علي محمد ميمڻ
ملڪ ۾ زبان بندي ۽ قومي ترقي جي منصوبن جي رستا روڪ واريون ڪارروائيون تمام گهڻي خوفناڪ ۽ هاڃيڪار صورتحال اختيار ڪري رهيون آهن. رانديگرن واري سرڪار طرفان عوام جي پڇاڻن کان بچي نڪرڻ ۽ خلق کان پنهنجو منهن لڪائڻ لاءِ عجيب و غريب ۽ هاڃيڪار ڪم ۽ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. سرڪار طرفان اخبارن ۽ ٽي وي چينلن واري ميڊيا ، صحافين ۽ ليکڪن جي زبان بندي ڪرڻ ۽ کين خوفناڪ سزائن جي ڊپ ذريعي خاموش ڪرائڻ ۽” ٻرندڙ ملڪ کي مکڻ جي ماڙي ۽ نئين پاڪستان واري خيالي جنت ڏيکارڻ “ لاءِ مجبور ڪرڻ لاءِ پڻ ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن، جنهن تي سڄي ملڪ ۾ وڪيلن جون تنظيمون، سماجي ادارا، سول سوسائٽي ۾ سخت ردعمل پيدا ٿيل آهي ۽ صحافتي ادارا، صحافي ۽ ميڊيا انڊسٽري سان لاڳاپيل لکين خاندانن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. حڪومت طرفان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي(پي ايم ڊي اي)ذريعي ميڊيا کي سوگهو ڪرڻ ۽ انهن جي ڇوڦير ڪڙو چاڙهڻ لاءِ ڪارروايون ڪيو پيون وڃن جنهن تي سڄي ملڪ اندر صحافين ۽ صحافتي ادارن طرفان احتجاج ٿي رهيو آهي.
حڪومت طرفان اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پارليامينت ۾ پيش ٿيندڙ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ جا قانون منظوري لاءِ آندا پيا وڃن. خبرن موجب، ڄاڻايل بل ۾ هڪ ترميم جي ذريعي چونڊ فهرستون ٺاهڻ جو اختيار الڪيشن ڪميشن کان وٺي نادرا جي حوالي ڪرڻ جي به تجويز آهي.ان حوالي سان سومر تي پارليامينت جي گڏيل اجلاس ۾ سمورا حڪومتي قانون ۽ رٿون منظور ڪرائڻ لاءِ سمورا زور لڳايا ويندا. ڪجهه قانونن ۾ سادي اڪثريت گهربل هوندي اهي جڏهن ته آئيني ترميمن لاءِ ايوان جي ٻه ڀاڱي ٽي گهربل اڪثريت جي حمايت حاصل ڪرڻ لازمي هوندي، جيڪا مخالف ڌر جي جماعتن جي مدد کانسواءِ ممڪن ناهي.
حڪمران جماعت طرفان يقينن عام چونڊن کان اڳ پنهنجي مستقبل جي صورتحال کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ننهن چوٽي وارو زور لڳايو پيو وڃي.يقينن ملڪ ۾ ٿيندڙ ننڍين چونڊن ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جا قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين جا اڪثر اميدوار جهڙي ريت هارائي ويا ۽ مخالف ڌر جي جماعتن کين شڪستون ڏنيون انهن نتيجن کانپوءِ حڪمران جماعت کي ملڪ ۾ پنهنجي مستقبل وارو منظر صاف نظر اچڻ لڳو آهي. هاڻي سرڪار کي ملڪ جي ماڻهن مان تمام گهٽ اميدون وڃي بچيون آهن. هاڻي سندن اميدن جا مرڪز اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون، پرڏيهي پاڪستانين جا ووٽ ۽ جادوگرن جا ڪرتب ۽ تعويزن وارا آسرا وڃي باقي بچيا آهن. ملڪ ڪرڪيٽ واري عالمي ڪپ جي مشهوري کي استعمال ڪري رانديگر جي جيڪا حڪومت قائم ڪئي وئي هئي اها ملڪ ۽ عوام لاءِ تمام گهڻي هاڃيڪار ثابت ٿي رهي آهي جنهن جا نتيجا سڄو ملڪ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي مسئلن ۽ مشڪلاتن جي صورت ۾ ڏسي رهيو آهي.
ملڪ جي بهتر مستقبل ۽ جياپي جي منصوبن جي ڳالهه ڪجي ته عوامي جمهوريا چين، روس ۽ دنيا جي ملڪن سان گڏيل سيڙپڪاري ۽ صنعتڪاري جي حوالي سان ڪيل سي پيڪ ۽ ون روڊ ون بيلٽ وارن منصوبن ۽ پاڪستان ايران گئس پائپ لائين وڇائڻ وارا اهڙا بنيادي منصوبا آهن جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ صدر آصف زرداري ۽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي دور ۾شروع ڪياويا. اڳتي هلي مسلم ليگ نواز ۽ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي حڪومت ۾ انهن قومي رٿائن ۾ ڦير ڦار ڪري سيڙپڪاري جو هڪ حصو لاهور ۾ اورنج ٽرين منصوبي طور شامل ڪري اصل منصوبن کي سخت نقصان رسايو ويو ۽ پاڪ ايران گئس پائيپ لائين کي پڻ روڪيو ويو.
جڏهن ته وزير اعظم عمران خان واري حڪومت طرفان انهن هيڏن وڏن عالمي سيڙپڪاري ۽ صنعتن ڪاري وارن منصوبن کي روڪي ۽ مفلوج ڪري ملڪ جي مستقبل جي منصوبن کي نقصان رسائڻ وارا ڪم ڪيا ويا آهن. تازو ، سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور قبول ڪيو آهي ته، چيني ڪمپنيون سي پيڪ تي حڪومتي ادارن ۽ ان تي ڪم جي رفتار مان مطمئن ناهن. سينيٽ جي منصوبابندي واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين سليم مانڊوي والا طرفان ايوان ۾چيو ويو ته چيني سفير کيس ٻڌايو آهي ته 3 سالن ۾ سي پيڪ تي ڪجهه به ناهي ٿيو، سي پيڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. خالد منصور ڪميٽي چيئرمين جي ڳالهه تي اتفاق ڪندي چوڻ هو ته، چيني نيشنل هاءِ وي اٿارٽي مان خوش ناهن، گوادر ۾ ڪم جي رفتار اطمينان جوڳي ناهي. ڪاميٽي چيئرمين جو سينيٽ ۾ اهو پڻ چوڻ هو ته هو انهن سڀني چيني ڪمپنين جي فهرست ڏيندو جيڪي شڪايتون ڪري رهيون آهن، ايندڙ اجلاس ۾ انهن چيني ڪمپنين کي گهرائينداسين، سينيٽ ڪميٽي پاڻ ٿر ۽ گوادر منصوبن جو دورو ڪري جائزو وٺندي.
بيشڪ ! ايئن معلوم ٿي رهيو آهي ته حڪمران ڌر وقتي مشڪلاتن مان نڪرڻ ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن ۽ عام چونڊن کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي. ملڪ کي لاڳو سمورن خوفناڪ حالتن ۽ ڇرڪائيندڙ صورتحال جي باوجود جيڪا سڀ کان وڏي اميد ۽ حوصلي واري ڳالهه آهي ته، ملڪ ۾ آئين جي بالادستي قائم آهي ۽ پارلياماني جمهوريت قائم قائم آهي. جيڪا حڪمرانن کي پنهنجي ارهه زورائي يا ڏاڍ مڙسي ڪرڻ کان روڪڻ جي طاقت رکي ٿي.ڇاڪاڻ جو رانديگرن واري حڪومت کي آئين ۾ ڦيرڦار ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾گهربل اڪثريت حاصل نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي جماعتن کي لڳ ڀڳ هڪ جيتري طاقت ۽ حڪومت کي معمولي سرسي حاصل آهي جڏهن ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي جماعتن کي عددي اڪثريت حاصل آهي.
اهڙي صورتحال ۾ سادي اڪثريت سان عام قسم جا قانون منظور ڪرائڻ ۾حڪومت ڪنهن حد تائين ته ڪامياب ٿي سگهي ٿي پر آئين ۾ ترميم لاءِ گهربل ٻه ڏهائي ٽي جي اڪثريت حڪومت مخالف ڌر جي جماعتن جي مدد کانسواء ناممڪن آهي. حڪومت ۽ حڪمرانن جي گهٽ ۾ گهٽ گذريل ٽن سالن واري ڪارڪردگي ۽ واعدي خلافيون ڏسڻ کانپوءِ انهن تي اعتبار ڪرڻ ڏينهون ڏينهون مشڪل ٿي رهيو آهي.