Ali Memon

ملڪ ۾ عوامي تبديلي ۽ رانديگرن جي تڏا ويڙهه !

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

خيبر پختونخواهه اڌ صوبي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جا نتيجا يقينن تمام گهڻا دلچسپ آيا آهن جيڪي ايندڙ وقت ۾ ملڪ جي تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. وزير اعظم عمران خان واري حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي سندس مضبوط مرڪز ۽ صوبي ۾مڪاني چونڊن واري پهرين مرحلي ۾ٿيل هن قسم جي تڏا ويڙهه رانديگرن واري جماعت ۽ سرڪار لاءِ تمام وڏي صدمي جو سبب بنجي وئي آهي.خيبر پختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ حڪومتي جماعت تحريڪ انصاف کي وڏي پيماني تي شڪست ملي آهي ۽ مخالف ڌر جون جماعتون اڪثريت سان ووٽن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. خيبر پختونخواهه جي 33 ضلعن مان 17 ضلعن ۾پهرين مرحلي ۾مڪاني چونڊون ڪرايون ويون آهن ۽ باقي 16 ضلعن ۾ جنوري 2022ع ۾ چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿيڻو آهي. اڌ صوبي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي نئين منظرنامي ۾حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي مقابلي ۾ جميعت علماء اسلام (ف)، عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)،پاڪستان پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ڌار ڌار حيثيت ۾ ڪيل مقابلي ۾ حڪمران جماعت کان وڌيڪ تڪن ۽ سيٽن تي ڪاميابيون ۽ ووٽ حاصل ڪيا آهن. صوبي جي وڏن شهرن ۾تبديلي سرڪار جي خلاف صورتحال ئي تبديل ٿي وئي آهي.

مڪاني چونڊن واري خاص طور تي سڀ کان وڏي مرڪز صوبائي گادي واري شهر پشاور جي سٽي ڪائونسل جي ميئر جي چونڊن ۾صوبائي گادي واري شهر پشاور ۾حڪمران جماعت لاءِ تمام گهڻي ڇرڪائيندڙ صورتحال سامهون آئي آهي، شهر جي عوام تمام وڏي اڪثريت ۾ پنهنجا ووٽ مخالف ڌر جي جماعتن جي اميدوارن جي حق ۾ استعمال ڪيا آهن، پشاور جي ميئر جي چونڊن ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف)، جي اميدوار مولانا فضل الرحمان جي ناٺي زبير علي 62388 ووٽ حاصل ڪري پهرين نمبر تي آهي، تحريڪ انصاف جي اميدوار کي 52 هزار ووٽن سان ٻيو نمبر ۽ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار 51 هزار ووٽن سان ٽيون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار 50 هزار ووٽ حاصل ڪري چوٿين نمبر تي آهن.. پشاور سٽي ڪائونسل جي ميئر لاءِ 521 مان 515 اسٽيشنز جا غير سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 6 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا روڪيا ويا آهن. خيبر پختونخواهه ۾انهي عوامي تبديلي سان وزير اعظم عمران خان صوبائي حڪومت جي وجود کي ئي عملي طور تي مشڪوڪ ۽ صدمن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.

نتيجن موجب پشاور، مردان، بنون ۽ ڪوهاٽ ۾ ميئر لاءِ تحريڪ انصاف جو ڪو اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي.مردان ۾ عوامي نيشنل پارٽي جو حمايت الله مايار 56 هزار 458 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، ڪوهاٽ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو شير زمان 34 هزار 434 ووٽ کڻي ميئر چونڊجي ويو آهي، اهڙي ريت، صوبي ۾ حڪمرا ن جماعت جي چيرمين ۽ وزير اعظم عمران خان طرفان چونڊن واري عمل ۾ ڪيل مداخلت ۽ پشاور ۽ فاٽا واري علائقي ۾ ڪيل تازن جلسن ۽ صوبائي حڪومت جي هلايل ترقياتي ڪمن ۽ مختلف قسم جي اختيارن کي آزمائڻ جي باوجود صوبي جي ٻين ضلعن ۾ پڻ پنهنجي ووٽن جي تمام وڏي اڪثريت مخالف ڌر جي جماعتن جي اميدوارن جي حق ۾ استعمال ڪئي آهي، انهي عوامي تبديلي سان وزير اعظم عمران خان صوبائي حڪومت جي وجود کي ئي عملي طور تي مشڪوڪ ۽ صدمن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.

خيبر پختونخواهه جي اڌ ضلعن ۾ٿيل مڪاني چونڊن ۾ هر قسم جي بدامني ۽ تمام گهڻي جاني ۽ مالي نقصانن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي ٿيل حملن باوجود حڪمران جماعت پي ٽي آء جي وڏي پيماني تي شڪست تي وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي بيان ٿيندڙ وضاحتن ۽ پريشاني وارن دليلن بعد وزير اعظم عمران خان طرفان پاڻ پنهنجي جماعت کي مليل شڪست ۽ چونڊ نتيجن بابت بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته، سندس جماعت پي ٽي آءِ خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ غلطيون ڪيون جنهن جا انهن کي نتيجا ڀوڳڻا پيا آهن.وزير اعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته، غلط اميدوارن کي بيهارڻ انهن جي غلطين جا بنيادي سبب هئا، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته، ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ چونڊن جي تڪن تي اميدوار بيهارڻ ۽ چونڊ مهم جي هو پاڻ نگراني ڪندو. ۽ پي ٽي آءِ کي وري طاقتور ڪيو ويندو.

  وزير اعظم جي ڄاڻايل ٽوئيٽ واري بيان بعد اليڪشن ڪميشن ۽ عوامي چونڊن جي ڪيترن ئي قانونن ۽ ضابطن جي نه صرف خلاف ورزي ڪرڻ واريون تڪراري ڪارروايون عمل ۾ آيون آهن پر وزير اعظم جي انهن سرگرمين سان هڪ ئي وقت ۾ جمهوري ۽  اخلاقي قدرن کي پڻ خطرا لاڳو ٿي ويا آهن. وزير اعظم عمران خان پنهنجي ملڪ جي حڪمران واري حيثيت ۽ طاقت سان مڪاني چونڊن ۾ لهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان جي معني اها ٿي ته حڪمران جماعت کي پنهنجي ڪارڪردگي  ۽ عوامي مقبوليت تي اعتبار ۽ ڀروسو ناهي تنهنڪري هو حڪومتي اختيارن ، طاقت سان هٿين خالي مخالفن سان  چونڊون وڙهندي. پر وزير اعظم جي بيان جي مطلب ۽ مقصد موجب سندس وفاقي ۽ فرمانبردار صوبائي حڪومت ۽ ٻيا سهولتڪار گڏجي هو نه صرف مخالف جماعتن پر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ، ملڪ جي عدالتن  ۽ آئين ۽ قانون جي فيصلن لتاڙ ڪري رهيا آهن ۽ انهن  کي للڪاري پڻ رهيا آهن.

تمام گهڻي اچرج ۽ ڳڻتي وارو معاملو آهي جو، وزير اعظم عمران خان طرفان پاڻ پنهنجي پارٽي جي چونڊ مهم پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ واري ڪيل اعلان کي ملڪ جي چيف ايگزيڪٽو واري حيثيت کي استعمال ڪرڻ وارو ڪيل اعلان پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي ريت، وزير اعظم جي انهي سموري بيان کي وزير اعظم طرفان رياست جي طاقت کي پنهنجي جماعت جي حق ۾ استعمال ڪرڻ وارو کليو اعلان پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو، جيڪو ملڪ جي آئين ۽ اليڪشن ڪميشن جي آئيني اختيارن ۽ ضابطن کي تسليم نه ڪرڻ ۽ چونڊن جي قانون جي لتاڙ ڪرڻ پڻ آهي. ڇاڪاڻ جو چوندن جي قانون موجب،حڪومتي عهدن تي موجود عهديدار، وزير ، وزير اعلي يا وزير اعظم پنهنجي جماعت جي چونڊ مهم نٿا هلائي سگهن. اهو عمل هنن کي عهدن کان ڌار ٿيڻ بعد ڪرڻ جي قانون موجب اجازت هوندي.

چونڊ مهم ۾ حڪومتن ۽ سرڪاري عهديدارن کي مڪمل طور تي اڻ ڌريو رهڻو آهي ۽ پنهنجي جماعتن جي اميدوارن جي چونڊ سرگرمين کان به پري رهڻو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ هن وقت اهو تماشو پڻ نظر اچي رهيو آهي ته صوبي جي حڪومت ۽ وزير اعظم چونڊ ضابطن جي کليل نموني خلاف ورزي ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ مداخلت ڪرڻ ۽ چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ جا باقاعدي اعلان پڻ ڪيا ويا آهن.اهڙي قسم جي صورتحال کي روڪڻ هاڻي اليڪشن ڪميشن، ملڪ جي عدالتن ۽ مخالف ڌر جي جماعتن لاءِ وڏي للڪار بنجي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌرين جون هٿين خالي جماعتن جي اميدوارن کي هاڻي مڪاني چونڊن يا ٻين چونڊن ۾ ڪنهن مقابلي جي جماعت جي اميدوارن سان نه پر خود حڪومت ۽ رياست جي طاقت سان مقابلا ڪرڻا پوندا. !

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے