Ali Memon

ملڪ ۾ سياسي اٿل پٿل ۽ بدلجندڙ منظر نامو !

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

ملڪ جي سياست ۾ ٿيندڙ وڏي اٿل پٿل جا حيرت جوڳا نظارا ۽ دلچسپ نتيجا نروار ٿي رهيا آهن، ملڪ جي مخالف ڌر جي تحريڪن ۽ هلچل واري جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ملڪ ۾ وڌندڙ مقبوليت مڙني جماعتن لاءِ خطري جا گهنڊ ۽ الارم وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. لاهور شهر جي تڪ اين اي 133 جيڪو مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي جي ميمبر پرويز ملڪ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيو هو، ان تي مسلم ليگ ن جي اميدوار بيگم شائسه پرويز ملڪ پنهنجي مڙس واري سيٽ تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ 46 هزار ووٽ کنيا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار اسلم گل 32 هزار ووٽ کنيا. اهڙي ريت، هن اهم تڪ تان صرف 16 هزار ووٽن جي سرسي سان وڏي مقابلي بعد کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي آهي.

گذريل ٻن عام چونڊن ۾ هن تڪ تان مسلم ليگ نواز جا اميدوار وڏي اڪثريت سان کٽيندا رهيا آهن. ان کان اڳ 1970ع واري عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيرمين ذوالفقار علي ڀٽو ٻيا اڳواڻ پڻ کٽيندا رهيا آهن. 2018ع وارين عام چونڊن ۾ ملڪ اسلم پرويز هن تڪ تان 85 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ان جي مقابلي ۾ اسلم گل کي صرف ساڍا پنج هزار ووٽ ئي ملي سگهيا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ اهڙي قسم جي صورتحال لڳ ڀڳ سموري پنجاب ۾ بڻيل رهي پر وچ پنجاب ۽ مسلم ليگ نواز ليگ جي مرڪز ۾پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو وري مضبوط ٿي اڀرڻ ۽ ساڍن پنج هزار ووٽن ۾ هيڏي وڏي تعداد ۾ اضافو ٿي وڃڻ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي وري وڌندڙ مقبوليت کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن تازي نتيجي مسلم ليگ نواز ۽ پي ٽي آءِ لاءِ هڪ ئي وقت ۾ خطري جا گهنڊ وڄائي ڇڏيا آهن.

هوڏانهن، گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو سمورين جماعتن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪرڻ ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پڻ قانون ساز اسيمبلي جي اڳوڻي ٽن سيٽن مان وڌي 13 سيٽون ٿي وڃڻ ۽ انهن ٻنهي اسيمبلين ۾ قائد حزب اختلاف جا عهدا حاصل ڪرڻ ۽ ان کان علاوهه سينيٽ آف پاڪستان ۾ پڻ مخالف ڌر جي جماعتن ۾ سڀ کان وڌيڪ سينيٽر ڪامياب ڪرائي هن مشڪل دور ۾ به قائد حزب اختلاف جو اعزاز حاصل ڪرڻ ڪا عام نه پر غير معمولي ڪاميابيون آهن. پيپلز پارٽي جي ملڪ جي سياست ۽ پارليامان جي سمورن ايوانن ۽ اسيمبلين ۾ميمبرن جي وڌندڙ تعداد ۽ ملڪ جي سمورن صوبن ۾ وڌندڙ مقبوليت، سندس مخالف جماعتن ۽ ڌرين لاءِ يقينن پريشانين جو سبب ضرور بڻجي رهيون آهن پر پاڪستان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ووٽرن، قيادت ۽ خاص طور تي سنڌ جي عوام لاءِ وڌيڪ خوشي ۽ اطمينان ۽ پنهنجي مستقبل جي بهتري ۽ خوشخبري واري ڳالهه پڻ آهي. اهڙي ريت، پشاور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سالگرهه واري ميڙاڪي جي بي مثال ڪاميابي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ ووٽرن سان گڏ سنڌ واسين لاءِ سرهائي ۽ خوشيءَ جو سبب بڻي آهي، جنهن مان اها اميد پيدا ٿي رهي آهي ته، ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾هڪ ڀيرو وري سنڌ جي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي چونڊون کٽي سموري ملڪ ۾ حڪومت ٺاهي سگهي ٿي، جنهن جا سنڌ کي وڌيڪ فائدا ٿيندا.

ملڪ جي سياست ۾ حڪومت سان گڏ مخالف ڌر جي جماعتن جي مقبوليت ۽ غير مقبوليت واي گراف ۾ پڻ لڳاتار اٿل پٿل ٿي رهي آهي. حڪومت کي لوڏيندڙ مخالف ڌر واري گڏيل اتحاد پي ڊي ايم واري سياست پڻ ان وقت کان بحرانن جي ور چڙهيل آهي جڏهن کان اتحاد جي باني جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف زرداري کان خوفزدهه ٿي. ميان نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي کي اتحاد کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ کيل رچايو ويو ۽ سمورين مخالف ڌر جي جماعتن کي پارليامينٽ تان استعفائون ڏيڻ جو تڪراري فيصلو مڙهيو ويو ، جنهن کي اتحاد جي روح جي برخلاف ۽ ملڪ جي جمهوري سياست لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. اهڙي ريت، اتحاد مان پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان بعد عوامي نيشنل کي پنهنجا رستا ڌار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.

اهڙي ريت، پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي کي پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي خلاف وڏي پيماني تي استعمال ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ عملي طور تي مخالف ڌر ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ مسلم ليگ ن خلاف عام چونڊن ۽ مڪاني چونڊن ۾ وڏي للڪار بڻجي اڀرڻ ۽ خيبر پختونخواهه ۾ پڻ پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي وڌندڙ مقبوليت کي انهي طريقيءَ سان روڪيو ويو . ميان نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ٻنهي ڌرين جا ڄاڻايل خوف سبب ڪيل ڪارروائين جا سندن مقصد حاصل ڪيترا حاصل ٿي سگهيا يا نه، اهي منظر ملڪ جي سياست ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ اٿل پٿل ۽ سامهون آيل نتيجن مان مخالف ڌر جي هلندڙ پارلياماني جماعتن جي اتحاد ۽ امڪاني طور تي حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي پيش ٿيڻ سان حڪومت جي تبديلي ۽ اتحادي ڌرين جي گڏيل حڪومت ٺهڻ جا امڪان پڻ روشن ٿي رهيا آهن، پي ڊي ايم جي تازي اجلاس ۾ مسلم ليگ ن ۽ ٻين جماعتن ۾پڻ اسيمبلين تان استعفائون ڏيڻ تي اختلاف پڻ وڌي ويا آهن، جنهن مان ان اتحاد ۽ مسلم ليگ ن جي فيصلن تي ميان شهباز شريف جي پوزيشن گهڻي مضبوط ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جنهن مان هاڻي ميان شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ اتحاد سان ملڪ ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جي سياست وڌيڪ لاڀائتي ۽ ڪارگر ٿيڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن ۽ ملڪ جي سياسي منظر نامي تي ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ تبديلين جو اندازو ضرور لڳائي سگهجي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *