ڪمال ڄامڙو

ملڪ ۾ موڪلون ئي موڪلون!

اوهانجو موقف ڪمال ڄامڙو ليکڪ

ڪمال ڄامڙو

                         سرڪاري ملازمن يا غير سرڪاري ملازمن ۽ مزدورن کي روزانو اٺ ڪلاڪ نوڪري يا ڪم ڪرڻو هوندو آهي. ڪي ملازم اٺن ڪلاڪن کان به وڌيڪ ڪم ڪندا آهن پر انهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ جي برابر آهي. انهن مان به تمام ٿورڙن ملازمن کي اوورٽائيم يا مزدوريءَ جي واڌو اجرت ملي ٿي. ڪن کي وري ناجائز طريقي سان لکين رپين جي اضافي آمدني ٿئي ٿي، جنهن کي هو مٿين ڪمائي چون ٿا.

                         استاد برادري ته گهڻي ڀاڱي پنج ڇهه ڪلاڪ ڊيوٽي ڏئي ٿي. سڀني ملازمن کي هفتيوار موڪلون به ملن ٿيون، عيد براد ۽ ٻين خاص ڏينهن جون به هر ملازم کي موڪلون ملن ٿيون . استاد برادريءَ کي ته اونهاري ۽ سياري جون ٻه اڍائي مهينا موڪلون الڳ ٿين ٿيون.اهڙيءَ ريت عدالتن سڳورين کي به ويڪيشن ٿيندي آهي. ڊيوٽيءَ  تي موجود رهڻ دوران اسان ڪيترو ڪم ڪريون ٿا. اهو هڪ الڳ داستان آهي.

حقي موڪلن کان سواءِ اسان خاص ڪري مذهبي ڏينهن تي جيڪي غير حقي موڪلون ڪريون ٿا، سچ پڇو ته انهن موڪلن خاص ڪري شهري سماج کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي . حڪومت عيدن جون ٽي يا چار ڏينهن موڪلون ڪري ٿي ته اسان انهن کي ڏهن ٻارهن تائين وڌائي ڇڏيون ٿا. عيد جي موڪلن کان پهريان اوهان ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد وغيره جي ڪنهن به آفيس ۾ وڃو ته اوهان کي چوندا عيد جون موڪلون ٿيڻ واريون آهن،جنهن ڪري فلاڻو صاحب سيٽ تي موجود  ناهي، تنهن ڪري اوهان جو ڪم ٿي نه سگهندو، جيڪڏهن ٿيندو ته اوهان کي عيد جي ڪري ٻيڻ تي خرچيون ڏيڻيون پونديون. عيد کان پوءِ هفتي تائين به ڪلرڪ ۽ صاحب اوهان کي آفيسن ۾ شايد ئي ملن. ٻارهين ربيع الاول (عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم) جي سرڪار هڪ  ڏينهن موڪل ڪندي آهي پر پهرين ربيع الاول کان وٺي جلسن جلوسن جي شروعات ٿي ويندي آهي. نائين ڏهين محرم تي به موڪل ٿيندي آهي پر پهرين محرم کان ئي روزانو جلوس شروع ٿيندا آهن، ڪي جلوس ته ڏهين محرم کان پوءِ به جاري رهندا آهن. آفيسن ۽ اسڪولن جي حاضري به گهٽجي ويندي آهي. انهن جلوسن سبب شهرن جا روڊ رستا بند ٿي ويندا آهن. ان حد تائين جو مريض اسپتالن تائين به نه پهچي سگهندا آهن. آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ حاضري گهٽجي ويندي آهي،ٻيا مسئلا پڻ جنم وٺندا آهن. جتان به اهي جلوس گذرندا آهن ته لائوڊن جو وڏو آواز گهرن ۾ موجود ٻارڙن ، ٻڍن ۽ بيمارن جو آرام ڦٽائي ڇڏيندو آهي.

رمضان شريف ۾ روزا رکيا وڃن ٿا، جيڪو اسلامي عقيدي موجب تمام بهتر ڪم آهي پر ان مهيني ۾ به آفيسن جو ڪم سخت متاثر ٿئي ٿو. ٻئي ڏهاڪي کان ئي عيد ۽ اعتڪاف جي تياري شروع ٿي ويندي، ڪي اعتڪاف ۾ ويهن ته ڪي وري اعتڪاف جو بهانو ڪري آفيسن مان گولي ٿي وڃن. اسان جا اڪثر ملازم روزو رکي ڄڻ ٻين تي ٿورو ڪندا آهن. اوهان جي جائز ڪم کي ته رمضان جو بهانو ڪري ٽاريندا پر جيڪڏهن ناجائز ڪم لاءِ کين ٻن ڏوڪڙن جو آسرو ڏيندا ته ڇا جو روزو ڇا جو رمضان؟

هر ماڻهوءَ کي آزادي آهي ته پنهنجون عبادتون ڪري، ٻئي ماڻهوءَ کي انهن عبادتن ۾ دخل ڏيڻ جو ڪو به حق ناهي.

ڪراچيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ايم اي جناح روڊ جلسن جلوسن لاءِ مخصوص آهي ، جنهن سبب ملڪ هڪ وڏي سول اسپتال تائين پهچڻ جا رستائي بند ٿي ويندا آهن. رستن بند هجڻ ڪري ڪي ته مريض مري به ويندا آهن. پر هتي سوال اهو ٿو اُٿي ته ڇا اسلام ۾ اِها اجازت آهي ته مسلمان پنهنجين عبادتن ۽ عقيدن وسيلي ٻين لاءِ آزار پيدا ڪري؟ روڊ رستا بند ڪري، ماڻهن کي قيد ڪيو وڃي؟ ايمبولنسن کي گذرڻ نه ڏنو وڃي؟جلسن ۽ جلوسن ۾ شريڪ نه ٿيندڙن جو آرام ڦٽايو وڃي؟ هڪٻئي جي ضد ۾ اچي گهڻي کان گهڻا جلوس ڪڍيا وڃن؟ مخصوص ڏينهن کان سواءِ به جلسا جلوس ڪيا وڃن؟ منهنجي علم مطابق اسلام ٻئي کي تڪليف ڏيڻ کان سخت منع ڪري ٿو.جنهن ملڪ ۾ رڳو موڪلون هُجن، اهو ڪهڙي ترقي ڪندو؟ دنيا جي ترقي يافته ملڪن سان ڪيئن مقابلو ڪندو؟ مجموعي طور موڪلن ۽ گُسائڻ اسان جي ترقيءَ ۾ جيڪا رنڊڪ وِڌي آهي ان اسان کي نه رڳو سماجي طور ڌڪ هنيو آهي پر مافيائن کي هَٿي پڻ ڏني آهي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي بندش اسان جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.

عدالتن جي اجاين سجاين موڪلن ۽ ٻين سببن  انصاف ۾ اڻڳڻيون رنڊڪون وِڌيون آهن. مهينن ۾ فيصلن بدران سالن جا سال لڳي ٿا وڃن. انصاف جي اوسيئڙي ۾ ماڻهو مري ٿا وڃن. سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ ٻين دفترن ۾ به ناانصافين ۽ تباهين جا لکين مثال ملندا.

انهن سڀني مامرن ۾ رُڳو موڪلون خاص ڪري مذهب جي نالي تي ٿيندڙ غير حقي موڪلون ئي ڪارڻ ناهن. مذهب کي گهڻي ڀاڱي پنهنجي مفاد ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو. ان حوالي سان گذارش آهي ته مذهبي عبادتن کي مسجدن، مدرسن ، امام بارگاهن ۽ مندرن تائين محدود رکيو وڃي. روڊن رستن کي بند ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اها به گذارش آهي ته وڏن ڏينهن جي جلسن ۽ جلوسن لاءِ شهرن کان ٻاهر ڪو ميدان/ جاءِ مخصوص ڪئي وڃي. ۽ ها فتوائن جاري ڪرڻ کان اڳ سوچجو ضرور!!

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *