شماريات بيورو پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال 22 ڊسمبر تائين سالياني مهانگائي جي شرح ۾ 28.76 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي. حساس قيمتن جي انڊيڪس واري فارمولي موجب خوراڪ ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ زبردست اضافي سبب. مهانگائي ۾ وڏي پيماني تي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. هڪ سال جي بنياد تي، اهي شيون جن جي قيمتن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو ان ۾ بصر 482.30 سيڪڙو، مرغي67.42 سيڪڙو، چانهه پتي65.41 سيڪڙو، ڊيزل 65.05 سيڪڙو، پيٽرول 52.19 سيڪڙو، لوڻ پاؤڊر 51.99 سيڪڙو شامل آهن. ڪيلا 47.95، مڱن جي دال 47.13 سيڪڙو، بيدا 47.07 سيڪڙو، چڻن جي دال 45.24 ۽ سرينهن جو تيل 40.97 سيڪڙو مهانگائي رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب هفتيواري مهانگائي جي شرح ۾ ڪجهه لاٿ رڪارڊ ٿي جنهن جو سبب تيل ۽ سبزين جي قيمٽن ۾ گهٽتائي ڄاڻايو ويو آهي. مارڪيٽ ۾ ٽماٽر جو سراسري اگهه 80 کان 120 رپيا في ڪلو آهي جڏهن ته بصرن جو اگهه 230 کان 260 رپيا في ڪلو تائين رهيو.
