Mohammed Hanif

ملڪ ٻڏي ويو، اسان ”جنسي تشدد“ جي رينگٽ ۾ مصروف هياسين

ليکڪ محمد حنيف

محمد حنيف

جيستائين ھڪ اوچي پٿر تي بيٺل پنج جوان هيلي ڪاپٽر جو انتظار ڪندي ٻڏي نھ ويا ، جيستائين انھن جي وڊيو بنجي اسان جي واٽس ايپ گروپ ۾ نھ آئي اسين ٿورو مصروف ھئاسين.

ٻوڏ اچي چڪي هئي، ماڻهو مري رهيا هئا، گهر تباهه ٿي رھيا ھئا،جانورن ڍرورن جا لاش روڊن جي ڪنارن  پيا هئا، سامان جو ھڙون مٿي تي کڻي قافلا ھلڻ لڳا ھئا،فصل ٻڏي چڪا ھئا،سال جي گڏ ڪيل داڻا پاڻي ۾لڙھي چڪا ھئا.سڪي ويل  درياهه، اهي درياھ  جن جا نالا اسان وساري چڪا هئاسين، پنهنجا پراڻا رستا ۽ لنگهھ ڳوليندي ڳوليندي واپس اچي رھيا ھئا ۽درياهن جي گذرگاھن ۾ بنايل آبادين کي مليا ميٽ ڪري رھيا ھئا.

موسم تي نظر رکندڙ  ٻڌائي رهيا هئا ته ڪراچي جي برسات ڊگهي ۽ ڏکوئيندڙ آهن، پر ڪراچي کان اڳتي بھ پاڪستان آهي ۽ گھڻو وڏو آهي.جبلن ۾ برسات سان جيڪي ٻوڏي وھڪرا نڪتا  آهن، تن جي نڪرڻ جو ڪو به رستو نه آهي، ڪا سڙڪ آھي نھ پل آھن،ڪچا پڪا  گهر آهن، ڪجهه هنڌن تي پوريون پوريون آباديون آهن.

هيءَ آفت چوريءَ ناھي آئي، سڀ نشانيون موجود هيون، پر اسان ٿورو مصروف هئاسين.نه رڳو فوجي ادارا ، نه رڳو سياستدان، نه رڳو پوليس ۽ عدالتون، خبرن وڪڻڻ وارا ۽ خريد ڪندڙ اسين سڀ مصروف هئاسين، اسان سڀ اهو ڄاڻڻ  جي ڪوشش ۾ هئاسين ته شهباز گل جا ڪپڙا لاٿا ويا يا نھ .ھن تي تشدد ٿيو يا نھ،مون شايد سموري زندگيءَٽيليويزن تي  ايترا ڀيرا لفظ  جنسي تشدد نه ٻڌو،

جيترا ڀيرا ٻوڏ کان اڳ ۾ ٻڌو .ٿيو يا نھ ٿيو ، ڪيئن ٿيو، ڪنهن ڪيو، ثبوت ڏيکاريو، ميڊيڪل چيڪ اپ ڇو نه ڪرايو، شرم رياست کي اچڻ گهرجي يا شهباز گل تي، ڪنهن تي بغاوت جا الزام لڳايو (اسان کي تھ باغي بھ ٺيڪ نھ مليا) ۽ مٿان وري اھي جنسي تشدد جو الزام لڳائين تھ اھا ھڪ ٻي ڌوڏيندڙ خبر آهي جنھن جي ھيڊ لائين ضرور بڻجڻ گھرجي، لعنت ملامت بھ ۽ بحث پڻ.

اسان جي دين ۾ به آهي ته هڪ انسان جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آهي، اهڙي طرح هڪ شخص تي تشدد سمورن شھرين تي تشدد برابر آهي. پر ڪهڙي دين ۾ اھو لکيل آهي ته هڪ طرف طوفان نوح جهڙي ڪيفيت ھجي، انسانيت ٻڏي رهي هجي، ماڻهو گجگوڙ ڪندڙ مان پنهنجا ٻار ڇڪي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھجن ۽ ملڪ جا سمورا پڙهيل لکيل ماڻهو ان بحث ۾ مصروف هجن ته اڄ شهباز گل  ناشتي ۾ ڇا کاڌو ھو.

۽ وري جڏهن ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ھڪ پٿر تي بيٺل پنج جوانن کي پھرين ڪنھن  بچائڻ واري جو انتظار ڪندي ۽ پوءِ پاڻي ۾ لڙھي ويندي ڏٺوسين تھ  پنهنجن ئي سياستدانن تي باھ ڪڍڻ لڳاسين تھ بس ھاڻي سياست بند ڪريو ۽ ٻوڏ ستايلن جي مدد ڪريو.ٻوڏ متاثرن جي مدد کان وڏو  ڪو به سياسي ڪم ھن وقت ٻيو ٿي ئي نٿو سگھي.تھ سياستدانن کي چوڻ گھرجي ڀائرو ڄمي سياست ڪريو،ھيٽ پايو،لانگ بوٽ پھريو،ڪارا چشما اکين تي پايو،غريب ٻارن سان گڏ فوٽو ڇڪرايون،ھيليڪاپٽر تي چڪر لڳايو،راشن جي ٽرڪ مٿان بيھي ڪري راشن جا ٿيلھا ورھايو ۽ پوءِ فوٽو ڇڪرايو،جتان اڳي اليڪشن ۾ ووٽ نھ مليا ھئا اوڏانھن بھ خيما رسايو.جلقت خدا جي عذاب کان نھ ڊيڄاريو،اھي ڀوڳي رھيا آھن خود ان خلقت جي عذاب کان ڊڄو ڪٿي اوھان کي نھ ڀوڳڻو پئجي وڃي.

سياستدانن کي، حڪمرانن کي جيترا طعنا ڏيڻا آھن ڏئي وٺو، پر چوڌاري نظر ڦيرايو، ان قيامت جي منظرنامي ۾سڀ کان پهرين غائب ٿيندڙ اسان جا سيٺ ۽ اهي ڪارپوريشنون  آهن، جيڪي رڳو پاڪستان مان پئسا ڪمائڻ ڄاڻن ٿا.ڪٿي آهن اهي ڪمپنيون جيڪي اسان جي زمينن مان پاڻي ڪڍي بوتلن ۾ ڀري  اسان کي وڪڻن ٿيون، پوءِ سال جو  سال ڪي  گانا ٻڌرائي  ۽ مشروب وڪڻن ٿيون.ڪٿي آهن مٽيءَ کي سون بڻائندڙ ڀاڻ وڪڻڻ وارا،ھر غريب جي جيب ۾ ھٿ وجھي آخري ڏھن رپيا ڪڍندڙ موبائل فون ڪمپنيون،ڪٿي آھن ڪاٽن جا ايڪسپورٽر جيڪي ھر ٽئين مھيني لکين رپين جا اشتھار لڳرائي چون ٿا اسان لٽجي ويا سين.ڪٿي ويا ھي جيڪي ھر حڪومت جي لاڏلا ھائوسنگ سوسائٽيون ٺاھيندڙ جن درياھ جي ڪناري،نئين جي عين وچ ۾ پلاٽ ڪٽي ڏنا آھن.۽ ڪٿي آهن اهي ملڪ رياض جا جهاز جيڪي هر حڪمران، هر اپوزيشن ليڊر جي سوار ٿيڻ لاءِ تيار رھندا آهن. پر جڏهن قدرتي آفت ايندي ئر گرائونڊ ٿي ويندا آھن.

جيڪڏهن انھن سٺن جون دليون اهڙيون ئي ڪٺور رهيون ته هڪ ڏينهن هنن جون بادشاهتون سوات جي هني مون هوٽل وانگر منٽن ۾ ڊھي ڍير ٿي وينديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *