رياض ابڙو

نوڪريون، ڪاروبار ۽ زرعي شعبو

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

اسان وٽ زرعي شعبي ۽ صنعتي شعبي ۾ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري نوڪرين، روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا وڏي فرق سان پيدا ٿيندا ٿا رهن، ۽ پئيسن جي سيڙپ جيتري صنعتي شعبي ۾ ٿيندي ٿي رهي ۽ جيترا اڻ ميا پئيسا صنعتي شعبي ۾ ڪمائجن ٿا اوترا زرعي شعبي ۾ نه ٿا ڪمائي سگهجن، اتي ته ويچارو هاري (گروئر) پنهنجي پوک پوکي به بکون ڪاٽڻ تي مجبور هوندا آهن، پر ان جي مقابلي ۾ زرعي شعبي ۾ واپاري (بروڪر) وري به خوشحال ٿو رهي، ۽ اها به حقيقت آ ته صنعتي شعبي ۾ سدائين نوڪريون پيدا ٿينديون ٿيون رهن ۽ زرعي شعبي ۾ بلڪل نه جي برابر يا سالن ڪسابن ۾ جو ڪي سو هزار يا ايلاز منٿن سان، يا پيرن فقيرن تي پڙ وجهجن جو من نه من ڪا سرڪاري نوڪري حڪومت جي طرفان آڇ ٿئي، ڇو ته زرعي شعبي ۾ ۽ صنعتي شعبي ۾ زندگيءَ جي طرز به مختلف ٿي ٿئي، ۽ عام ماڻهن جي زندگي به مختلف طريقن سان ٿي گذري، جنهن جي ڪري اتي ڪنزيومنگ شعبي ۽ سروس شعبي جون مارڪيٽون به الڳ الڳ ٿين ٿيون ۽ انهن جي اهڙي طرز جي ڪري صنعتي شعبي ۾ ڏينهون ڏينهن نت نوان ۽ هوائي روزگار به پيدا ٿيندا ٿا رهن، جو ”جنين ڏاند نه ٻج اول ڏين انهن کي پوءِ اڀارين سج“ جو ماڻهو رڳو مشوري ڏيڻ (معنيٰ ڪنسلٽنسي) جا به لک ٿا ڪمائن ۽ زندگيءَ جي انوکي طرز جي ڪري سروس شعبي ۾ به هزارين روزگار پيدا ٿيندا ٿا رهن، ڇو ته شهري جي زندگيءَ جي طرز ۾ خوف ۽ ڊڄ جو وڏو بزنس آ، يا زندگيءَ جي احتياطن ۽ صحت متعلق شيون به ماڻهن کي هزارين رزوگار جا ذريعا پيدا ڪري ٿيون ڏين، جنهن جي ڪري ٽيڪس ڪليڪشن، انڪم ٽيڪس، سهولتن جو معيار، ترقيءَ جو معيار، ماڻهن جي زندگي گذارڻ جو معيار ۽ بازارين جي گهماگهمي به الڳ الڳ ٿين ٿيون.

پر زرعي شعبي ان جي ڀيٽ ۾ گھڻو مختلف آ ۽ جنهن جي ڪري نوڪريون به گھٽ ۽ گھڻي دير بعد ڏنيون ٿيون وڃن، مثال جتي ٻه لک پنجاھ هزار گريجوئيٽس (سڄي پاڪستان مان) هر سال يونيورسٽين مان پاس ٿي نوڪرين جي لاءِ ڊُڪ ڊوڙ ڪن ٿا اتي زرعي شعبي ۾ هر پنجين سال رڳو پوليس، ماستري ۽ ڪلارڪي جي نوڪرين جي آسري لکين نوجوان پنهنجو الھه تلھه وڃائي ويهي ٿا رهن، جيڪي ان آسري ۾ به رهن ٿا ته جي هيترن لکن ۾ نوڪري ملندي ته وٺنداسين يا هيترين لکن ۾ نوڪري ملندي ته نه وٺنداسين، ۽ ان آسري ۾ اهي نوجوان عمر جي حد به وڃائي ويهي ٿا رهن، ۽ ”اوور ايج“ ٿي ٿا وڃن جو ان هڪ نوڪري جي آسري ۽ ڊگري جي آسري زندگي گذري ٿي وڃين، پر صنعتي شعبي جي ڀيٽ ۾ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري، ڪاروبار ۽ صنعتن جي اوڻاٺ به رهي ٿي جنهن جي ڪري روزگار به اڻ لڀ ٿي ٿا وڃن، پوءِ جيڪي ٻار گريجوئيشن ڪري به نوڪري نه ٿا وٺي سگهن يا غريب هجڻ جي ڪري انهن وٽ ايترا پئسا به نه ٿا هجن جو اهي پوليس، ماستري ۽ ٻيون نوڪريون پئسن تي وٺي سگهن جو انهن کي مهل سان نوڪري نه ملڻ به نسلن جو نقصان ئي سمجهي.

معاشي فارمولي ۾ هڪ خاندان کي نوڪري ملڻ مان مراد آهي ته اهو هڪ خاندان معاشي ليول تي اڀري ايندو، اهو ماڻهو انهن ڪجهھ پئسن مان ٻيا گهر جا خرچ کاٻار، يا هلڪا ڦلڪا ڪاروبار، ڪم ڪاريون، مال متاع به خريد ڪري سگهندو، جنهن سان ان جي خاندان ۾ خوشحاليءَ جا سورج اڀرندا ۽ ان سان اهي خاندان خوشحال زندگي گذاريندا، ان ڪري نوڪرين جا موقعا گھڻا هجڻ مان مراد معيشت جي صحت بحال ڪرڻ آ، ان ڪري ته اهو خاندان اهي سڀ پئسا موٽائي وري مارڪيٽ ۾ ٿو هڻي، جنهن سان اهو وري اٽي ٻاٽ، گهرگهاٽ، مال ملڪيت ۽ ترقي جي ڪمن ۾ سيڙائي ٿو (گھڻي ڀاڱي) ان ڪري رزوگار جا موقعا زرعي شعبي ۾ به پيدا ڪرڻ وري حڪومت جي زميداري ۾ آهي ته اهي صنعتون اتي هڻي جتي زرعي پيداوار ٿئي ٿي، مثال جتي ڪمند جي پيداوار آهي ته اتي ڪمند جي پيڙھ جون فيڪٽريون لڳن ٿيون ته پوءِ جتان ڪڻڪ، ڪپهھ، چانورن يا تيلي ٻج پيدا ٿين ٿا ته اتي ئي سرڪار صنعتون هڻي، اتي فيڪٽريون، ملون ۽ صنعتي ڄار وڇائي ته جيئن اتان جي ماڻهن ۾ اسڪلز، هنر، ڪاريگري ۽ روزگار پيدا ٿين، ڇو ته سي پيڪ به ان ڳالهھ جو ثبوت آهي ته واپار هاڻي روڊ رستي به ڪري سگهجي ٿو، ان ڪري سامونڊي پٽي ۾ سامان جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي سهولت جي ڪري صنعت جي ترقي لازمي ناهي، اهي سڀ فيڪٽريون، صنعتون ۽ ملون جڏهن پنجاب جي هر شهر ۾ لڳي سگهن ٿيون ته اهي پوءِ اسان جي هر شهر ۾ به لڳي سگهن ٿيون، جي گجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، يا پنجاب جي هر شهر ۾ فيڪٽريون لڳي سگهن ٿيون ته اسان وٽ به رڳو گهريلو گهرج پوري ڪرڻ جي لاءِ لڳي سگهجن ٿيون، ڇو ته جتي رڳو سئي ڌاڳي جي صنعت ڪم جي آ ته اتي اُٺ جيڏيون شيون به جيڪي اسان جي گهرج پوري ڪن اهي گھٽ ۾ گھٽ لڳائي به سگهجن ٿيون، ڇو ته ساڳيون ئي شيون جڏهن چائينا مان آڻي هر شهر ۾ کپائي ۽ خريد ڪري سگهجن ٿيون، جتي هر ضرورت جي شيءِ پنجاب مان آڻي اسان جي شهرن ۾ اماڻي ۽ کپائي سگهجي ٿي، اتي اسان جي شهرن ۾ ٺاهي به سگهجن ٿيون، ڇو ته زرعي شعبي ۾ پاڻيءَ جي اوڻاٺ جي ڪري ماڻهن ۾ جتي رزوگار جي ۽ اناج جي اوڻاٺ ٿئي ٿي، اتي لڏپلاڻ جي ڪري علائقا غيرآباد به ٿين ٿا، ڇو ته دريائي پاڻي جي اڻهوند جي ڪري ماڻهو پنهنجا علائقا ڇڏي ٿا وڃن، جنهن جي ڪري اتي وري غيرآبادي جو خدشو به رهي ٿو، ان ڪري اهي سڀ عنصر ذهن ۾ رکي حڪومت کي ان ڳالھه تي ڳوڙهو غور ڪرڻو پوندو ته ماڻهن جي آبادي جو وڏ سبب روزگار جي هوند آهي، جن ۾ صنعتي شعبي سان گڏ زرعي شعبي ۾ روزگار جي هوند لازمي آهي.

عبدالله شاھ واري دور ۾ (جڏهن پاڻ وزير اعليٰ هيو) تڏهن بي بي صاحبا هن سان گڏ قلندر جي ميلي ۾ هڪ تقرير ڪئي هئي سا هر ڀيري ٻڌندي ڏاڍي زبردست لڳندي آ (جيڪا يوٽيوب تي پئي آ) جڏهن بي بي صاحبا قلندر جي ميلي جو افتتاح ڪندي هڪ تقرير ڪندي آ ته ”شهرن جو رخ ڪيو، شهرن جي دفترن ۾، صنتعن ۾، فيڪٽرين ۾، مارڪيٽن ۾ نوڪريون ڪيو، هنر سکو، جي توهان اهي نوڪريون ۽ هنر نه سکندا ته پوءِ توهان جي جاءِ تي شهرن ۾ ٻيا غير سنڌي ماڻهو اچي اهي نوڪريون، هنر ۽ واپار ڪندا“ پوءِ دل چوندي آ ته من بي بي جي اها تقرير اسان جي نوجوانن تي اثر ڪري، ڏکيو سخيو ئي صحيح پر شهرن ۾ اچي نوڪريون ڪن، يا اهي سرڪاري نوڪرين جا آسرا پلي ڇڏن ۽ اهي ٽرينڊ مٽائن، ڇو ته شهرن ۾ نوڪرين جا نمونا، آسرا ۽ ٽرينڊ الڳ آهن اتي موقعا ۽ آسرا گھڻا آهن بجاءِ جو هڪ ماستريءَ ۽ پوليس جي آسري سڄي خاندان کي هڻي تباھ ڪري ڇڏجي، جيڪي ويچارا نمازون، روزا، دعائون، ڌاڳا ڦيڻا، پير فقير گهمي گهمي پاڻ کي نڍال ٿا ڪري ڇڏن يا مايوس ٿي ٿا وڃن پر ان جي ڀيٽ ۾ اهي سڀ نوجوان شهرن جي طرف رخ ڪن ته جيئن اهي سڀ روزگار به وٺي سگهن، مهل سان معاشي طور بحال به ٿي سگهجي، ۽ معاشري ۾ اٿڻ ويهڻ جهڙا به ٿي سگهجي.

ڳالھه اها به مڃون ٿا ته گھٽ سيٽن جي ڪري حڪومت وٽ شاٽ لسٽنگ ائين به ڪئي ويندي آ ته ته جيئن گھٽ سيٽن جي لاءِ بهترين ۽ پورا پُنا اميدوار برٿي ڪري سگهجن، (آءِ بي اي واري ماستريءَ واري ٽيسٽ جو پيٽرن هڪ الڳ بحث آ) هونءَ شاٽ لسٽنگ جا ٻيا به طريقا آهن مثال ادارا، تعليمي قابليت جي ڪري به شاٽ لسٽنگ ڪندا آهن، مثال انهن کي جي گريجوئيٽ کپن ۽ ان سيٽ جي لاءِ گريجوئيٽ گھڻا ٿي وڃن ته پوءِ اهي عمر جي حد کي ڏسي وري شاٽ لسٽنگ به ڪندا آهن، وري جي عمر جي حد به اها شاٽ لسٽنگ ناهي ڪري سگهندي ته پوءِ وري تجربو به ڳڻي وٺندا آهن (پر شڪر آ جو حڪومت ايج رليڪسيشن ۾ اميدوارن کي رعايت ڏئي ٿي يا ڏيندي آ) يا هن دفعي جي حڪومت ميرٽ تي اميدوار کڻي ٿي ته اها ڳالهھ ڏاڍي مثبت به آهي ته هاڻي زبردست ميرٽ ٿيندي، پر مصيبت اها به آهي ته جي حڪومت ميرٽ نه ٿي ڪري ته به ڏچو آ ۽ جي ڪري ٿي ته به ڏچو، پر هڪڙي ڳالھه حڪومت کي ڪرڻ کپي ته جيئن صنعتي بيلٽ يا شعبي ۾ نوڪرين جي گھڻائي هجي ٿي تيئن زرعي شعبي ۾ به نوڪرين ۽ موقعن جي گھڻائي پيدا ڪري ته جيئن عمرين جي حد ۾ ماڻهن کي نوڪريون ملن، جيڪا پڻ خوشحالي جي ضمانت هجي ٿي ڇو ته مهل سان نوجوانن جو نوڪريون ڪرڻ، ڪاروبار ڪرڻ، پئسي ڏوڪرڙن جي مٽاسٽا ۽ ڏي وٺ ڪرڻ به زبردست معيشت ۽ معاشي خوشحالي جي ضمانت ۽ نشاني هجي ٿي، ڇو ته هڪ ماڻهوءَ کي جڏهن نوڪري ملي ٿي يا ڪاروبار ڪري ٿو يا پئسي ڪمائڻ جهڙو ٿئي ٿو ته اهو مارڪيٽ ۾ چرپر ٿو آڻي ڇو ته ان جي ڪمايل پئسن سان مارڪيٽ ۾ هلچل مچي ٿي اهو نوڪري وارو شخص، ڪاروباري شخص ۽ ڪمائيندڙ شخص شاديءَ کان وٺي خريد ۽ فروخت ۾ معاشري جي لاءِ مثبت ثابت ٿيندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے