Imtiaz Alam

مذهبي ڪارڊ ۽ اسلامي يا قومي رياست جو مونجهارو

امتياز عالم ليکڪ

امتياز عالم

خندقن کوٽڻ سان ڀلا جان نثارن جا قافلا رڪجندا آهن ؟ لبيڪ يارسول الله تي ته ڪو ڪافر ئي هوندو جيڪو لبيڪ نه چوندو . اها  جدا ڳالهه آهي ته ايئن نه چوڻ وارن مسلڪن جي مڃيندڙن کي ڇا چيو ويندو ؟ ۽ ڪفر قرار ڏيڻ جو اهو سلسلو ڪٿي رڪجڻ وارو نه آهي  ۽ پاڪستان ۾ ڪا ديني جماعت يا مسلڪ جا مڃيندڙ انڊونيشيا جي سڀني کان وڏي اسلام جماعت ندوت العلما جي ٻن هزار کان وڌيڪ جيد علما جي ان فتويٰ   جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن  جنهن جي مطابق ڪفر جي فتويٰ کي مسلمانن تي لاڳو کان منع ڪئي وئي آهي. ۽ انساني حقن جي عالمي اعلان نامي جي توثيق ڪئي وئي آهي.

مذهب جي نالي تي رياست جي جوڙجڪ ۽ ”قومي تعمير“  سان امڪاني قومي رياست جي قبر ته اڳي کوٽي وئي آهي، مذهبي ڪارڊ پڻ ڪهڙا ڪهڙا گل ٽڙايا آهن ؟ ننڍو کنڊ ورهايو ويو، سماج ورڇجي ويو ۽ هر طرف فرقيوارڻي ورهاست آهي جا وڌندي وئي. شڪ ٿو ٿئي ته فرقيواراڻي ۽ نسلياتي جنگين جو زمانو انڪليوزن (Inquisition) (1478-1834وري نه رڳو مسلم دنيا ۾ ننڍي کنڊ ۾ موٽي آيو آهي. جيڪڏهن گانڌي تحريڪ خلافت جو جهنڊو هٿ ۾ کنيو هو ته مسٽر جناح ٻه قومي مذهبي نظريي جو  جي بنياد تي پاڪستان جو قيام ممڪن بڻايو.فساد ته اقليتن جي حقن جي حوالي سان شروع ٿيو هو، پر ننڍي کنڊ جي ٽن ملڪن ۾ ورهائجڻ باوجود اقليتون آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان غير محفوظ بڻجنديون پيو وڃن.جيڪڏهن پاڪستان قرار داد مقصد سان 1973 جي آئين تائين اسلامي رياست بڻجڻ جي رستي ۾ ٺوڪرون پيو کائي ته سيڪيولر ريپبلڪن سوشلسٽ انڊيا هندو راشٽر ا بڻجڻ جي فرقيوار ڻي فساد جي راهه تي هلي پيو آهي.هڪ لحاظ سان بنگلاديش سيڪيولر آئين جي طرف قدم وڌائي رهيو آهي، ۽ مذهبي ساست تي بندش لڳائي ڇڏي آهي .اسلامي احيا پسند ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ زيادتين جي ردعمل ۾ هندو اقليت کي نشانو بڻائي رهيا آهن .جنهن جي ردعمل ۾ ترپوره کان وٺي گڙ هائون تائين هندپ انتها پسند مسلمانن تي حملا پيا ڪن. اهڙي صورت ۾ جي ڪشمير جي وادي جا مسلمان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي فتح ۽ هندستاني ٽيم جي شڪست تي جشن ملهائيندا ته ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي.. جن ديوبند جي علمائن۽ مجلس احرار اسلام پاڪستان جي مخالفت ڪئي هئي.انهن جي هٿ ۾ ته 1934 کان ئي قاديانين جي مقام تي ختم نبوت جو معاملو اچي ويو هو ۽ پاڪستان جي قيام سان ان کي جيڪا هار  کائڻي پئي ان مان نجات ان ۾ ئي هئي ته ان ٻرندڙ موضوع تي سياست ڪئي وڃي. پهرين اينٽي قادياني فسادن کي روڪڻ جي لاءِ 1953 ۾ مارشل لا لڳائڻي پئي،گهڻو ڪري جنرل اعظم پهريون ۽ آخري جرنيل هو جنهن مذهبي فسادن کي روڪڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي.پهرين ايئن ساز اسيمبلي نمائندگي ،وفاقيت ۽ شريعت تي ورهايل رهجي وئي ۽ ايوب خان جيڪڏهن قومي رياست کي ان جو سيڪيولر نالو ڏنو به ته 1965 جي جنگ ۽ ان کان پوءِ وري هندوستان دشمني ۾ مذهب جو سهارو ورتو ويو.1971 جي جنگ ۾ شڪست کانپوءِ باقي بچيل سچيل پاڪستان کيي 1973 جو آئين مليو به ته اهو اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي. هاڻي اسلام ۽ جمهوريت جي ٻن ٽڪرائيندڙ عنصرن ۾ جنگ آئيني حدن ۾ ئي ناهي پر آئيني حدن کان گهڻو اڳيان پکڙجي  وئي آهي. جيڪڏهن هندوستان ۾ سيڪيولر قوتون سخت لاڙو رکندڙن جي مقابلي ۾ نرم لاڙو رکندڙن ڏانهن واپسي تي مجبور ٿي ويون آهن ته پاڪستان  جون روايتي پارلياماني پارٽيون پڻ نيم اسلامي ۽ نيم جمهوري بيساکين تي بنياد پرستي ۽ مذهبي شدت پسندي جي خلاف ڪيستائين بيهي سگهن ٿيون، جيتوڻيڪ جناح هڪ سيڪيولر آئيني جمهوريت پسند هو، پر جنهن مذهبي گهوڙي تي هو سوار هو،انهن جون واڳون مسلم ليگي نوابن ۽وڏيرن جي هٿن ۾ ڪيستائين رهڻيون هيون.. اهو سيڪيولر ۽ سوشلست ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو جنهن ختم نبوت مسئلي جو آخري حل ٻي آئيني ترميم جي صورت ۾ ڪڍيو هو.پر ختم نبوت جي موضوع تي هلندڙ سياست اڃان به زورن تي آهي.

گذريل ڏينهن چينوٽ ۾ سالياني ختم نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي علمائن مطالبو ڪيو آهي ته ”ختم نبوت جا منڪر پنهنجي آئيني حيثيت (غيرمسلم) تسليم ڪن“ ان روايت جي علمائن کي وري جنرل ضياالحق توهين ۽قانون شهادت ۾ تبديلين جي ذريعي استعمال ڪيو . توهين مذهب جون شقون ته اوڻيهن صدي کان قانون جي ڪتابن ۾ موجود رهيون پر ضياءُالحق جي ترميم کانپوءِ توهين جي يقين نه ڪرڻ جهڙن واقعن ۽ مقدمن ۾ گهڻو اضافو ڏسڻ ۾ آيو،انهن معاملن تي جيتوڻيڪ بريلوي علمائن جو موقف پڻ اهڙو ئي رهيو جهڙو ديوبندي علمائن حضرات جو هو، پر ختم نبوت جي موضوع تي ميدان ديوبندي علمائن جي هٿن ۾ رهيو ۽ افغان جهاد انهن کي هڪ طاقتور قوت بڻايو.ان کانپوءِ شيعا مسلڪ جي مسلمانن جو وارو آيو ۽ ڪفر جي ڪيل ورڇ جو سلسلو سمورن مسلڪن تائين پکڙندو رهيو. جميعت علماءِ اسلام کي ٽوڙي سپهه صحابه ،لشڪر جهنگوي ۽ جيش محمدي جهڙيون تنظيمون گڏايون ويون، ۽ شيعا حضرات فقه جعفريه کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ٿي ويا.ديوبندي هجن يا اهلِ حديث يا وري وهابي يا سلفي سڀئي آمريڪا جي اشاري تي جهاد  ڏانهن جهڪيا. ڳالهه طالبان کان اڳيان وڌندي القائده ۽داعش تائين وڃي پهتي جنهن جي خلافت جو خوني منظر اسان شام ۽ عراق سان لڳندڙ علائقن ۾ ڏسي چڪا آهيون..عالمي سامراجي قوتن جي نازل ڪيل جنگن به عام مسلمانن کي ان جي چنبي ۾ ڦاسڻ تي مجبور ڪيو.ان صورت ۾ اسان جي ڪيترن ئي وچ ٿرن روايت پسندن،صوفي منش اهلِسنت وارن وٽ جي ڪو دل کي جهوٻو ڏيندڙ نعرو هو ته اهو شان رسالت جنهن جي حامين جي ننڍي کنڊ ۾وڏي اڪثريت آهي.

جڏهن اولهه ۾ اظهار جي آزاديءِ جي آڙ ۾ حضور جي شان ۾ گستاخين جا چڙ ڏياريندڙ واقعا وڌي ويا ته ان جو ردعمل ته سمورن مسلمان ملڪن ۾ ٿيڻو هو. حضور جن جي جي طور طريقي جي پاڪائي ۽ عظمت  ڪٿي ۽ شانِ رسالت جي دلنشين نعت خواني ڪندڙن جا طور طريقا ڪٿي ؟ حضرت خادم حسين رضوي مرحوم جي زبان تي ته گهڻو اعتراض ڪيو ويندو آهي پر اسان جي ٻهراڙيءَ جي علمائن جي عام زبان ئي ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي.پر اها صوفين جي زبان ته ناهي جيڪي ماڻهن جي زبان ۾ انساني ڀائيچار ي جو سبق ڏيندا هئا. هاڻي اسان جو مفتي منيب هجي يا پرفيسر طاهر القادري انهن جو محاسبي ۽ فقهي وارو خطبو ڪو سمجهي ته ڪيئن سمجهي. ڳالهه خادم حسين رضوي جي هلي وئي ۽ ان کي اهڙي مقبوليت ملي جو اهو رات پيٽ ۾ پنجاب جي ٽين وڏي طاقت بڻجي ويو. جڏهن مرحوم خادم حسين رضوي نواز شريف جي حڪومت  وقت فيض آباد ۾ ڌرڻو ڏيڻ آيو هو ته اسان ڏٺو هو ته رياستي ادارا ان جي سامهون ڪيئن  گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا ۽تحريڪ انصاف وارن خوب داد ڏنو هو. هاڻي جڏهن سعد رضوي اهو ئي ٻيڙو کنيو آهي ته  حڪومت ۽ادارن جا هٿ پيرجواب ڏئي ويا آهن.

هن ملڪ ۾ هاڻي هڪ درجن کن اهڙيون مذهبي ۽ فرقيوار جماعتون آهن جيڪي اسلام آباد جڏهن چاهين يرغمال بڻائي سگهن ٿيون.

ڀٽي ۽نواز شريف جيان عمران خان به اهلِسنت جي پچ تي مذهبي ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي.پر اها کيس ڳچي ۾ پوندي نظر اچي رهي آهي.معاملو فقط حڪومتن ۽غيرمذهبي سياسي جماعتن جي موقعي پرستين جو نه آهي.رياست جي تعمير ۽ رخ ئي اسلامي رياست طرف آهي.قومي رياست ڏانهن ناهي. قومي رياست جو تصور ٽيهه سال تائين يورپ ۾ فرقيواڻي ۽نسلي جنگين کان عاجز اچي 1648 ۾ ويسٽ فيليا جي امن  (Peace of Westpheliaجي معاهدي کانپوءِ وجود ۾ آيو ، جيڪو هڪ جاگرافيائي،قومي يا دنياوي رياست  (Terrestrialجي اعليٰ اقتدار جي ڳالهه ڪري ٿو.مذهبي رياست ۽ غير علائقائي امت جي روحاني تصور (Celestialجي ڳالهه ناهي. هاڻي ويچارا سادا مسلمان ڪن ته ڇا ڪن جن کي دين پيارو اهي دنياداري پياري ناهي. حڪيم الامت علامه اقبال ئي چيو هو ته. جدا هو دين سياست سي تو رهه جاتي هئي چنگيزي ؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *