wusatullah khan

نه انجڻ جي خوبي۽ نه ڊرائيور جو ڪمال

ليکڪ وسعت الله خان

وسعت الله خان

ڪيترن ئي ماڻهن کي تڏھن معلوم ھو يا ھاڻي معلوم آھي  ته پاڪستاني بري فوج جي پهرين سربراهه جنرل سر فرينڪ والٽر ميسروي جي ملازمت جو مدو فقط ڇهھ مهينا ھو  ۽ سندس جاءِ  تي ايندڙ  جنرل ڊگلس گريسي ٽي سال ٻه مهينا فوج جو سربراهه رهيو.

ڪشمير بابت حڪومت جي عسڪري پاليسي تي عمل درآمد کان صاف انڪار باوجود گورنر جنرل خواجه ناظم الدين ۽ وزيراعظم لياقت علي خان جنرل گريسي کي برطرف  ڪري نه سگهيا. پرديسي حڪومت قائل ٿي وئي تھ رياستي فيصلن تي بن اڪنھن چون چرا جي عمل دارآمد جي لاءِ ضروري آھي تھ ايندڙ ڪمانڊر ان چيف کي به اھڙو ئي ھئڻ گھرجي.جنرل گريسيءَ پنھنجي ممڪن جانشينن جي جيڪا فھرست پيش ڪئي انھن ۾ سڀني کان سينئر جنرل اڪبر خان ھو،ان بعد ميجر جنرل اشفاق المجيد، ميجر جنرل افتخار خان ۽ ميجر جنرل اين ايم رضا شامل هئا.

جنرل گريسي ميجر جنرل افتخار خان کي پنهنجو جانشين بڻائڻ جي حق ۾ هو پر هو هڪ هوائي حادثي ۾ فوت ٿي ويو. جنرل اڪبر خان 1948 ،1949 جي ڪشمير آپريشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ھو،  پر اهو شڪ هو ته هن جا سياسي ارادا پڻ آهن. جڏهن ته ميجر جنرل اشفاق المجيد جو تعلق بنگال سان هو.اهڙي موقعي تي ڊفينس سيڪريٽري اسڪندر مرزا ڪم آيو  جنھن  وزير اعظم لياقت علي خان کي قائل ڪيو ته ميجر جنرل ايوب خان هڪ سادو پروفيشنل سپاهي آهي ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي، تنهن ڪري سندس نالي تي به سنجيدگيءَ سان غور ڪيو وڃي جيتوڻيڪ سينيارٽي لسٽ ۾  ايوب خان جو نالو پري پري تائين بھ نھ هو.

البتھ  اسڪندر مرزا بريفنگ دوران وزيراعظم کي اهو ٻڌائيندي  وسري ويو ھو  ته نا ايوب خان ڪيترو اتالو آهي ۽ خود  ھن جي ذھن ۾ بھ غير سياسي ايوب خان جي مدد سان  مستقبل جو ڪو سياسي پلان اڻجي رهيو آهي. اھڙي طرح  ايوب خان اپريل 1951ع ۾ پهرين ديسي ڪمانڊر ان چيف ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

لياقت علي خان جي وفات کان پوءِ بيوروڪريسي جي گرفت ويتر مضبوط ٿي وئي. گورنر جنرل ناظم الدين کي وزير اعظم بڻائي، غلام محمد کي گورنر جنرل بڻايو ويو ۽ پوءِ وزير اعظم ناظم الدين کي ڪمزور فيصلا ڪرڻ واري شخصيت مشھور ڪري ھن جي  جاءِ تي آمريڪا مان موٽندڙ بنگالي سياستدان محمد علي بوگرا کي وزير اعظم مقرر ڪيو ويو. بوگرا آمريڪا جي خواھش  تي پاڪستان کي سرد جنگ جو حصو بڻايو ۽ اسڪندر مرزا کي پنهنجو گهرو وزير مقرر ڪيو.

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو معجزو ٿيو ته هڪ حاضر سروس ڪمانڊر ان چيف (ايوب خان) کي دفاع جي وزارت جو قلمدان سونپيو ويو ۽ اها کل جوڳي صورتحال پيدا ٿي وئي ته ڪمانڊر ان چيف ايوب خان به وزير دفاع ايوب خان جي ماتحت هو. بطور وزير دفاع ڪمانڊر انچيف جو باس ھو.

جڏهن فالج ورتل  غلام محمد کي ٽنگو ٽولي ڪري گورنر جنرل هائوس ڪراچي مان سندس ذاتي رهائشگاهه منتقل ڪيو ويو ته اسڪندر مرزا گورنر جنرل ٿي ويو ۽ ايوب خان کي بطور ڪمانڊر ان چيف  توسيع ملندي رھي،هڪ بعد ٻيو وزيراعظم ايندو رھيو پر  هي جوڙي سلامت رھي.

1956ع جي آئين نافذ ٿيڻ سان  بس اھو فرق  پيو ته گورنر جنرل صدر سڏجڻ لڳو. پر تسلي پوءِ به نه ٿي.ان جوڙي کي بي اختيار  وزير اعظم بھ کٽڪڻ لڳا.ڪمانڊر ان چيف ايوب خان، جنهن گذريل ڇهن سالن ۾ مرزا جي استادي  ۾ رياست جون سموريون رمزون زباني ياد ڪري ورتيون ھيون،ان ڏاڍي مهارت سان اسڪندر مرزا جھڙي ھن مٿان ڇانيل گرگ کي ملڪي استحڪام جي نالي تي لولي لنگڙي  پارلياماني نظام ويڙهي مرد آھن بڻجڻ جي پٽي پڙھائي .محترم استاد اسڪندر مرزا جي ھٿان مارشل لا لڳرايو ويو،خود  چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو ۽ جڏهن اسڪندر مرزا کي احساس ٿيو ته سمورا اختيار مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي هٿ ۾ آهن، تڏهن کيس شڪست اچي چڪي ھئي.

شاگرد استاد کي آخري ڌوتل پٽڪو ايئن پھرايو جو  مارشل لا لڳڻ جي صرف 20 ڏينهن بعد اسڪندر مرزا ايوب خان جي موڪليل ٽن جنرلن جا چست چهرا ۽ ھنن جي ھٿن ۾ ڀريل ريوالور ڏسي، سليپنگ سوٽ پاتل ھوندي استعيفيٰ تي دستخط ڪئي.شاگرد استاد کي پهرين اڏام ۾ لنڊن روانو ڪري ڇڏيو.

اهڙي طرح پاڪستان باضابطه طور ’صدارتي ڪمانڊر ان چيفي‘ جي دور ۾ اھڙو داخل ٿيو، جو اڄ تائين رياستي نظام جي ٽرين هڪ نه ختم ٿيندڙ ويراني ۾ هلي رهي آهي. دٻن جا مسافر چڙهندا لھندا رھندا آھن، پر انجڻ اھا ئي 64 سال پراڻي آهي ۽ هاڻ اها صورتحال آهي.نه انجڻ جي خوبي ۽ نه  ڊرائيور جي ڪمال، چلي جا رھي ھئي خدا ڪي سھاري.

پتو  ناهي پوءِ ڇو هر چئن سالن بعد سياسي مسافرن ۾ بنا مطلب جي ٿرٿلو مچي ويندو  آهي ته ڪير اچي رهيو آهي، ڪير وڃي رهيو آهي ۽ ڪير اڃان نه وڃي رهيو آهي. بابا، تنهنجو انهن معاملن سان ڪهڙو واسطو؟ ايتريون ڦڙتيون ڇو ڏيکارين ٿو ۽ بي سبب فضول ٿڪجين ٿو ؟تنهنجو ڪم تھ بس ايترو آهي ته جڏهن ڪاغذ سامهون رکيو وڃي تھ شريف ڌير،پٽن جيان ٽي ڀيرا  قبول آھي قبول آھي چئو ۽  ان تي صحيح ڪري قلم واپس ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *