Imtiaz Alam

ملڪ جي اعلى اقتدار جو مالڪ ڪير آهي؟

امتياز عالم چونڊمواد ليکڪ

امتياز عالم

لڳي ٿو هاڻي ڳالهه تمام پري تائين ويندي جو ٽن طرفن کان باهه ٻري رهي آهي ۽ باهه جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ ان کي وسائڻ وارو ڪوبه نه آهي. اهڙي صورتحال ۾ فقط هڪڙي ئي شيءِ رهجي وڃي ٿي جيڪا صورتحال کي ڪنهن حد تائين بهتر بڻائي سگهي ٿي، اها آڻي آئين…. آئين جيڪو هن ملڪ ۾ رديءَ جي ڪاغذن جي برابر سمجهيو ويندو آهي اڳ به ٻه دفعا رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايو ويو آهي ۽ هاڻي جيڪڏهن ٽيون دفعو به رديءَ جي ٽُوڪريءَ ۾ اڇلايو وڃي ته ان ۾ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه سمجهڻ نه گهرجي.

اهڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر، وزيراعظم کي ڇڏي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته هاڻي وزير اعظم کي آڻيندڙن سان حساب ڪتاب ڪيو ويندو، جڏهن ته وزيراعظم اهڙي صورتحال ۾ انتهائي خوف ۾ ورتل ۽ سگهارين ڌرين ۽ مخالف ڌر وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي مٿان مٿان ويٺو ڏسي رهيو آهي. وزيراعظم جا اهڙا لفظ دل ۽ دماغ تي نقش ٿي ويا آهن ته ڪنهن ۾ همت آهي ته هو اچي کائنس استعفى طلب ڪري، جڏهن ته سندس بقول ته جيڪڏهن نواز شريف ۾ همت هُجي ها ته هو استعفى گهرندڙن کي گهر موڪلي ڇڏي ها.

نواز شريف کان ته سندس جي ٽن وزارت اعظى جي دور ۾ ڪڏهن استعفى جو ڪو مطالبو ئي نه ڪيو ويو هو، پر ان جي ابتڙ کيس وزيراعظم هائوس يا ان کان ٻاهران کنڀي جيل ۾ وڌو ويو هو، وزيراعظم عمران خان جو معاملو ان طرح جو نه آهي، پر سندس موجب ته سمورا رياستي ادارا فوج سميت اهي سندس حڪم جا بندا آهن سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا، ڪاش ائين ئي هُجي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نواز شريف ۽ پاڪستان قومي موومينٽ جي مرڪزي نقطي جي تعميل ٿي چڪي آهي، جنهن جي مخالف ڌر کي ڪا خبر ئي نه پئي آهي، جيڪي آئين ۽ سويلين بالادستيءَ جو ڌنڌورو ڪندا رهندا آهن.

عمران خان جي خيال موجب مخالف ڌر ڪرپشن جي ڪيسن ۾ رعايتون حاصل ڪرڻ لاءِ فوج تي دٻاءُ وڌائي رهي آهي ڇو جو ان چورن کي پڪڙيو آهي. پر هو جنرل پرويز ۾مشرف وانگر چورن کي اين آر او ڏيڻ بجاءِ پاڻ وزيراعظم جي عهدي تان استعفى ڏئي ڇڏيندو. لڳي ٿو عمران خان احتساب جو بار ملڪ جي سگهارن ادارن جي ڪلهن تي وجهي ڪري پاڻ کي هڪ اهڙي وڏي محتسب جي ڪرسيءَ تي ويهاري ڇڏيو آهي جنهن جي ڊڪشنريءَ ۾ ” معافي“ نالي جهڙو ڪوبه لفظ نه آهي. معاملو سڌو ۽ سياسي آهي ۽ وزيراعظم کي ناهليءَ مان ڇوٽڪاري رڳو ان ڳالهه ۾ نظر اچي رهيو آهي ته هو سياسي الزمن جي بازار کي گرم رکي.

تازي تازي خبر اها آهي يا ڏياري وئي آهي ته نواز شريف پاڪستاني فوج تي هندستان جي مرضيءَ ۽ منشا تي الزام لڳائي رهيو آهي تنهنڪري هو غداريءَ جو عمل ڪري رهيو آهي، ان ڏس ۾ هو نواز شريف جي پاڪستان جي پراڻن دشمنن سان ملاقاتن جا ذڪر ڪري رهيا آهن، نواز شريف تي اهڙا الازم اهي ماڻهو هڻي رهيا آهن جيڪي حب الوطنيءَ جي ٿڪل گهوڙي تي سوار آهن. اهڙي صورتحال ۾ ” پيمرا“ کي ته ميدان ۾ لهڻو ئي هيو هڪ پاڪستان دشمن، سزا يافته ماڻهوءَ جي بيانن جي ميڊيا تي پابندي ته لڳڻي ئي لڳڻي هُئي، نواز شريف غداريءَ جي قواليءَ جي کليل آزادي آهي، ۽ اهڙي صورتحال ۾ وري وزيرن جي فوج ظفر موج سان گڏوگڏ رٽائرڊ دفاعي تجزيه ڪار بي ميدان ۾ ” مصدقه ذرائع“ سان گڏوگڏ ڪڏي پيا آهن.

تاريخ به انتقام انتهائي بي رحم نموني ورتو آهي، ماضيءَ ۾ ننڍن صوبن تي ته غداريءَ جا ڪيترائي الزام لڳندا رهيا آهن ۽ اهڙي گوله باري پنجاب طرفان ٿيندي رهي آهي ۽ هاڻي پنجاب مان ٽي دفعا وزيراعظم چوندجندڙ ۽ ڇوٿون دفعو وزيراعظم جو عهدي جي اميد وار کي اهڙا خطاب ملي رهيا آهن، ڇا اهو مڪافات عمل آهي ياوري تاريخ جو چڪر پورو ٿي رهيو آهي. هاڻي ته پنجاب مان به غدار پيدا ڪيا ويا آهن ته پوءِ پوئتي باقي بچيو ڇا آهي، پنجاب مان ملڪ جو ٽي دفعا وزيراعظم چونڊجندڙ کي به هاڻي دشمن جي ڪيمپ ۾ ڌڪيو ويو آهي.ڀل آئين جي روح ۽ لفظن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندڙ هڪ اڳواڻ تي آئين جي آرٽيڪل 6- تحت ڪهڙي نموني غداريءَ جو ڪيس داخل ڪري سگهجي ٿو ۽ حقيقت ۾ جن تي آئين جي آرٽيڪل 6- تحت غداريءَ ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن ها، اهي آئين کان مٿاهان ٿيندي به غدار قرار نه ڏنا ويا ۽ نه ئي انهن کي سزا يافتا يا مفرور چيو ويو آهي.

هاڻي ڪو ان جو ڪنهن ڪنهن کان ڪهڙُو حساب وٺي ( ۽ وڍي به نه ٿو سگهي) جو جيڪي اڳواڻ وقت جي آمرن جي هنج ۾ پليا هجن ۽ جن کي وري عوام تي مڙهيو ويو هُجي اهو به غدار نڪري پئي ته پوءِ مملڪت خداداد جو خير نه آهي، بحرحال نيلسن منڊيلا نه سهي، پر منڊيلا بنجڻ جي خواهش ڪرڻ تي ڪنهن کي به حسد ڪرڻ نه گهرجي. ڪاش ملڪ ۾ ڪو هڪ ئي منڊيلا جهڙو هُجي ها ۽ ان جي پارٽيءَ وانگر ڪا پارٽي هُجي ها جيڪا نه صرف ملڪ کي نوآبادياتي اثرن ۽ قبضي کان بچائي ها پر پر وائسرا جهڙي نظام جو به خاتمو آڻي ها، هاڻي نيلسن منڊيلا جهڙو آواز پنجاب مان اڀري رهيو آهي، اهو پهريون دفعو نه آهي پر ان کان اڳ به اهڙو آواز پنجاب مان اڀريو هو جيڪو وري مصلحت جي ورچڙهي ويو ۽ وري هاڻي اٿيو آهي ڏسون ته هن دفعي ان آواز ۾ ڪيترو دم آهي.

بزم خودبخود ” عسڪري ترجمان“ ته ملڪ ۾ ڊسمبر تائين ٻهارو ڦرڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف وري مولانا فضل الرحمان پوري سياسي قوتن سان گڏ جنوري ۽ فيبروريءَ ۾ اسلام آباد ۾ اهو ئي سياسي ماحول پيدا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو عمران خان نواز حڪومت خلاف مارچ ۾ ڪيو هو، لڳي ٿو ته باهه ٻنهي پاسي برابر لڳل آهي، ۽ هن دفعي سلامتيءَ جي رکوالن لاءِ به صورتحال ڏاڍي سخت آهي لڳي ٿو ته سلامتيءَ جا رکوالا، سلامتيءَ کي خطري ۾ نه وجهندا ۽ سياست جي راند کان پنهنجو دامن بچائي نڪرندا يا وري پارٽي بڻجي سياست جي راند کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائيندا.

هاڻي جيڪڏهن مخالف ڌر پاران مارچ ٿيو ته، ته پوءِ مارچ مهينو به پرڏيهي ناهي، ان وچـ۾ سينسر شپ جي بدولت جيڪو سياسي اصطلاع آڏو آيو آهي ان ته فوج کي رياست جي برابر اچي بيهاريو آهي، فوج رياست جي چئن ٿنڀن مان هڪ ٿنڀو آهي ۽ رياست جي ادارن مان هڪ ادارو آهي، ته پوءِ فوج رياست جي برابر ڪيئن آهي؟، رياست جو اهم ترين جز ان جي آبادي آهي ۽ پوءِ جاگرافي ۽ اقتدار اعلى آهي. پاڪستان هڪ اهڙي رياست آهي جيڪا 1940ع جي قرارداد موجب قومي ايڪن جي شامل ٿيڻ سان وجود ۾ آئي هُئي ۽ 1973ع جي آئين جي سماجي معاهدي هڪ مقتدر اعلى رياست بڻي آهي، نه ڪي نوآبادياتي نظام جي خاتمي بعد سول ۽ ملٽري سرونٽس تي ٻڌل ڪو ملڪ.

تنهنڪري معاملو آئيني به آهي ۽ طاقت جو به، ٻنهي حيثيتن ۾ عوام اقتدار اعلى جو مالڪ آهي، جيڪڏهن عوام اقتدار اعلى جو مالڪ نه آهي ته پوءِ ٻيو ڪوبه اقتدار اعلى جو مالڪ نه آهي، اهو ئي سوال آهي جيڪو گذريل 70- سالن کان پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ گردش ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *