Ali Memon

ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ وارا منصوبا ۽ زميني حقيقتون

علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ
ملڪ جا صوبا ختم ڪري ون يونٽ ٺاهڻ ۽ هاڻي رري صوبن کي ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائي وڌيڪ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ واري نئين مهم اڳوڻن منصوبن جو نئون سلسلو آهي جنهن تي جادوگرن طرفان مختلف وقتن تي ڪم ۽ ڪارروايون ڪيون وينديون رهيون آهن ۽ اهڙا معاملا ملڪ کي ڪجهه هٿن جي ڪنٽرول، اختيارن يا هٿ وس رکڻ لاءِ لڪل خواهشن جي اڀري مٿي اچڻ واري صورت ۾ ڪيا ويندا رهيا آهن.

ملڪ جي جادوگرن ۽ رانديگرن طرفان گذريل ڪجهه سالن ۾تيار ڪيل هڪ هٿرادو ليڊر ڪپتان خان ۽ سندس جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف کي قائم ڪرڻ جو پڻ اهو ئي مقصد هو ته ملڪ تي رانديگرن ۽ جادوگرن جي مستقل حڪمراني قائم ڪئي وڃي ۽ ملڪ جي پارليان ۽ جمهوري سرشتي ۾کاٽ هڻي، ملڪ جي جمهوري کي يرغمال بڻائي عوام جي پارلياماني جمهوري سرشتي کي تبديل ڪري ملڪ ۾ صدارتي نظام رائج ڪيو وڃي ۽ سموري ملڪ کي هڪ صدر جي آمراڻي حڪمراني قائم ڪري ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ ان بعد رياست جي سموري طاقت ۽ اقتدار اعلي پارليامينٽ ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن کان منتقل ڪري هڪ گروهه جي حوالي ڪيو وڃي. ان بعد ملڪ ۾ وري ون يونٽ قائم ڪيو وڃي يا ٻي صورت ۾ سمورن صوبن کي ايترن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائي عوامي طاقت کي ڪمزور ڪيو وڃي جو وري ملڪ ۾ عوام جي حڪمراني يا پارلياماني جمهوري سرشتو پنهنجي حيثيت ۽ طاقت وڃائي ويهي رهي.

سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حڪومت طرفان سنڌ ۽ بلوچستان صوبن کي ورهائي سامونڊي علائقن تي ٻڌل هڪ نئون صوبو ٺاهڻ واري منصوبي تي پڻ ڪارروايون شروع ڪيون ويون هيون. سنڌ جي ڀنڊار ٻيٽن جي زمينن کي عالمي سيڙپ ڪارن کي وڪرو ڪري انهن تي نئون شهر تعمير ڪرڻ وارو منصوبو اڳ ئي منظر عام تي اچي چڪو هو جنهن کي سنڌ اسيمبلي طرفان يڪراءِ رد ڪيو ويو . ان بعد اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي سفارش تي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن کي وفاق جي ملڪيت قرار ڏيڻ وارو صدارتي آرڊينينس پڻ جاري ڪيو هو. جنهن سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ زمين ٻري اٿي آهي. سنڌ حڪومت جي احتجاج کان علاوهه سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پڻ سخت تاءُ ۽ عوامي احتجاج واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي. ان آرڊينينس ۾ نه صرف سنڌ ۽ بلوچستان جا سمنڊ ۽ ٻيٽ شامل ڪيا ويا پر انهن ايراضين کي صوبن جي اختيارن ۽ حق ملڪيت کان ڌار ڪري وفاق جي انتظامن ۽ قبضي ۾ شامل ڪري ان تي آءِ لينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو حڪم نامو پڻ جاري ڪيو ويو هو. جنهن خلاف ملڪ جي پارليامان ۾پڻ سخت ردعمل پيدا ٿيو ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ بلوچستان جي پارلياماني جماعت طرفان پڻ سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ انهيءَ منصوبي خلاف لکت ۾ تحريڪ پڻ پيش ڪئي وئي. اهڙي ريت، پي ٽي آءِ جي پيدا ڪيل انهيءَ فسادي سوچ ۽ منصوبي کي سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام، ساڃهه وندن ۽ پارليماني جماعتن گڏجي ناڪام بڻايو.

قومي اسيمبلي ۾هاڻي وري پي ٽي آءِ جي ايم اين اي رميش ڪمار طرفان صوبن کي ورهائڻ ۽ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري رٿ قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ پيش ڪئي وئي آهي، سنڌ مان پي ٽي آءِ جو ڄاڻايل ايم اين اي پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو پڻ مشهور ڪندو رهيو آهي، اسپيڪر طرفان پارليمان جي رواج ۽ ضابطي موجب هن معاملي تي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ پارلياماني جماعتن جي ميمبرن تي ٻڌل ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جنهن جو سربراهه پاڪستان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سيد خورشيد شاهه کي مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ساڃاهه وندن، صحافين ۽ سياسي ڌرين ۾ صوبن جو ورهاڱي واري هن پراڻي معاملي جي وري پيش ٿيڻ تي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ملڪ جي 1973ع واري آئين تي ٻڌل وفاقي پارلياماني سرشتي موجب ڪنهن به صوبي کي ورهائڻ جو فيصلو صرف انهيءَ ئي صوبي جي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي منظوري سان ئي ممڪن آهي. وفاقي حڪومت يا ٻئي ڪنهن به قوت کي ڏاڍ ۽ جبر سان صوبن کي پنهنجي مرضي سان ورهائڻ جي آئيني ۽ قانوني طور تي ڪابه حيثيت ۽ اختيار حاصل نه آهي. يقيني طور تي پي ٽي آءِ واري پراڻي منصوبي کي پي ٽي آءِ جي هڪ ايم اين اي طرفان پيش ڪري پنهنجي مٿان پيل جادوگرن جي بار کي ضرور اڳتي وڌايو ويو آهي پر انهيءَ رٿا تي صرف خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي اڪثريت جي حڪومت هئڻ ڪري ته ڪي امڪان ٿي سگهن ٿا پر سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان صوبن ۾ ان معاملي تي ڪابه ڪارروائي ممڪن ئي نه آهي. ملڪ ۾نوان صوبا ٺاهڻ واري قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رٿ جي پوئيواري ۾اهو ضرور ممڪن آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ پنجاب کي ورهائڻ ۽ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ واري منظور ٿيل رٿا تي ضرور عملدرآمد ٿي سگهي ٿو،

ملڪ ۾، 1956ع ۾اولهه پاڪستان ۾ صوبن جي حيثيت ختم ڪري اوڀر پاڪستان جي مقابلي ۾ ون يونٽ قائم ڪيو ويو، انهيءَ قائم ڪيل ون يونٽ ۾بهاولپور رياست پڻ سنڌ، پنجاب ، سرحد ۽ بلوچستان کي يڪجا ڪري سموري اوڀر پاڪستان کي ون يونٽ ڪري اولهه پاڪستان بڻايو ويو هو پر اڳتي هلي ڪجهه سالن جي انهيءَ تجربي جي هاڃيڪارين بعد ملڪ مان ون يونٽ جو خاتمو ڪري سمورا صوبا وري بحال ته ڪيا ويا پر بهالپور رياست کي بحال نه ڪيو ويو ۽ انهيءَ علائقي کي گورنر پنجاب جي ماتحت رکيو ويو ۽ اڳتي هلي اها رياست پنجاب ۾ ضم ڪري ڇڏي وئي ۽ پنجاب جي حصي طور کيس قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾سيٽن جي هڪ تعداد ڏني وڃي ٿي. هن وقت تائين قومي اسيمبلي ۾ ڏکڻ پنجاب صوبي جي بل جي منظوري وارو رهيل منصوبو مڪمل ڪرڻ ۽ انهيءَ جي قومي اسيمبلي مان آخري منظوري ملڻ بعد ڏکڻ پنجاب کي بحال ڪرڻ جو اهو بهترين موقعو آهي. يقينن ڏکڻ پنجاب صوبي جو قائم ٿيڻ بهاولپور رياست يا سندن صوبي جي پنج ڪروڙ عوام جي حق ۾ تمام گهڻو مفيد قدم ۽ وفاق پاڪستان ۽ ملڪ جي جمهوري سرشتي جي بهتري لاءِ شاندار ۽ فائديمند فيصلي جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني، صدر مملڪت آصف علي زرداري جي دور ۾ملڪ ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي اتحادي حڪومت قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پنجاب جو وڏو وزير هاڻوڪو وزير اعظم شهباز شريف ئي هو. ان دور ۾بهاولپور رياست کي ڌکڻ پنجاب صوبي جي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي رٿ اتحادي حڪومت طرفان پيش ڪئي وئي هئي. پنجاب اسيمبلي طرفان بهاولپور رياست واري خطي تي ٻڌل ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جي اڪثريت سان منظوري ڏني وئي ۽ ان بعد وفاقي حڪومت طرفان پڻ انهيءَ رٿا کي اڳتي وڌايو ويو ۽ سينيٽ آف پاڪستان مان پڻ ڏکڻ پنجاب صوبي جي رٿا جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏيڻ بعد انهيءَ معاملي کي قومي اسيمبلي جي آخري منظوري لاءِ موڪليو ويو پر انهيءَ موقعي تي مسلم ليگ نواز حڪومت کان ڌار ٿي وئي ۽ انهن طرفان قومي اسيمبلي ۾ ان بل جي منظوري جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ويو جنهن بعد اهو بل اڄ ڏينهن تائين قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ منظوري جي انتظار ۾ آهي. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان ڏکڻ صوبو قائم ڪرڻ وارو بل منظور ڪرڻ جي واعدن تي سرائيڪي علائقي جي اسيمبلي ميمبرن کان حمايت ته حاصل ڪئي وئي پر اڳتي هلي عمران خان واري حڪومت پڻ انهيءَ واعدي تان ڦري وئي. جڏهن ته سرائيڪي قوم جي پنجاب جي سرحدن اندر هن صوبي جي قيام سان ڪنهن به ٻئي صوبي سان ڪابه زيادتي ٿيڻ جو ڪوبه سبب نه پر ان عمل سان هڪ مظلوم قوم کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجن حقن جي حاصلات ممڪن ٿي سگهي ٿي ۽ هو پنهنجي الڳ آئيني صوبي جي حيثيت ۾ملڪ جي وفاق جو حصو ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي انهيءَ ريت باقي ملڪ تي هڪ صوبي جي هڪ هٽي واري غير جمهوري ۽ غير وفاقي عمل جو پڻ خاتمو ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪ جي پارليمان ۽ سينيٽ آف پاڪستان ۾ پڻ سرائيڪي قوم جي ڏکڻ پنجاب جي شموليت ٿي سگهي ٿي جنهن سان حقيقي وفاقي مملڪت ۽ وفاقي جمهوري پاڪستان وارو مانائتو سرشتو قائم ٿي سگهي ٿو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے