ابراھيم ڪنڀر
وزيراعظم عمران خان جي سربراھي ۾ ھلندڙ تحريڪ انصاف، جي ڊي اي، ق ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ باپ جي گڏيل حڪومت جو چوٿون پارلياماني سال صدر مملڪت جي پارليامينٽ کي خطاب سان گڏ شروع ٿي چڪو آھي، انھي عرصي ۾ حڪومت جي ڪاڪردگي ڇا رھي آھي؟ پارليامينٽ جنھن کي صدر مملڪت خطاب ڪيو آھي انھي جو ڪردار ڪھڙو رھيو؟ حال اھو آھي جو پارليامينٽ ۾ صدر جي خطاب تي بحث ٿيندو آھي انھي بحث کي حڪومتي وزير سھيڙيندو آھي، خطاب ۾ آيل تجويزن تي غور ڪيو ويندو آھي پر موجودھ صدر مملڪت جي گذريل ٽن خطابن تي ڪو بحث نہ ٿيو نہ ڪنھن وزير انھي خطاب کي اھميت ڏني، تجويزن جي ڳالھ تہ پر رھي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن کي اھم اشوز تي ڳالھائڻ جو وارو نٿو ملي، پارليامينٽ جي ميمبرن جي پراڊڪشن آرڊرز جو اختيار وزيراعظم اسپيڪر کان کسي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آھي،ٻي معاملن کي ڇڏيو، افغانستان جي تازي صورتحال، آمريڪا جو ڪردار، پاڪستان جي انھي حوالي سان پاليسي، ويندي افغان مھاجرن کي ٻي کيپ جي پاڪستان آمد جي حوالي سان پارليامنيٽ ۾ ھڪ اکر نہ ڳالھايو ويو آھي، پرڏيھي، دفاعي، مخصوص ادارن جي بجيٽ سميت ڪيترائي اھڙا معاملا آھن جن ۾ پارليامينٽ کي دخل جي اجازت ئي ناھي.
حڪومت جي ڪارڪردگي ڪئين رھي؟ پاڻ ھرتو ڪاميابي ۽ ڪامراني جي دعوا ڪندڙ حڪمرانن جي طرز حڪمراني ئي سندن ڪاميابي جا وکا پڌرا ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آھي، انھي کان سواءِ عوام، سياسي پارٽين، سول سوسائٽي، وڪيل برادري کان ويندي ميڊيا توڙي سماج جي ھرطبقي ۽ فرد جي اڳيان حڪومتي ڪارڪردگي جي پت وائکي ٿي چڪي آھي، حڪومت جي ڪاميابي ۽ ڪامراني جي شاھدي ھن ملڪ جو عام فرد انھي وقت ڏي ٿو جڏھن ھو عام واھپي جي شي خريد ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن دڪان جي آڏو بيھي ٿو، دڪاندار ۽ گراھڪ جڏھن ھم ڪلام ٿين ۽ ٻنھي جي واتان جيڪي گفتا نڪرن انھي مان حڪمران جي ڪامياب حڪمراني جي جھلڪ پسڻ ۾ اچي ٿي، ڪاڪردگي تہ پري جي ڳالھ آھي حڪومت سمورن ادارن کي گوڏي ھيٺ آڻڻ جو جيڪو ارادو ڪيو آھي انھي ارادي تحت وقت جي حاڪمن ڪڏھن اليڪشن ڪميشن، ڪڏھن عدالتن، ڪڏھن مڪاني ادارن، ڪڏھن ميڊيا سان جھيڙي کي پنھنجو معمول بنائي ڇڏيو آھي، پر انھي کان اڳ ھنن حاڪمن پنھنجي ڪامياب پرڏيھي پاليسي سان ملڪ جي جيڪا نيڪ نامي ڪئي آھي انھي جو ذڪر بہ ضروري آھي، حڪومت ۾ اچي پاڙيسري ملڪن کان وٺي عالمي دنيا سان وسيع پر برابري جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو سوين دعوائون ڪندڙ خانصاحب پنھنجي ملڪ انھي ڪنڊ تائين پڄايو آھي جتي پاڙيسري ناراض ۽ سپر پاورڪن لاٽار ڪرڻ واري پاليسي تي گامزن آھي.
دنيا ۾ پاڪستان ڪھڙو ڪردار ادار ڪري رھيو آھي؟ پاڪستان جي سفارتڪاري جي معاملي تي دنيا ڇا ٿي چوي؟ پاڪستان کي سندس موجودہ پرڏيھي پاليسي جي ڪري ڪھڙي پذيرائي ملي رھي آھي انھي تي بس ايترو چوڻ ڪافي آھي تہ اسان جي وڏي پاڙيسري ملڪ جو وزيراعظم خانصاحب جو ٽيليفون کڻڻ جي لاءِ تيار ناھي، ٻي پاسي دنيا جو سپرپاور اسان جي ويھن سالن جي ساٿ، ڊگھي جدوجھد، دھشتگردي خلاف جنگ، وفاداري، فرمانبرداري، ڪردار ۽ قرباني کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي،جيڪڏھن ھو اسان مان ايترو خوش آھي تہ اسان جي وزيراعظم کي اڃان تائين فون نہ ڪيو اٿس اسان انھي جو شدت سان انتظار ڪري رھيا آھيون.افغان صورتحال ۾ دنيا جا ڪجھ ملڪ پي آئي اي جي ڪردار کي ساراھين ٿا پر پرڏيھي وزارت، حڪومت يا رياستي پاليسين تي انھن کي وڏا شڪ شبھا موجود آھن، ملڪ جي معشيت تري سان وڃي لڳي آھي انھي جو رپئي جو ملھ ڪرڻ، آئي ايف ايم جي سمورين شرطن کي اکيون پوري قبول ڪرڻ، عام ماڻھو جي معاشي بدحالي کان وڌيڪ ثبوت ملي ويندا،رڳو ايترو ئي نہ پر ھڪ ھڪ ڪري ھر اداري سان دشمني، انھي تي الزام تراشي کان وٺي انھي کي پنجوڙ وجھڻ تائين سمورا قدم انھي ڳالھ کي ظاھر ڪن ٿا تہ حڪمران بنا وردي جي ملڪ جا آمر ٿي ويھي رھيا آھن يا پنھنجي اختيارن کي بادشاھاڻي انداز ۾ استعمال ڪرڻ جا خواھشمند آھن،جنھن مان مراد تہ آئين ۾ ڏنل ادارن جي اختيارن کي حڪمران تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھن، اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھڪ کانپوءِ ٻي اداري سان دشمني وارو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو، انھي جو ٻيو ڪارڻ ناھي واحد ڪارڻ اھو آھي تہ حڪومت جيڪو بہ ڪم ڪري سمورا ادارا انھي جي ھا ۾ ھا ملائين انھي ۾ شڪ بہ ناھي تہ عمران خان صاحب کي وزيراعظم جي حيثيت ۾ جيڪو واڪ اوور مليو، جھڙي ريت سندس راھن تان ڪاوا چونڊي سھوليت پيدا ڪئي وئي يا ادارن جيڪا سندس مدد، مشاورت ۽ معاونت ڪئي اھڙو خوشنصيب وزيراعظم ڪڏھن ھن ملڪ ۾ نہ آيو آھي، انھي مدد، معاونت، سھوليتڪاري ۽ اقتدار راھن تان ڪاوا چونڊڻ واري سموري عمل جي باوجود عمران خان ادارن کان وٺي فردن جي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا، سندس ڪابينا جھيڙا ڪيا،گارگند کان ويندي الزام تراشي تائين سڀ ڪجھ ڪيو.
جسٽس قاضي فائز عيسي جي خلاف صدارتي ريفرنس جي صورت ۾ حڪومت سپريم ڪورٽ سان جھيڙو ڪيو جنھن ۾ کيس بدترين شڪست ملي، حڪومت اڃان بہ جسٽس قاضي فائز عيسي کي ھٽائڻ جي لاءِ پر ساھي رھي آھي، روزاني نيون سازشون سٽيون وڃن ٿيون، سپريم ڪورٽ مان جسٽس قاضي فائز عيسي جي حق ۾آيل فيصلي کي دل سان تسليم ڪرڻ بدران نيون نيون درخواستون داخل ڪري رھي آھي، جسٽس قاضي فائز عيسي جي خلاف ڪيس ۾ حڪومت پاڻ استعمال ٿي پر حڪومت اڃان بہ خوشنودي حاصل ڪرڻ خان انھن قوتون ھٿان استعمال ٿيڻ جي لاءِِ پاڻ کي پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي، آئيني يا قانوني طور جسٽس قاضي فائز عيسي جو ڪيس ايترو مضبوط ٿي چڪو آھي کيس آئين ۾ رھندي نٿو ھٽائي سگھجي، آئين جي پاسيرو رکي جيڪڏھن ڪو قدم کڻي وري ڪو نئون پي سي او آندو وڃي تہ اھا ڳالھ الڳ آھي پر جنرل پرويز مشرف جي عدالتي ڪٽھڙي مان گھلجڻ کان وٺي ڊي چونڪ تي لاش لٽڪائڻ واري فيصلي کي جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪنھن بہ قوت کي اھڙو قدم کڻڻ کان اڳ ۾ سوچڻ گهرجي،رڳو اھو ئي نہ پر ججن تي سرعام چٿرون ڪرڻ، انھن جي خلاف غلط زبان استعمال ڪرڻ سميت حڪومت سدائين عدليا خلاف جھيڙي ۾ اڳيان اڳيان رھي آھي، اليڪشن ڪميشن سان مسلسل جھيڙي ۾ رھي رھي نيٺ حڪومت جي ھڪ وزير کي چوڻو پئجي ويو تہ اھڙي ڪميشن کي باھ ڏيڻ گهرجي اليڪشن جو اختيار حڪومت کي ملڻ گهرجي، جڏھن ھڪ اداري کي ڇڏي باقي ادارن سان اوھان جو اھڙو رويو ھوندو تہ انھي مان ظاھر ٿي رھيو آھي تہ ھي حاڪم ڇا ٿا چاھين، اي وي ايم يا اي ووٽنگ جي حوالي سان قانونسازي جي لاءِ حڪومت جنھن قسم جي اٻھرائي ڪري رھي آھي انھي مان ئي لڳي رھيو آھي تہ رڳو سندن نيت ۾ رولو ناھي پر ھو اقتدار جو مزو وٺي سدائين اقتدار ۾ رھڻ جي سٽ سٽي رھيا آھن. انھي جي لاءِ جيڪڏھن ڪنھن اداري کي تڪراري بنائڻو پوي، جھيڙو ڪرڻو پوي، ڪنھن سان وڙھڻو پوي تہ اھو سڀ ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ تيار آھن، اھو ساڳيو جھيڙو ھن وقت ميڊيا سان بہ جٽيل آھي، حڪومت ھڪ اھڙو قانون آڻڻ گهرجي ٿي جنھن سان ميڊيا جو ڳلو گھٽي سگھجي، ميڊيا کي اھا سزا رڳو انھي جي ڪري ملي رھي آھي جو ميڊيا سمورين پابندين، مثبت خبرن جي باوجود سچ کي لڪائي نٿي سگھي، سچ اھو آھي تہ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي، سچ اھو آھي تہ ھن حڪومت تي ڪيل سيڙپ اجائي وئي آھي، سچ اھو آھي تہ جمھوريت کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ ڪيل تجربو ناڪام ٿي ويو آھي، سچ اھو آھي تہ عمران خان سميت سندس سموري حڪومت اھڙو ڪو ڪم ناھي ڪيو جيڪو يادگار ھجي، ميڊيا جڏھن انھي تي ڳالھائي ٿي يا ڪنھن جي راءِ وٺي ٿي تہ حاڪم وقت کي اھو سچ زھر جيترو ڪڙو لڳي ٿو انھي جي ڪري ھو ميڊيا جي ترقي جي نالي اھڙي قانون جو سھارو وٺڻ جي تياري ڪري ٿو جيڪو سچ جي زبان کي ڇڪڻ،حقيت جي آواز کي دٻائڻ، پڙاڏن تي پھرا لڳائڻ جي لاءِ ڪافي ھجي، ماضِي ۾ عمران خان چوندو رھيو آھي تہ ڪرپٽ حڪومت ميڊيا جو ڳلو گھٽيندي رھندي آھي، مافيا جو ڪم اظھار راءِ جي آزادي کي روڪڻ ھوندو آھي، اپوزيشن ۾ رھندي وزيراعظم عمران خان ميڊيا تي راتاھي جي ھر ڪوشش جي مذمت ڪئي پر اوچتو وزيراعظم کي انھي ميڊيا ۾ برايون نظر اچي رھيون آھن، اھو ڏوھ رڳو عمران خان جو ناھي،پر اقتدار جو مزو وٺندڙ ھر حڪومت يا پارٽي جي اک ۾ ميڊيا ڪنڊي جيان چڀندي رھندي آھي،ميڊيا اٿارٽي جو بل ڪو حڪومت پنھجي سوچ آھر نہ تيار ناھي ڪيو، ھن بل مان بادشاھي، آمراڻي يا اھڙي سوچ جھلڪي رھي آھي جنھن جو جمھوريت يا گهٽ ۾ گهٽ اسان جي آئين سان پري جو ڪو واسطو ناھي انھي جي ڪري چئي سگھجي ٿو تہ ھن بل جي پويان آئين جي لتاڙ ڪندڙ، يا جمھوريت کي غرق ڪندڙن جي سوچ آھي، چائنا برانڊ ميڊيا بہ وزيراعظم جي نظر ۾ آھي تہ رڳو سعودي شاھي خاندان جي تعريف ۾ خبرون ھلائڻ واري سرڪاري ميڊيا بہ وزيراعظم ڏسي آيو آھي، پاڻ محمد بن سلطان بڻجي بادشاھي نٿو ڪري سگھي تہ ڇا ميڊيا جو بار تہ ھلڪو ڪري سگھي ٿو، ميڊيا جو ڳلو دٻائي ڪڙو سچ ٻڌڻ کان بچي سگھجي ٿو، پر ڪبوتر جيان اکيون پورڻ سان ٻلي کان بچڻ مشڪل آھي.