اويس توحيد
تاريخي جيٽي روڊ تي هزارين مذهبي ڪارڪنن جو ڌاڪو آهي، بلند آواز ۽ نعرن جي گونج،خوف واري ڪيفيت. گهيراءُ. پوليس ارن تي ڏنڊن ۽ لوهي سيخن سان حملا،منظر اهڙو جو مٿو ڦري وڃي ۽ ساهه ٻوساٽجڻ لڳي.ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ وزيرن جي وائڙپ ٿي ڏسجي.اڃان آءِ ايس آءِ جي سربراهي جي تعين ڪرن واري قضئي جا بادل ڇَٽا نه هئا جو حڪومت کي هڪ ٻئي تڪرار کي منهن ڏيڻو پئي پوي.
عوام پريشان آهي ۽ متاثر علائقن ۾ زندگي جو ڪاروبار ٺپ آهي. ان احتجاج کي تحريڪ لبيڪ جو ساليانو ”انتها پسندي“ جوميلو ئي سمجهي وٺو. سن 2017 جي فيض آباد ڌرڻي بعد ته اهو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي،مطالبا مڃيو جي نه ته اهو سمجهو ته ”مذهبي انتها پسندي جي ڪارتوسن سان ڀريل بندوق “ سماج جي لوندڙي تي تاڻيل رهندي.حڪومت پنهنجي بي وسي جو اظهار ۽ رياست ”سمجهوتن ۽ مجبورين“ جي بيساکين جو سهارو وٺندي مٿو ٽيڪي ٿي ڇڏي.
هن ڀيري جڏهن پرتشدد احتجاج جاري هو ته عمران خان حڪومت کي تحريڪ لبيڪ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طاقت جي استعمال ۽ ڳالهين جي ٻن ڌارن واري تي تلوار ته ٽنگيل ڏٺوسين.
صبح جو شيخ رشيد احتجاج ڪندڙن جي ڏاڙهين ۽ گوڏن ٿي هٿ رکندي، قربان پئي ٿيو ۽ شام جو دهشت گرد ڪاررواين ۾ ملوث هئڻ جا الزام ڌريا پئي.
فواد چوڌري، ٽي ايل پي کي پنهنجي ٽوئٽر تي ”فسادي “پيو سڏي ۽ ان تحريڪ جو انڊيا سان مبينه تعلق پئي ڳنڍيو. ايئن سمجهي وٺو ته جهڙوڪر حڪومت تحريڪ لبيڪ جي احتجاجي تڪرار کي منهن ڏيڻ جا ڪنفيوزن جي سليماني ٽوپي پائي رکي هئي. لڳ ڀڳ هتفو گذري ويو پر معاملو اُتي جو اُتي ئي هو ۽ پوءِ اوچتو ٽي وي اسڪرينز تي اسان کي خوشي جو پيغام ٻڌايو وڃي ٿو ته حڪومت ۽تحريڪ لبيڪ وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي.جنهن ۾ ”جوش کان نه پر هوش کان ڪم ورتو ويو آهي“.
هڪ پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ويٺو آهي، جنهن جا ڪئين ڪردار آهن. ڪڌهن سوٽ بوٽ ۾ هوندو آهي، ته ڪڌهن پنهنجي مريدن ۾ تعويذ گنڊا پيو ورهائيندو آهي.درگاه جو گادي نشين آهي.سندن مريدن جي نظر ۾ ”مرشد“ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.اسان کي ته سندس سياسي ڪرامتن جو علم آهي. جهڙي طرح آساني سان حُليئو بدلائي ٿو، ايتري ئي آساني سان ماضي ۾ سياسي واسطيدارين کي تبديل ڪرڻ ۾ به مهارت جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
ٻئي پاسي پڳڙين ۾ تحريڪ لبيڪ جو رهنما آهي ۽ انهن جي وچ ۾ اها شخصيت آهي جا جي نه هجي ته اسين عيد ۽ ٻيا مذهبي تهوار اسلامي اجازت کانسواءِ ڪيئن ملهايون ها ؟چنڊ جي پشن گوئين کي اسلامي ويس پهرائڻ ۾ مهارت رکي ٿو. ڪيترن ڏهاڪن کان مفتي منيب الرحمان جي ڪلام بنا عيد ملهائڻ جو تصور به ناهي ڪيو، ان جا ناقد کيس”سرڪاري مولوي “ چون ٿا.
ٻڌو آهي ته ”رکوالن“ جي هاٽ لائن تي موجود هوندو آهي، جڏهن به ڪو بحران هجي مفتي صاحب پنڊي ۽ اسلام اباد ۾ وارد ٿي ويندو آهي. هن ڀيري به ،جڏهن تحريڪ لبيڪ جا مظاهرو ڪندڙن حڪومت جي نه مڃي، ضمانت ۽ ضامن گهريو ته تحريڪ لبيڪ جي بريلوي مسلڪ مان ته مفتي منيب الرحمان موجود هو ان کانسواءِ به هڪ ٻئي ضامن جو مطالبو هو،جنهن جو ماضي ۾ ”فيض “حاصل رهيو هجي.فيض آباد ڌرڻي جي معاهدي تي جنرل فيض، جيڪوهنن ڏينهن ۾ آءِ ايس آءِ جو سربراه آهي ۽ اتان رخصت ٿيڻ بعد پشاور جي ڪور ڪمانڊر جو عهدو سنڀاليندو تن جو صحيحون موجود هيون،ان معاهدي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي جاري ٿيون.هن ڀيري هڪڙي ٻي تصوير گردش ۾ آهي. آرمي چيف جنرل باجوه صاحب وچ ۾ آهي.هڪ پاسي مشهور ڪاروباري شخصيت ۽ ٻئي پاسي مفتي منيب الرحمان آهن. سمجهيو ٿو وڃي ته ان ملاقات کانپوءِ ئي ٽي وي اسڪرينز تي حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ جي پچ ۾ معاهدي جي ”خوشخبري“ ٻڌائي وئي.
اسان به ان پريس ڪانفرنس ڏانهن رخ رکون ٿا. مفتي منيب قوم تي احسان جتايو ته ڪيڏي نه ڪمال ڪاريگري سان حالتن کي خون خرابي کان محفوظ رکيو ويو آهي. معاهدي جي شقن کي اڃان تائين ڳجهو رکيو ويو آهي ۽ ميڊيا کي تلقين ڪئي وئي آهي ته ڪجهه ڏينهن ” پنهنجا دڪان نه چمڪائين“ ڄڻ خاموشي اختيار ڪن. مفتي صاحب دڪان ڪنهن چمڪايو آهي ؟ اهو سڀني کي علم آهي..
جڏهن اتي موجود صحافين سوال پڇڻ جي ڪوشش ڪئي ته شاه محمود قريش صاحب اٿي کڙو ٿيو ۽ فرمايو” هتي ڪو به سوال جواب نه ٿيندا“اسان کي منير نيازي صاحب جو شعر ياد اچي ويو پر ڪجهه ٿورين تبديلين جي جرئت سان ته، ڪسي ڪو اپني عمل ڪا حساب ڪيا ديتي، اعمال ساري غلط ٿي جواب ڪيا ديتي.
اوهان هڪ ڪالعدم تنظيم سان معاهدو ڪريو ٿا ۽ عوام کي اجازت به ناهي ته اهو ڄاڻي سگهي ته ڪهڙا شرط طئه ٿيا آهن ؟ سڀ ڪجهه سامهون ٿي رهيو آهي ۽ اوهان هميشه جيان عوام جي اکين تي پردو وجهڻ چاهيو ٿا.پوليس وارن جي فوت ٿيڻ جو ڪير ذميدار آهي.
اوهان انهن کي انتها پسند جٿن جي سامهون ڍال طور استعمال ڪندا آهيو. اهي طاقت جو استعمال ڪن يا خاموش رهن ؟ پنهنجون قربانيون ڏين يا هٿيار ڦٽا ڪن ؟ ان منفيوزن جي سليماني ٽوپي سان اوهان جي حڪومت ۽رياست پاڻ کي دوکي ۾ رکڻ چاهي ٿي. خير ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ جي آپ بيتي پڻ ڪجهه ايئن ئي آهي. چاهي حڪمران عوام جا چونڊيل هجن يا فوجي آمر ، سوال پڇڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي.؟
اسان کي ته ياد نٿو پوي ته ڪڏهن عوام کي اعتماد ۾ ورتو ويو هجي. ملڪ کي افغان جنگ ۾ ڦٽو ڪيو ويو، پنهنجي اڱڻ ۾ انتهاپسندي جي ٽانڊن جا ڍڳ لڳايا ويا جن مان اڃان به اماڙيون ڀڙڪي رهيون آهن. نوي جي ڏهاڪي ۾ سموري دنيا جي مخالفت جي باوجود طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪيو ويو ته پارليامينٽ ۾ ڪهڙو بحث ٿيو هو ؟ جنرل مشرف قوم کي صدر بش جي ڌمڪي واري ڪال سان خاموش ڪيو.
ڊرون حملن جي خاموشي سان اجازت پڻ ڏني وئي.قوم کا آمريڪا جي خلاف احتجاجي مظاهرا پڻ ڪرايا ، فوجي اڏا به آمريڪا جي حوالي ڪيا ته عوام کان ڪهڙو ووٽ ورتو ويو هو؟
تحريڪ طالبان پاڪستان جنهن جو دامن اسانجي سيڪيورٽي اهلڪارن ،اي پي ايس اسڪول جي ٻارڙن ۽ معصوم شهرين جي رت سان رنڱيل آهي، انهن سان ڳالهين جو انڪشاف وزير اعظم عمران خان ڪري ٿو، نه پارليامينٽ ۾ بحث نه سوال نه ئي جواب. خير ماضي ۾ حافظ گل بهادر سان معاهدو هجي يا صوفي محمد سان . انتها پسندن سان معاهدن جي ناڪامي جي هڪ تاريخ آهي..
هاڻي تحريڪ لبيڪ ساب هڪ ٻيو ”نامعلوم معاهدو“ طئه ٿيو آهي. وقتي طور تي ان جا شرط تسليم ڪري معاملي کي عارضي طور تي ته ٽاري سگهجي ٿو پر هر معاهدي سان رياست ڪمزور ٿئي ٿي، ۽ انتهاپسندي طاقتور .
تحريڪ لبيڪ ئي وٺو . جيڪڏهن ڪجهه سال اڳ پٺي ته ٺپي وڃي ها ، قاضي فائز عيسيٰ ڪي فيصلي تي عمل درآمد ڪيو وڃي ها ته اها تحريڪ شايد ايتري گهڻي طاقتور نه بڻجي ها جو هر سال رياست کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏي.
ماضي جي غلطين جو بار اڳ ئي رياست جي ڪلهن تي آهي.معاشري جا بنياد انتها پسندي سان کوکلا ٿي ويا آهن. ان موڙ تي انتها پسندن سان معاهدي جي خوشي اوهان کي مبارڪ ۽ سوال جواب کان محروم ڪرڻ جو افسوس ۽ پنهنجي خاموشي اسان کي مبارڪ.