ابراھيم ڪنڀر

مري تي آفت، ڇا حڪومت ذميواري جو مظاھرو ڪيو؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

ڪوھ مري ۾ پيش آيل المناڪ حادثن، واقعن، ھڪ ئي گھر جي ست ڀاتين سميت رپورٽ ٿيل 22 ماڻھن جي فوتگي کانپوءِ حڪومت اک کلي، حادثن کان پوءِ ٽئين ڏينھن تي وزيراعلي پنجاب ڪوھ مري جو دورو ڪيو، اھو فضائي دورو ھو، وزيراعلي متاثر خاندانن مان اڃان تائين ڪنھن سان نہ مليو آھي، متاثر خاندانن جي لاءِ اٽي ۾ لوڻ جيتري امداد جو اعلان ڪيو ويو آھي، پر انھن سمورن واقعن سان حڪومت جي سياحت واري پروگرام، پاليسي ۽ گھمنڊ ۾ا نھي پنج فٽ برف ۾ دٻجي نپوڙجي دم ٽوڙي ڇڏي آھي.ھن حڪومت جون سموريون پاليسيون رڳو اعلان جي حد تائين ھونديون آھن ڇاڪاڻ جو ڪنھن بہ پاليسي جوڙڻ جي لاءِ جن اھم جزن کي اڳيان رکيو ويندو آھي انھي ۾ سڀ کان مک عوام جي موقف،معاشي شرط، سائنسي ٽيڪنڪس يا اصول، مروج، جديد يا مستقبل جي لاءِ امڪاني طور استعمال ٿيندڙ طور طريقا، ڪاروبار،لابنگ، تيز رفتاري سان ايندڙ ٽيڪنالاجي جي گنجائش، امڪاني قسم جي سرگرمين،وغيرہ، ٻين پاليسين کي تہ ڇڏيو پر جنھن سياحت مان حڪومت کي اربين رپيا ملڻا ھئا انھي پاليسي کي ھٿي ڏيڻ جي لاءِ رڳو زباني ڪلامي بيان بازي، پريس ڪانفرنسز ۽ اعلانن کان سواءِ جيڪڏھن ڪجھ ٿيو ھجي ھا تہ شايد ڪوھ مري ۾ ھي انساني الميو جنم نہ وٺي ھا، تحريڪ انصاف حڪومت جي سمورين پاليسين کي سياحت وارجي ڪاميابي پاليسي جي اک سان ڏسي پوءِ اندازو لڳائجي تہ آخر عوام کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ملي رھي آھي.
جنھن ڏينھن ڪوھ مري ۾ اھي المناڪ واقعا پيش آيا آھن انھن ڏينھن ۾ اسان بہ نٿياگلي جو پروگرام ترتيب ڏيو ويٺا ھئاسين جنھن جي لاءِ نٿياگلي جي ڀرسان خانسپور ۾ ھڪ گيسٽ ھائوس ۾ بڪنگ بہ ڪرائي پر سنڌ مان ڪجھ دوستن جي اسلام آباد آمد جي ڪري اھو پروگرام ملتوي ڪرڻو پئجي ويو، ڪوھ مري جي حادثن جو سوچي لنڪ ڪانڊارجي وڃن ٿا،. وفاقي گادي جي شھر کان ھڪ ڪلاڪ جي سفر تي ڪوھ مري آھي، ميان نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڪوھ مري کي شاندار قسم جو موٽر وي ڏنل آھي جبلن کي ڪٽي ھموار قسم جو رستو تيار ڪيو ويو آھي جنھن نہ رڳو مري جو پنڌ کٽائي ڇڏيو آھي پر انھي رستي تي ڪٿي بہ لڳي نٿو تہ ماڻھو وڏين چڙھائين يا جبلن مٿان چڙھي ڪوھ مري ڏانھن وڃي رھيو آھي،انھي کان اڳ مري جي پراڻو سنگل رستو استعمال ٿيندو ھو جيڪو اڄ بہ استعمال ٿئي ٿو، اسان جو ھڪ ننڍڙو لارنس ڪاليج ۾ پڙھي ٿو انھي کي ڏسڻ، وٺڻ ڇڏڻ جي لاءِ انھي پراڻي رستي تان وڃڻ ٿيندو آھي، موٽر وي جي نسبت ھي خطرناڪ رستو آھي، انھي کي خطرناڪ وري مقامي ڊرائيورن بہ ڪيوو آھيھي جيڪي اڪثر واقعا ٿيا آھن اھي سڀ انھي رستي يا انھي کان اڳيان ڪوھالا يا نٿيا گلي ڏانھن ويندڙ رستن تي پيش آيا آھن، ھنن رستن تي ھلندڙ وين، ٽئڪسي ، ٽرڪ ۽ ڊمپر ڊرائيور اھڙي لاپرواھي سان گاڏيون ھلائيندا آھن جو اوھان کي سفر دوران ھڪ پل جي لاءِ بہ ذھن، ھٿ، پير، اکيون ھيڏانھن ھوڏانھن ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي، اسٽريس ٽائيپ انھي ڊرائيونگ جي ڪري ماڻھو ٿڪيو ٽٽيو پوي.
مري ۽ انھي جي آس پاس مسافرن، سياحن سان جيڪو حشر ٿيو يا جھڙي ريت انھن پنھنجي زندگي وڃائي آھي انھي قسم جي لاپرواھي جيڪڏھن سنڌ ۾ ٿئي ھا تہ گورنر راڄ نہ بہ لڳي پر حليم عادل شيخ، ارسلان تاج سميت وڏي وزير ۽ اسپيڪر تي حملي جي منصوبابندي ڪندڙ ڪيترائي سليڪٽڊ ميمبر ٿاڻن تي درخواستون کڻي پھچي وڃن ھا پر جئين تہ ھي سمورو معاملو وفاقي حڪومت ،پنجاب ۽ خيبرپختونخاھ حڪومت جي لاپرواھي، بي خيالي جي ڪر پيش آيو انھي انھي جي ڪري حڪومت جي پارٽي يا اتحادين مان ڪنھن بہ انھي حوالي سان ڪو بيان نظر ۾ نہ آيو، انھي جي ڪري سوشل وفاقي حڪومت مٿان اھا طنز تيزي سان ھلي رھي آھي تہ مري واقعي جو ذميوار مراد علي شاھ آھي انھي تي ڪيس داخل ڪيو وڃي. اھو مزاح رڳو انھي جي ڪري آھي جو وفاق پنھنجي ناڪامين کي لڪائڻ جي لاءِ مھانگائي جو ذميوار، کنڊ بحران جو ذميوار، اٽي جي بحران جو ذميوار مراد علي شاھ کي ڏئي چڪي آھي ھاڻ ھي مري واقعو ئي رھيل آھي جنھن ۾ سنڌ جو وڏو وزير بري ٿي رھيو آھي، بھتر آھي تہ ٻي ڪنھن کي ذميوار قرار ڏيڻ بدران اھو الزام بہ مٿس ھنيو وڃي،
زلزلن، ٻوڏن، ڏڪار، بيمارين سميت قدرتي آفتن کي بروقت ٽارڻ جي لاءِ ڪو ميڪنزم نہ ھوندو آھي پر جتي گڊ گورننس ھوندي آھي اتي اوليت يا ترجيح پنھنجي شھرين کي بچائڻ ۾ ھوندي آھي،اھڙين آفتن کانپوءِ ماڻھن کي بچائڻ جي لاءِ ضروري آپريشن ڪرڻ حڪومت جو فرض ھوندو آھي، وفاق توڙي ٻن صوبائي حڪومت مري حادثن کانپوء جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي، انھي سان نہ رڳو سندن پت وائکي ٿي آھي پر حڪمرانن جي بي حسي بہ عيان ٿي پئي آھي، ڪوھ مري جي ماڻھن جي روين، لھجن، انھن جي ھڪ ھٽي، انھن جي انسانيت جو ذڪر تہ سوشل ميڊيا تي سڀني جي نظر مان گذريو ھوندو اھا حقيقت آھي، اھو منھنجو ذاتي تجربو آھي،آفتن، مصيبتن، مشڪلاتن کي ڪاروبار ۾ تبديل ڪرڻ ڪوھ مري جي ڪاروبارين جي فطرت ۾ آھي، جيڪڏھن مال روڊ جي آس پاس اوھان جي گاڏي ھلڪي برف باري جي ڪري اسڪيٽنگ ڪري ٿي، نڪري نٿي سگھي تہ اتي ڪو بہ ماڻھو گاڏي کي ڌڪو ڏئي مدد ڪرڻ نہ ايندو پر اتي زنجيرون کڻي بيٺل ڪاروباري ماڻھو انھي گاڏي کي اتان ڪڍڻ جي لاءِ ٻہ کان ٽي ھزار رپيا وصول ڪندا،ڪوھ مري ۾ گاڏين جي پارڪنگ جو ڪو جوڳو بندوبست ناھي، انھي جي لاءِ مٿاھين علائقن ۾ ڪجھ نجي پارڪنگ ٺھيل آھن، جتي گاڏي چڙھڻ جي لاءِ پھرين گھر ڀاتين کي ھيٺ لاھڻو پوندو انھي کانپوءِ انھي گاڏي جي پارڪنگ في بہ پنج کان اٺ سئو رپيا آھي، ٻيو وري ڪنھن روڊ رستي تي اوھان کي ڪو بہ مقامي ماڻھو بيھارڻ جي صلاح ڏئي اوھان کان ٻہ ٽي سئو رپيا وصول ڪري وٺندو، برفباري کي اھو ڪاروباري طبقو ائين ڪيش ڪرائيندو آھي ڄڻ تہ اھا ڪنھن ٻي سياري تي قائم نجي اسٽيٽ ھجي، يعني انھن مٿان ڪو چيڪ بيلنس ناھي، ھي جيڪي ماڻھو دانھون ڪن پيا تہ مري ۾ ماڻھن مٿان آيل مصيبت دوران ھوٽل جي ڪمرن جي مسواڙ پنجاھ پنجاھ ھزار رپيا ڪري، ماني جو في ويلو پنج ھزار رپيا ڪيو ويو ھو اھو بلڪل درست آھي.
اھو مقامي ماڻھن جو رويو آھي پر ھتي اھو ڏسڻو آھي تہ ھيڏو وڏو الميو پيش اچڻ وقت وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومت جو ڪردار ڪھڙو ھو يا مري اندر گورنر ھائوس،وزيراعلي ھائوس سميت وڏن عسڪري عھديدارن جون ڪنڊيدار تارون ڏنل آفيسون يا گهر انھي مصيبت ۾ ڪھڙي ڪم آيا؟ آفت آئي انھي مان ماڻھن کي ڪڍڻ حڪومت جو فرض بڻجي ٿو، ڪوھ مري پنجاب جي ضلعي راولپنڊي جو تعلقوآھي، ديوار کان پرين پاسي ڏسندڙ وزيراعظم يا سندس مشيرن صلاحڪارن کي اھا خبر نہ پئي تہ برف باري ھلندي مري جو رخ ڪندڙ ماڻھو ھميشا ڦاسندا آھن انھن کي ڪڍڻ جي لاءِ بروقت انتظام ٿيندا رھيا آھن، انھي جي لاءِ ماضي ۾ ريسڪيو سينٽر، ايمرجنسي مرڪز، ھيلپ لائن ويندي ھيوي مشينري استعمال ٿيندي رھي آھي، اسان جي وزيرن ۽ صلاحڪارن ڪوھ مري ويندڙ گاڏيون تہ ڳڻيو پئي انھي مان ايندڙ امڪاني پئسن تي انھن جي نظر ھئي پر انھن ھڪ لمحي جي لاءِ بہ انھي خطري کي محسوس نہ ڪيو جنھن جا وسيع امڪان موجود ھئا، انھي کي عوام دشمن غير سنجيدہ قسم جو رويو سڏيو ويندو آھي.جئين تہ سياحت کي ھٿي ڏيڻ واري پاليسي تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو ھئي انھي جي ڪري لازمي ڳالھ آھي تہ حڪومت وٽ انھي جا مول متا بہ ھوندا، پاليسي رڳو اھا ناھي تہ ماڻھن جون گاڏيون ٽول پلازا وٽان لنگھائي انھن جي ڳڻپ ڪري انھي مان ملندڙ پئسن تي خوش ٿي ويھي رھبو، انھي سياحتي پوائٽنس تي ڪنھن امڪاني حادثن کان بچڻ يا ماڻھن کي بچائڻ جي لاءِ ڇا ڪبو؟ ڇا انھن ماڻھن کي ئي ذميوار قرار ڏنو ويندو ۽ ائين چيو ويندو تہ ماڻھو موسم جي خبرچار وٺڻ بنا مري نڪري ويا يا وري اھو چيو ويندو تہ مقامي انتظاميا وٽ ايتري صلاحيت ناھي، اھو حڪومتي ناڪامي، مجرماڻي غفلت جو شاندار اعتراف آھي. حڪومت جي چيف ايگزيڪيوٽو يعني وزيراعظم کان ويندي وزيرن مشيرن ھن سموري صورتحال ۾ انھن مسڪين سياحن کي ڏوھاري بڻائي سندن خاندانن جي زخمن تي لوڻ ئي نہ ٻرڪيو پر غير سنجيدھ قسم جا بيان ڏئي ھٿ ڇنڊي ويھي رھيا.
بي حسي جي انتھا انھي کان وڌيڪ ڪھڙي ٿيندي جو ماڻھن جي برف ۾ ڦاسڻ،ڦٿڪڻ ۽ مرڻ کانپوءِ بہ مقامي انتظاميا، وفاقي توڙي ٻن صوبائي حڪومتن جا حاڪم اعلي ھٿ مٿان ھٿ رکي ويٺا رھيا، ماڻھو 24 ڪلاڪن کان ٻاڪاريندا، پڪاريندا رھيا، پنھنجي پنھنجي سطح تي ھنن آواز بلند ڪيو پر المناڪ حادثن کانپوءِ بہ سندن دانھن ڪنھن نہ ورنائي، گهرو وزير شيخ رشيد ھن صورتحال ۾ ڪنھن رليف جي ڪم جي لاءِ ڪوھ مري پھچندڙ شخص نہ ھو، ھو فوٽو سيشن جي لاءِ اتي پھتو ماڻھن جي موت جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ھو فوري واپس ھليو آيو، پنجاب جو وڏو وزير، وزيراعظم، وفاقي وزير، ڪي پي ڪي جو وزيراعلي، صوبائي وزير متحرڪ نہ ٿيا، ڪوھ مري جي آس پاس 36 کان 48 ڪلاڪن تائين ماڻھو ڦاٿل رھيا انھي صورتحال ۾ نہ ڪا ھيلپ لائين، نہ ڪا مانيٽرنگ ٽيم متحرڪ ٿي ، نہ ڪو ريسڪيو آپريشن شروع ٿيو نہ وري مقامي انتظاميا سڌي رپورٽ مٿي پھچائي.ڪوھ مري ۾ سويلين عمارتن يا آفيسن کان وڌيڪ دفاع واري وزارت جي ماتحت ادارن جون عمارتون آھن پر انھن مان بہ ڪنھن دانھن کي نہ ورنايو
پنجاب حڪومت کي جيڪا ابتدائي رپورٽ ملي آھي انھي ۾ اھو ئي چيو ويو آھي تہ ٻن سالن کان ڪوھ مري ۽ آس پاس جي روڊن جي ڪا مرمت نہ ٿي آھي انھي جي ڪري برفباري جي ڪري پھرين انھن رستن جي کڏن جي ڪري رڪاوٽ پيدا ٿي، ماڻھو پنھنجون ڪارون ڇڏي آيا، انھي ڏينھن ڪوھ مري ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ھجڻ جي ڪري بجلي وارا ھيٽر نہ ھجڻ جي ڪري ماڻھو ھوٽلون ڇڏي گاڏيڻ ويھي رھيا، ھلو اھو سڀ ڪجھ ٿي ويو انھي کانپوءِ ڇا ٿيو؟جڏھن صورتحال خراب ٿي تہ انھي بابت ڪنھن جي ڪن تي ڪا جاءِ نہ سري، آفتن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل ڊزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي جي چئرمين کان وٺي سمورو عملو آخر تائين ستل رھيو، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي حوالي سان اھي خبرون ھلي رھيون ھيون تہ ھو پارٽي کي مضبوط ڪرڻ، پنجاب ۾ مڪاني چونڊن تي ڌاڙو ھڻڻ جي منصوبابندي واري اجلاس ۾ مصروف ھو،صورتحال کان ٻئي حڪومتون يا مقامي انتظاميا بي خبر رھي پر ٻي ڏينھن تائين گورنر ھائوس، وزيراعلي ھائوس، سميت وڏن وڏن ديوارن وارن ھائوسز جا دروازا بند ڇو رھيا، اھي ڪھڙا ھٿ ھئا جيڪي انھن سوين ھوٽل مالڪن جي ڳلي تائين نہ پھتا جيڪي ٻچا وات ۾ وجھي پناھ ڳوليندڙ ماڻھن کي ھڪ رات جي مسواڙ پنجاھ پنجاھ ھزار رپيا ٻڌائي رھيا ھئا؟ ماڻھن جي لاءِ ھوٽلن جا دروازا بند ڪيا ويا، ضرورت جي پورائي جي لاءِ بہ ماڻھن کي نہ ڇڏيو ويو، اوھان کي ياد ھوندو سال ڍيڍ اڳ ڪوھ مري جي حوالي سان ھڪ بائڪاٽ مھم ھلي ھئي اھا مھم اصل ۾ مقامي واپارين ۽ ماڻھن جي روئي جي خلاف ھئي،ھاڻ بہ انھي قسم جي مھم شروع ٿي چڪي آھي،22 ماڻھن جي جانين جي قيمت تي ڪوھ مري کي ضلعي جو درجو ملي چڪو آھي،روڊ شو يا فوٽو مھم جي لاءِ بيلچن سميت ڪجھ تصويرون سامھون آيون، پنجاب جي وڏي وزير جي اجلاس جون خبرون ھليو، فضائي جائزي جا فوٽو بہ ھليا پر عملي طور برف ھٽائڻ جي لاءِ وڏي مشنري آخر تائين نہ ڏٺي وئي،اھو ممڪن ئي نہ آھي تہ چار چار فٽن تائين پيل برف کي بيلچن سان ھٽائي سگھجي، وفاقي سطح تي ڊزاسٽر مينجنمٽ اٿارٽي جڙيل آھي جنھن ڪورونا جي مريضن کي ڪورنٽائين ڪرڻ جي لاءِ ھڪ ھڪ مريض تي لکين رپيا خرچ ڪيا، ھتي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون صوبائي ڊزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽيز بہ آھن، اھي سڀ جون سڀ ۽ انھن جا سڀ عملدار شايد انھي برف جي تھن ۾ ڄمي کپي ويا انھي جي ڪري مرندڙ ماڻھن توڙي سندس ٻچن جي دانھن کي ڪنھن نہ ورنايو،سياحت کي ھٿي ڏيڻ بھتر ڳالھ آھي پر سياحن کي ھٿ مان جھلي مصيبت مان ڪڍڻ بہ حڪومت جو فرض آھي، ھيستائين انھي حوالي سان حڪومت پنھنجي لاپرواھي، ناڪامي کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، تسليم ڪرڻ سان فرق نٿو پوي پر ھن انساني المئي جي ذميواري ماان آجي نٿي ٿي سگھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *