محمد حنيف
گذريل ڪجهه هفتن کان لنڊن جي عدالت ۾ پاڪستاني قسم جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ هو. پاڪستاني ڄائي برطانوي شهري گوهر خان تي وقاص گورايا کي قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام هو، جنهن کي پاڪستان ۾ سرڪاري ادارن پاران اغوا ڪيو ويو هو.
گوهر خان لڳ ڀڳ سڀ قبولي ورتو هو، هن گورايا کي مارڻ جي سوٿي ورتي هئي. هو ٻه ڀيرا سندس گهر به ويو ۽ هڪ فوٽ ڊگهو چاقو به خريد ڪيائين. گوهر خان جي فون تي سوين ميسيجز هئا، جن ۾ هو انهن ماڻهن سان اگهه پار طئه ڪري رهيو هو، جيڪي گورايا کي مارڻ جي خواهش ڪري رهيا هئا.
ننڍي مڇي کي مارڻو آهي، ڪنهن کان ڪيتري ڪميشن وٺڻي آهي، جيڪڏهن ننڍي مڇي وارو ڪم ٿي ويو ته يورپ ۾ ماهيگيري جي شڪار جو ۽ ٺيڪيداري جو واعدو هو.
گوهر خان عدالت ۾ ڪنهن به ثبوت کي رد نه ڪيو. هن پنهنجي بچاءَ ۾ چيو ته اسان جي عملن جو فيصلو نيت جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، مون هن کي مارڻ لاءِ پئسا ورتا، مارڻ جو واعدو ڪيو، گورايا جي گهر به ويس، چاقو پڻ خريد ڪيو پر منهنجي نيت هن کي مارڻ جي نه هئي، مان ته رڳو ڪم مڊز ۽ باس نالي ماڻهون سان هلڪو ڦلڪو فراڊ ڪري رهيو هوس.
عدالت ۾ گوهر خان جو واحد دفاع اهو ئي هو ته ظالمو، مان قاتل نه پر فراڊڪندڙ آهيان. جيوري سندس نيڪ نيتيءَ واري دفاع جي ڳالهه کي نه مڃيو، هن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو ، سز ا اڃان ملڻي آهي،
پاڪستاني حڪومت ۽ ادارا ان ڪيس تي مڪمل خاموشي اختيار ڪري رکي، جيڪڏهن هڪ پاڪستاني ٻئي پاڪستاني کي ٽئين پاڪستاني ڄائي برطانوي کي قتل ڪرڻ جي لاءِ پئسا ڏئي رهيو آهي ته حڪومت جو ڇا اچي وڃي؟
پر مان ڪو قاتل ناهيان فراڊي آهيان، پاڪستان ۾ فريب ۽ فراڊ هڪ سوچ جو نالو آهي، جيڪا سيٺن، سياستدانن، ججن، جاسوسن ۽ سڀني ۾ موجود آهي.پاڪستان ۾ پراپرٽي وارا سيٺ چون ٿا ته ڇا اسين اوهان کي لينڊ مافيا يا قبضو ڪندڙ گروپ لڳون ٿا. اسان تي مديني جي رياست ۾ نيون وسنديون پيا آباد ڪريون.
گوجرانوالا ۾ بيچ هائوس تعمير ڪري رهيا آهيون،
پاڪستان جي عسڪري تجزيه نگار چون ٿا ته اسان اوهان جي نظرياتي سرحدن جا محافظ آهيون.
اسان اوهان کي اهڙا لڳون پيا جو اسامه بن لادن کي ڪٿي اڳيان پٺيان لڪايون، . ٿوري ٿي هوندي،پر اسان جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي.
پرويز مشرف به لڳ ڀڳ اهو ئي چيو آهي ته مون آئين جي آرٽيڪل ڇهين جي ڀڃڪڙي ٿورئي ڪئي آهي، مان پاڻ بيمار شيمار رهان ٿو منهنجي داڪٽر کان پڇي ڏسو.
نواز شريف به اهو ئي چوندو، منهنجي ڊاڪٽرن کان پڇو، توهان مون کان ڇو پڇي رهيا آهيو.
رائو انوار اهو به چيو ته مان فرض شناس پوليس آفيسر ۽ بهادر ٻار آهيان.اهي چار سئو الائي ڪنهن جي ڪري ماريا ويا.
عمران خان صبح ۽ شام چوندو آهي ته مان وزيراعظم ناهيان، رڳو رڙيون ڪرائڻ جو شوق آهي.
هاڻي ته اسان جو الطاف ڀائي به لنڊن جي هڪ عدالت ۾ پيش ٿيو آهي،
هن تي نفرت پکيڙڻ واري تقرير ڪرڻ جو الزام آهي. ڪراچي کان ٻاهر رهندڙن کي شايد خبر نه هجي پر الطاف ڀائي لاءِ ڪراچي ۾ سڀ کان مشهور نعرو اهو هو ته اسان کي منزل جي نه پر ڳواڻ جي ضرورت آهي.
الطاف ڀائي پنهنجي بچاءُ ۾ پنهنجو پهريون ڪتاب جج صاحب آڏو پيش ڪري سگهي ٿو جنهن جو نالو ئي” فلسفه محبت “ آهي.
محبت جي فلسفي بابت ڪتاب جي ليکڪ تي نفرت پکيڙڻ جو الزام ڪيئن ٿو لڳائي سگهجي .
جيڪڏهن جج راضي نه ٿو ٿئي ۽ بچاءُ ۾ هڪڙي چمي هڪڙي ڳل تي ۽ ٻي ٻئي ڳل تي ڏيڻ جي اجازت نه ڏئي ته پوءِ الطاف ڀائي پنهنجي دفاع ۾ چئي سگهي ٿو، جج صاحب مان ليڊر ته آهيان ئي نه مان ته منزل آهيان پيار جي منزل.