wusatullah khan

مسئلو تنگ نظري نه پر رياستي دماغ آهي

ليکڪ وسعت الله خان

 وسعت الله خان

نيڪٽيا موجب پاڪستان ۾ هاڻي اهڙين تنظيمن ۽ گروهن جو انگ اسي ٿي ويو آهي جن کي هاڻي کلي عام پنهنجيون سرگرميون ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، منطقي طور تي اڳيون مرحلو تنظيم کي سياسي طور تي ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻو هوندو. ڇا اهڙين تنظيمن ۽ انهن جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي ڪنهن ٻئي نالي سان اڀرڻ ۽ منظم ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پڻ ڪو بندوبست ٿيل آهي؟، ان ڏس ۾ جيڪڏهن ڪا پا0ليسي آهي به ته غير واضع آهي، هن وقت صورتحال جنهن ڳنڀير حد تائين پهتي آهي ان ۾ رياست جو پنهنجو ڪردار ڪهڙو آهي؟، رياست وري وري انهن تنظيمن هٿان ڏنگجڻ بعد به انهيءَ ضد تان ڇو نه ٿي لهي ته اهڙين تنظيمن کي مخصوص سياسي ۽ پرڏيهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پالڻو آهي ۽ ضرورت ختم ٿيڻ بعد انهن کي ختم ڪرڻو آهي، پر اهڙين تنظيمن کي پيدا ڪرڻ پالڻ ۽ ضرورت پوري ٿيڻ بعد انهن کي پاڙئون ئي پٽي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ سماج کي جيڪو نقصان رسي ٿو، ڇا رياست کي ان جي سنگينيءَ جو احساس آهي، جڏهن ته سماج اڳ ۾ ئي تمام گهڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي.

جيڪڏهن رياست جو اهو خيال آهي ته وٽس هڪ طاقتور، منظم ۽ جديد فوج آهي، وٽس انٽيليجنس جو هڪ موثر نظام آهي ۽ رياست ايٽمي طاقت به آهي تنهنڪري ان لاءِ شدت پسند تنظيمن کي پيدا ڪرڻ ۽ مقصد حاصل ڪري انهن کي ختم ڪري ڇڏڻ ڪا وڏي ۽ مشڪل ڳالهه نه آهي ته رياست جي اهڙي سوچ عملي طور تي رياست جي هڪ ڀل ئي چئي سگهجي ٿي، اڄ به اهو ئي الميو آهي ته مرض کي پهريان وانگر محض سياسي ۽ اسٽريٽيجڪ موقع پرستيءَ جي اک سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ ان مطابق ئي فيصلا ڪيا ٿا وڃن، ۽ وري تلخ حقيقت اها آهي ته اهڙن فيصلن جي پائيداريءَ تي خود رياست کي به يقين نه هوندو آهي. ڇا رياست واقعي تنگ نظريءَ کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي يا وري ايندڙ ڏينهن ۾ به ڪينسر جو علاج پين ڪلر سان ڪرڻ گهري ٿي؟، ان جو جواب هن وقت ڪنهن وٽ به نه آهي. محمد عامر خان پاڪستان جو هڪ ناميارو سيڪيورٽي تجزيي ڪار آهي، اڄ روزاني ڊان ۾ ان جو موجوده صورتحال تي هڪ ليک پڙهي رهيو هوس سوچيم ته ان مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ ان ليک مان مدد وٺان، اوهان لاءِ به ان ليک جا ڪجهه ٽڪڙا پيش آهن.

اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جو اڄ ملڪ ۾ 30- هزارن کان مٿي مدرسا آهن، ملڪ جي سمورين يونيورسٽين ۽ اعلى تعليمي ادارن ۾ اسلامڪ اسٽڊيز جا شعبا آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڻ اسلامي تعليم جا مضمون پڙهايا وڃن ٿا، ملڪ ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جهڙو ادارو به موجود آهي، ان هوندي به ملڪ اندر هڪ مناسب تعداد ۾ اسڪالرز پيدا ڪري نه سگهيا آهيون جيترا اسڪالر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ انهن ادارن جي انتهائي گهٽ انگ ۾ هوندي پيدا ٿيندا آهن ۽ تمام سٺي معيار جا پيدا ٿيندا آهن، گوگل تان اها معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي ته بين الاقوامي سطح تي سماجي، رياستي ۽ مذهبي موضوعن تي جيڪي به بحث مباحثا ٿيندا آهن انهن ۾ اسان جي نمائندگي ۽ گفتگوءَ جو معيار ڪهڙو آهي، ان ڏس ۾ جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته وري وري اهي ئي ڪجهه نالا سامهون ايندا جن جو نه ته پاڪستان جي رياست سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي وري انهن جو رياست جي ڪنهن اداري سان تعلق آهي، ۽ نه ئي انهن شخصيتن جو پاڪستان جي ڪنهن به مذهبي، رياستي اداري جي بيان يا منصوبي سان ڪوبه تعلق هوندو آهي يا وري ڪجهه اهڙن اسڪالرز جا نالا سامهون ايندا جيڪي زندگيءَ جي خطري ڪري پرڏيهه ۾ مقيم آهن.

ٻئي پاسي  علم جي اوسر جي بنيادي منصب کي مدرسن جي معاشي ۽ سياسي مفادن پيرن ۾ رنجير وجهي ڇڏيا آهن. رياست انهن مدرسن ۽ انهن جي محرڪ تنظيمن کي راضي رکڻ لاءِ انهن جي مطالبن جي مڃيا لاءِ قانون ۽ آئين جي ضابطن کي رد ڪري ڇڏي ٿي رياستي ادارا پنهنجن سياسي ،مقصدن لاءِ انهن تنظيمن تي هٿ رکن ٿا يا نه، پر اها حقيقت آهي ته اهي مذهبي تنظيمون ڀل هڪ ٻئي جي مخالف هجن پر هڪ ٻئي جي مفادن جو ڀرپور نموني خيال رکن ٿيون، جڏهن انهن تنظيمن مان جيڪي تنظيمون پنهنجي حد کان وڌيڪ اڏامڻ لڳن ٿيون ته وري رياستي ادارا انهن جا ڪجهه پر ڪٽي ٿا ڇڏين.

جيڪڏهن رياست واقعي به مذهبي رواداريءَ ۽ علم سازيءَ جي سلسلي ۾ سنجيده هُجي ته اهو ڪم به مشڪل نه آهي، ان لاءِ رڳو هر مڪتبه فڪر جي معياري عالمن کي ميڊيا، سيمينارز ۽ قومي مباحثن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ همٿائڻ جي ضرورت آهي. اهڙا ڪيترائي عالم آهن جن جي اثر ۾ عوام جو هڪ وڏو حلقو آهي جڏهن ته اهڙن عالمن جي پنهنجي ڪا سياسي ايجنڊه به نه آهي ، هو معاشري  ۾ عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا، انهن کي ڳولي انهن جي فهرست جوڙڻ جي ضرورت آهي، رڳو انهن کي موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن کي موقعو ڏيڻ ڪو مشڪل به نه آهي، ڇا انهن کي ٻڌي بند دماغن جون دريون ٿورو به نه کلنديون؟. يقينن جن مذهبي عالمن جو مذهب روٽي روزيءَ جو ذريعو آهي، انهن کي تڪليف ٿيندي پر جيڪڏهن حڪومت انهن جي موقع پرستيءَ واري عادت مان نجات حاصل ڪري اهڙن عالمن کي جيڪي مذهب کي ان جي روح موجب عوام تائين پهچائين ٿا موقعا ڏيئي انهن کي ۽ انهن جو آواز عوام تائين پهچائي  ته اها ميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ ڪجهه عرصي ۾  صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.

اقتدارڌڻي تنگ نظري ۽ شدت پسنديءَ جي مرض کي سمجهڻ کان سواءِ ان جي نجات لاءِ بيان مٿان بيان ڏيندا رهن ٿا، پر سرڪار جا اهڙا بيان ذهن سازي ڪري نه ٿا سگهن، جيڪڏهن ائين ئي هُجي ها ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ پيغام پاڪستان اسڪيم تحت جيڪي فتوى جاري ڪيا ويا هيا، انهن سان ضرور ڪا نه ڪا تبديلي اچي چڪي هُجي ها. بيانيو يا سوچ آرڊر تي تيار ٿيندڙ مال نه آهي، اهو عمل مرحلي وار، صبر آزما، مناسبت ۽ معقوليت سان ڀرڀور علم ۽ ساڃاهه جي ڦهلاءَ سان آهستي آهستي بند ذهن کوليندو آهي، ان فضا جي لاءِ اهڙي قسم جي اعلى علمي دماغن جي ضرورت پڻ پوندي آهي، رياست جو ڪم رڳو انهن کي موقعو ڏيڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.

هاڻي بال رياست جي ڪورٽ ۾ آهي، سوال هي آهي ته ڇا رياست واقعي معاشري ۾ ذهن سازيءَ جو ڪم، ذهن مٽائڻ جو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، يا وري رياست ڪٽر مذهبي ڌرين ۽ رياست جي ڳٺ جوڙ سان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ گهري ٿي تنهنڪري اهڙي ڳٺ جوڙ کي قائم رکڻ گهري ٿي؟،اهو هڪ سوال آهي، پر اها حقيقت آهي ته  ٻن ٻيڙين ۾ پير رکڻ ڪنهن جي لاءِ به ممڪن نه آهي، پوءِ ڀلي کڻي ملاح ڪيترو به تجربي ڪار ۽ ماهر هُجي.

 (”هم سڀ“ ويب جي ٿورن سان)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *