ابراھيم ڪنڀر
پاڪستان جو سڀ کان سگھارو عھدو ٻي ڪمانڊ ۾ وڃڻ وارو آھي، آرمي چيف فوجي ترجمان جي ذريعي توڙي ھڪ کان وڌيڪ پروگرامن ۽ ڪانفرنسز ۾ چئي چڪو آھي تہ ھاڻ کيس مدي ۾ واڌ نہ گهرجي، ھو ڪمانڊ ۾ ٻي جي حوالي ڪرڻ چاھي ٿو، پاڪستاني سياست سدائين غلط فھمي، غلط افواھن، غلط تاثرن، پروپيگنڊا ۽ ڪوڙين خبرن جي ور چڙھي ويندي آھي، ھن وقتت سوشل ميڊيا انھي رخ کان وڏو بگاڙ آندو آھي، سوشل ميڊيا ھڪ مضبوط ميڪنزم تحت عمران خان جي ونگار وھندي ايترو ئي گند پکيڙيو آھي جيترو تحريڪ انصاف سياست ۾ ڪچرو ڪيو آھي، چڱا ڀلا ماڻھو انھي تار ۾ وھي ويا آھن پر ٻيو جيڪو رجحان پيدا ٿيو آھي ڪوڙي آئي ڊي ٺاھي پوءِ سنگت لڳي پئي ھوندي آھي، سچي ڳالھ اھا آھي تہ سياست ۾ توڙي سوشل ميڊيا ۾ جيڪو گند ڀريو ويو اھو ھاڻ مالڪن کان پاڻ صاف نٿو ٿئي، دنيا جتي سوشل ميڊيا کي انفارميشن، علم، اپروچ، سوچ، فھم، ادارڪ جي واڌ جي طور استعمال ڪري ٿي اسان وٽ انھي سوشل ميڊيا کي پٽڪي ڌوڙ، الزام، بھتان بازي، گارگند جي لاءِ استعمال ڪرڻ وارو رواج تڏھن کان پيو جڏھن انھي کي ھڪ ھٿيار جو نالو ڏئي اعصابن جي جنگ جي طور استعمال ڪرڻ، اسٽرٽجڪ وار فئير خبر ناھي ڪھڙا ڪھڙا نالا ڏنا ويا، تحريڪ انصاف جو ڏوھ آھي وزارت عظمي جي ڪرسي کان وٺي ڪوڙن جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽس سڀ ڪجھ کين ٺاھي ڏنا ويا، بس اھي ڏينھن اچڻا ھئا جن اھي اڪائونٽ ٺاھي ڏنا انھن کي ئي انھن اڪائونٽس تان بدنام ڪرڻ جو سلسلو جيڪو شروع ٿيو اھو اڄ بہ جاري آھي،بھرحال پنھنجو موضوع سوشل ميڊيا يا انھي تان اٿندڙ غلاظتن يا انھي جو شڪار ادارا يا فرد ناھن، پر پاڻ کي انھي تي ضرور ڳالھائڻ گهرجي تہ پاڪستان جي سياست ڪمزور ھجي، پارليمنٽ جڏي ھجي، آئين جي عملداري نہ ھجي، ادارن بدران فرد مضبوط ھجن، سياستدانن تي بھتان بازي کان سندن عدالتي قتل ھجي يا قتل کانپوءِ پيرا گم ڪرڻ جو سلسلو ھجي انھي جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ ملڪ اندر مضبوط، مربوط نظام نہ ھجڻ آھي، اسان اڄ بہ ماضي ۾ ٿيل ڀيانڪ قسم جي غلطين مان سبق سکڻ بدران بس انھي تي اکيون پوري ڪجھ جذباتي قسم جا بيان ڏئي وري ساڳيو دڳ وٺڻ جي چڪر ۾ ھوندا آھيون، اسان اڃان تائين توبھن ڪرڻ، آئين آڏو سرينڊر ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھيون، اسان پنھنجو ڪم ڪرڻ بدران اڄ بہ ڪاروبار کي ترجيح ڏيون ٿا، جيڪو پنھنجو ڪم ناھي، اسان اڄ بہ تجربا بند ڪرڻ تي سنجيدگي سان سوچڻ بدران وري ھڪ ساھي کانپوءِ ڪنھن نئين تجربي جو سوچيون ٿا،سڌي ڳالھ آھي پاڪستاني اسٽبلشمينٽ ۽ انصاف جي اعلي ترين ادارن جي ڳٺ جوڙ جي ڪري ھن ملڪ جو رخ ڪڏھن سڌو ناھي ٿيو، سگھارن ادارن جي انھي روش جي ڪري ملڪ ٻہ اڌ ٿي ويو، سياستدانن کي استعمال ڪيو پر انھن تي اعتماد گهٽ ڪيو آخر ۾ انھن سان ساڳيا ادارا انتھائي بي رحمي سان پيش آيا.
سو ڳالھ اھا ٿي رھي ھئي تہ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 28 نومبر تي رٽائرڊ ٿي رھيو آھي، انھي جو ھن واضع اعلان ڪري چڪو آھي، ھن جا الوداعي دورا تہ تقريبن مڪمل ٿي چڪا آھن، راولپنڊي اندر جيڪا آخري ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جنھن جي ڪا پريس رليز بہ جاري نہ ٿي انھي جي ڪري ملڪ اندر گهڻا انومان وڌي ويا، اھي خبرون بہ ھليون تہ آرمي چيف مدي ۾ واڌ وٺڻ تي راضي ٿي ويو آھي، انھي سان گڏ اھي افواھ بہ پکڙيا يا خبرون ڄاڻي واڻي ھلائڻ جي ڪوشش ٿي تہ موجودہ حڪومت کي مختلف قسم جا آپشن ڏنا ويا آھن، جڏھن آئين ۽ قانون موجب معاملا نہ ھلندا تہ پوءِ رڳو ڪوڙيون خبرون ئي نہ ھلنديون پر ادارن کي وڌ ۾ وڌ تڪراري بنائڻ جي لاءِ ھر ڪو پنھنجو پتو کيڏندو آھي، انھي سوشل ميڊيا جي جنگ ۾ جيڪو تيز ھوندو اھو اڳيان نڪرندو، ھڪ شي تہ واضع ٿي چڪي آھي تہ ھيستائين جيڪو بہ سياسي تڪرار ھو انھي جي پويان سياست کان وڌيڪ غير سياسي جھيڙو ھو،عمران خان جڏھن وزيراعظم ھو تہ ھن اسٽبلشمنٽ جي ھر ڳالھ کي تسليم ڪيو، جڏھن کي فرح گوگي، عثمان بزدار، مانيڪا صاحب کي ڪرپشن جا داستان ٻڌايا ويا تہ کيس اھي معاملا سياست ۾ مداخلت طور ٿي لڳا اھو ئي ڪارڻ آھي جو پنجاب ۾ عمران خان جي ساڍن ٽن سالن اندر پنج چيف سيڪريٽري، ڇھ آئي جي تبديل ٿي چڪا ،عمران خان سياست کي اپوزيشن ۾ رھندي نہ سمجھي سگھيو، حڪومت ۾ اچي حڪمراني جي طور طريقين کي سمجھڻ بدران مھمان اداڪار ٿي رڳو اداڪاري ڪندو رھيو، اپوزيشن تي سختيون، انتقام وٺڻ واري باھ،احتساب جي نالي ۾ ڪوڙن ڪيسن مان واندو ٿي جيڪڏھن ھڪڙو مھينو بہ حڪمراني واري انداز تي نظرثاني ڪري ھا تہ شايد کيس ڳالھ سمجھ ۾ اچي وڃي ھا، عمران خان جيڪو پلان ٺاھيو ھو اھو پلان اصل ۾ ناقابل عمل ھو، ھن ملڪ ۾ انھي انداز سان حڪومت ھلي نٿي سگھي، مارشلاز ۾ آمر اچي ويھي رھندو آھي ڏنڊي جي زور تي ھو ڪجھ ڌرين کي پاڻ سان ملايو وقت ڪڍي ويندو آھي پر حقيقت ۾ ھو ملڪي خودمختياري تي سودو ڪري، پرائي جنگ پنھنجي گلي ۾ وجھي، ملڪ کي ھيروئين، ڪلاشنڪوف ڪلچر جي ور چاڙھي انھي جي بدلي ۾ پئسو ڪمائي ترقي جا دلاسا ڏئي پنھنجو وقت ڪڍيو وڃي ٿو پر خانصاحب جيڪو منصوبو جوڙيو ھو اھو بہ ڪنھن مارشلائي نظام کان گهٽ خطرناڪ نہ ھو، ڇا اھو ممڪن آھي تہ ڪنھن شخص جي ڪري ملڪ جي باقي پندرنھن پارٽين، انھن جي قيادت ۽ انھي جي پويان جيڪا عوام آھي انھي کي ديوار سان لڳائي ڇڏجي؟
بيشڪ ائين ٿيو آھي جڏھن جڏھن ملڪ تي آمر اچي ويٺا تہ انھن سياست تي بندش ھنئي، ماڻھن کي ترقي جا تارا ڏيکاري بيوقوف ڪندا رھيا پر سياسي جدوجھدن جا ميدان سجيا ۽ آخر ۾ انھن آمرن جو حشر نشر ٿيو آھي، ائين نٿو ٿي سگھي تہ ڪرڪيٽر جي پراڻي رانديگر کي سياست جي ميدان ۾ لاھي ڪرڪيٽ جي ميچ جي سوڀ واريون اميدون لڳائي سمورو سياسي ميدان انھي جي حوالي ڪري ڇڏيو، عمران خان اسٽبلشمنٽ جي خلاف ڇا تي ڪاوڙيل آھي؟ ڪاوڙ اھا ئي اٿس تہ ھو سندس ساٿ نٿا ڏين؟ دنيا جو ڪھڙو سياستدان آھي جيڪو انھي قسم جي پارسائي جي دعوا ڪندو ھوندو تہ جيڪو آئون چوان اھو حرف آخر، اھو نسورو سچ، جيڪي مون سان گڏ آھن اھي راھ جي حق تي آھن، جيڪي مخالف آھن اھي ڪفر جي راھ تي آھن انھن جي خلاف جھاد ڪرڻ فرض آھي، پاڪستاني سياست جا پنھنجا لاھا چاڙھا، پنھنجون رمزون آھن، ھتي سياست کي نج ڪرڻ جي لاءِ وقت گهربل آھي، ادارا اڃان آزاد ٿيڻ جي سڌ پيا ڪن، پارليمنٽ کي خومختيار ٿيڻ يا فيصلا سازي ڪرڻ جا اختيار حاصل ڪرڻ ۾ مسسلسل جمھوريتن جي مرحلي مان گذرڻو پوندو انھي مرحلي تي جيڪڏھن ڪو شخص اھا فرمائش ڪري ويھي رھي تہ ملڪ منھنجي حوالي ڪريو، سمورين پارٽين کي ڪڍي ٻاھر ڦٽو ڪريو، اوھان بہ الڳ ٿي وڃو، ائين ناھي تہ اھو سڀ ڪجھ نہ ڪيو ويو، اھو ڪيو ويو، 2011ع کان انھي جي شروعات ٿي، پھرين مرحلي ۾ وڏا فنڊ ڏئي جلسا جلوس ڪڍيا ويا، ٻي مرحلي ۾ اليڪشن جي مھمن جي لاءِ ايم ٽي ايم ڇا پر بئنڪن جون بئنڪون سندس حوالي ڪيون ويو، انھي جي جاچ ٿيڻ گهرجي شايد مھراڻ بئنڪ اسڪينڊل کان وڏو اسڪينڊل سامھون اچي، جيڪو ادارو پاڻ کي ھاڻ غير سياسي ۽ نيوٽرل سمجھي ٿو پھرين تہ انھي جي جاچ جي لاءِ کيس اڳتي اچڻ گهرجي تہ عمران خان 2011ع کان وٺي 2022ع تائين ملڪ جو مھانگو ترين سياستدان رھيو آھي انھي جي ھر جلسي، انھي جي انتظام تي ايندڙ لکين ڪروڙين رپين جو ڪئين انتظام ڪري ڏنو ويو اھا رقم ڪنھن جي کيسي مان نڪتي ڪھڙي مد ۾ آئي وئي ٿي آھي، پر خبر آھي تہ جيڪو جنھن ڪيو انھي کي ڦٻي ويندو ڇاڪاڻ جو انھي سموري گورڪ ڌنڌي ۾ عمران خان اڪيلو ناھي ، گھڻن پارسائن جا ھٿ رڱيل آھن، انھن ھٿن تائين پھچندي سڀني جا پر سڙندا.
بھرحال اھو منصوبو اڻپورو رھيو، مشن امپاسيبل جو شڪار عمران خان ھاڻ پنھنجي سياست کي انھي حد تي وٺي ويو آھي جتي ڪنھن سياستدان ڪوشش ناھي ڪئي، ڪنھن ھڪ اداري سان عمران خان جنگ ڇيڙي ھا تہ ٻيو ادارو سندس مددگار ٿي بہ وڃي ھا پر ھن جيڪا جنگ سياستدانن سان ڇيڙي انھي کي اسٽبلشمنٽ تائين کڻي ويو، وچ ۾ جيڪو ادارو آيو انھي کي گھليندو رھيو، پھرين پارليمنٽ سان حشر نشر ٿيو، انھي کانپوءِ ھائيڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي نشاني تي آندو ويو، اليڪشن ڪميشن سان سندس جنگ تہ گهڻي پراڻي آھي، پھرين چيف اليڪشن ڪمشنر طور سڪندر سلطان راجا جو نالو ٽن سالن کانپوءِ کيس جن لقبن القابن سان نوازي رھيو اھو سڀني جي سامھون آھي، عمران خان ھر اداري کي اھوچئي نشانو بنايو آھي تہ ھن ملڪ ۾ جيڪڏھن ڪو ولي جي صفت رکندڙ سياستدان آھي تہ اڪيلو ھو ئي آھي، انھي قسم جي نرگسيت جو شڪار ماڻھو کي آخر ۾ گھڻا وھم وسوسا جاڳي پوندا آھن، ڪرسي وڃڻ جو غم واقعي وڏو آھي پر بقول فيض اور ڀي غم ھين زماني ۾ محبت ڪي سوا. ملڪ جو وزيراعظم لنڊن جو دورو ڪري موٽي آيو آھي، ھاڻ معاملا ٺاپر ۾ آھن، عمران خان سائفر جي معاملي تي آمريڪا سان جھيڙو ڪري ڪري ٿڪي پيو آھي انھي جي ڪري عالمي شھرت رکندڙ غيرملڪي رسالي کي انٽرويو ڏيندي ھن تسليم ڪيو آھي تہ ھن جو ڪو جھيڙو ناھي ھو آمريڪا سان بھتر لاڳاپن جو خواھشمند آھي، اصل ۾ اھو جھيڙو تہ پھرين ڏينھن کان نہ ھو سندس ليڪ ٿيل آڊيو ۾ واضع ھو تہ انھي خط تي کيڏڻو ھو، ھو کيڏيو خط تي نہ کيڏيو نہ پر ملڪ سان کيڏيو، پارليمنٽ سان کيڏيو، ادارن سان کيڏيو، آئين سان کيڏيو، انھي سان گڏ ھن ادارن کي پنھنجي ڪئمپ ۾ آڻڻ جي لاءِ حد کان وڌيڪ تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، اھا جھڙي تھڙي جمھوريت ھئي نہ تہ جاويد ھاشمي رڳو ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ ھڪ آفيسر جو خط پڙھيو ھو انھي ۾ کيس اسلام آباد جي مقامي ڪورٽ ڏھ سال قيد جي سزا ڏني، سزا ختم ٿي وئي جاويد ھاشمي جيل مان آزاد نہ ٿئي بعد ۾ سپريم ڪورٽ کي انھي تي آرڊر پاس ڪرڻو ھو، ساڳي نوعيت جو ڪيس ھن وقت شھباز گل تي ھلندڙ آھي، عمران خان تي جيڪڏھن انھي بنياد تي رياست ڪيس ٺاھڻ چاھي تہ خبر ناھي ڪيترا ڪيس ٺھي سگھن ٿا، کيس اڄ بہ سياست جو دادلو انھي جي ڪري چيو ٿو وڃي جو اڃان مٿس اھي سختيون آيون ئي ناھن،يا سندس ڊوميسائيل سگھاري صوبي جو آھي، ٻي صورت ۾ بلوچستان يا سنڌ جو ماڻھو اھي خبرون ڪري ھا تہ انھي جي بہ خبر پئجي وڃي ھا.
ھن سموري صورتحال ۾ جڏھن نئين آرمي چيف جي حوالي سان بہ فيصلو ڪجھ ڏينھن اندر سامھون اچڻ وارو آھي، عمران خان جو لانگ مارچ بہ ھفتي اندر اسلام آباد پھچڻ وارو آھي، پر ھيستائين جيڪو ڪجھ ڪيو ڇا انھي جو عمران خان فائدو ملندو؟ ڇا ايندڙ اليڪشن جيڪا مقرر مدي اندر ٿئي يا وري وقت کان اڳ ٿئي ڇا انھي جو عمران خان کي فائدو رسندو؟ انھي جا ھڪ کان وڌيڪ جواب آھن، ھڪ تہ ڪرسي وڃڻ کانپوءِ عمران خان جيڪا سياست ڪئي آھي اھا سياست نہ پر خودڪشي ھئي، پاڪستاني ادارا ايڏا رحم دل ناھن جو انھن کان سڀ ڪجھ جلدي وسري وڃي، جيڪڏھن وسري نہ بہ تہ عمران خان سمجھي ٿو تہ اليڪشن ۾ ھو سمورو ملڪ ٻوھاري ايندو ايئين قطعي نہ ٿيندو، ملڪ جي سمورن جنرل تڪن تي اڪيلو پاڻ بيھي نٿو سگھي، ٻين اميدوارن کي اليڪشن ۾ خبر پئجي ويندي، انھي کان اڳ ۾ اھم عدالتي فيصلا اچڻا آھن، عين ممڪن آھي تہ عمران خان کان ايندڙ اليڪشن واري ريل گاڏي نڪري وڃي، انھي صورت ۾ ھن جي گرفت ۾ پارٽي بہ نہ رھندي ڇاڪاڻ جو پارٽي اندر سڀ اھي ماڻھو آھن جيڪي ٻين پارٽين مان اڌار تي ورتل آھن، اھي سڀ ماڻھو جڏھن ٻين پارٽين ۾ ھئا تہ اتي جھڙا نظرياتي ھئا اوترا ئي نظرياتي ھتي بہ ھوندا انھي جي ڪري عمران خان جي آڏو اھو سمورو نقشو جلدي واضع ٿي ويندو، عمران خان اڪيلو نہ پر انھي جي ساٿ ۾ سٿجي ٻين جي آشيرواد تي جن جن بہ مختلف ادارن کي ٽف ٽائيم ڏنو آھي انھن کي ھاڻ ماضي کي ياد ڪري اداس ئي ٿيڻو پوندو.