرفان مٿاهين تي آباد ٿيل ڳوٺن مان آھي ,جنهن کي عام ڳوٺاڻا “واڻين جو ٻڌل شھر” ڪوٺيندا آھن ۽ 1942 جي تاريخي ٻوڏ سميت ڪا به برساتي ٻوڏ اڳ اسانجي ڳوٺ کي ٻوڙي نه سگهندي هئي, پر 2010 ۽ هاڻوڪي ٻوڏ ڏھن سالن اندر گوزي کي ٻه ڀيرا ٻوڙي, اسان جو اهيو تاريخي زعم به ٻوڙي ڇڏيو.
اسانجي علائقي ۾ جڏھن ٻوڏ گوزي تائين پهچي ته ,ان کي معمولي ٻوڏ نه سمجھيو ويندو آھي.هن پوسٽ ۾ مون ٻه تصويرون پنهنجي آباد ڳوٺ ۽ ٻه تصويرون ٻڏل ڳوٺ جون رکيون آھن. گذريل سياري ۾ ورتل انهن تصويرن ۾ زندگي ۽ خوشحالي جهلڪي ٿي, جڏھن ته تازا منظر لڙاٽيل پاڻي ۽ تباهي وارا آھن. توڙي جو مان ڳوٺ ۽ وطن کان پري آھيان ,پر انهن منظرن جي تڪليف محسوس ڪري سگھان ٿو. انهن منظرن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھن جي بي وسي, ٻڏندڙ فصلن, مرندڙ چوپاين, ابن ڏاڏن جي لڙھندڙ قبرن سان گڏ ,مون لاء سوين يادن جي غوطا کائڻ جو اهو احساس به شامل آھي, جيڪو منهنجي ڳوٺ جي هر گهٽيء ۽ ھر گهيڙ مان ٻڏندي مون تائين پهچي ٿيون.
منهنجي ڳوٺ جھڙا سنڌ جا ڪيئي ڳوٺ جن کي فطرت ۽ برساتون سولائي سان نه ٻوڙي سگهنديون آھي انهن کي وري وري ڪير ٿو ٻوڙي?
چون ٿا ته انگريزن جي زماني جو ٺھيل ايف پي بند جيڪو ڪاڇي اريگيشن سسٽم ۽ آباد علائقن کي ڪاڇي جي جابلو ٻوڏ کان بچائڻ لاء ٺاهيو ويو هيو, سو مرمت نه ٿيڻ سبب ٺٺي پيو.
ننڍي هوندي جڏھن اڃان سنڌ “گدڙن نه کاڌي” هئي, تڏھن ڏسڻ ۾ ايندو هيو ته هر سال چوماسي جي مند ۾ سنڌ جي درياهي چاڙھ ۽ برساتي نين کي روڪڻ وارن بندن تي تياري شروع ٿي ويندي هئي.توڙي جو اريگشن سميت ٻين کاتن ۾ اڳ به ڪرپشن ڪرڻ ۽ ٻوڏن تي تڳجڻ وارا ڪردار موجود هئا , پر تنهن هوندي به بندن تي آر ڊي وائيز بيلدار, سرويئر ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاء ٽريڪٽر, بلڊوزر, ٽُوئا, ڪاٺيون, بتيون ۽ ٻيو سامان پيو گڏ ٿيندو هيو. ان وقت لڳندو هيو ته ڪا سرڪار يا ڪو کاتو ان ڪم ۽ ڳڻتي سان لڳل آھي.ايتري تائين جو بندن ۾ ڪوئن جا ڪيل سوراخ بند ڪرڻ جي به منصوبا بندي ڪئي ويندي هئي. پر وقت ,سياسي۽ سماجي حالتن جي ابتري آبپاشي کاتي سميت سنڌ جي مڙني کاتن ۾ اهڙن ڪوئن کي جنم ڏنو آھي, جيڪي پنهنجي فولادي ڏندن سان نه رڳو سنڌ جي بندن کي آر پار سوراخ ڪري ڪُرٽي رهيا آھن, پر انهن کان سنڌ جو ڪو به شعبو, شهر, ڳوٺ ۽ کاتو محفوظ نه رهيو آھي.
هي “ڪئا”ڪا جيتامڙي مخلوق نه پر بنھ متارا ۽ بنا پڇ جي توهانکي سڄي سنڌ ۾ وزيرن, مشيرن, وڏيرن, پيرن,ڪامورن, ٽي ايم اوز, اميرن , واپارين, سردارن ,صحافين,ٽيڪنوڪريٽس , راڄن جي چڱن مڙسن سميت انيڪ شڪلن ۽ شبيھن ۾ ملندا. ويگوز ۽ پراڊور تي سوار, چمچن جي لوڌ سان ڦرندڙ اهڙي مخلوق توهان کي سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گھمندي ۽ ڪارروايون ڪندي ملندي.
سياسي جمود, اسٽيٽسڪو , رياست جي پٺ ڀرائي ۽ ڪمزور احتجاجي آوازن انهن “ڪوئن” کي اهڙي ته شڪتي ڏئي ڇڏي آھي, جو سندن حملي هيٺ آيل سنڌ ,سندن طرفان ڦهلايل پليگ ۽ ڪاپاري چڪن جي مڪمل ور چڙھيل آھي. جيڪڏھن اسين سڀ پنهنجا ڳوٺ, شھر, وسيلا, درياه, زمينون ۽ خواب بچائڻ ۽ انھيء عذاب مان نجات ماڻڻ چاهيون ٿا ته ,سنڌ جي ھر ماڻھو کي “پائيڊ پائيپر” ٿيڻو پوندو يا وري ھر وک تي نيون سياسي ڪوڙڪيون رکڻيون پونديون.