عبدالرزاق کٽي

مائينس ون جي راند ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟؟

اوهانجو موقف عبدالرزاق کٽي ليکڪ

عبدالرزاق کٽي

پاڪستان جي سياسي منظر نامي ۾ اڄ ڪلهه وري ” مائينس ون“ جو شور برپا آهي، ۽ عام تاثر اهو ئي آهي ته عمران خان جي حڪومت هاڻي چند ڏينهن جي مهمان آهي، هيءَ حڪومت ڪهڙي پاسي ڊرڪندي ان بابت ڪنهن کي به ڪوبه ٺوس دليل نه آهي، سواءِ هڪ دليل جي ته وزير اعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آندي وڃي.
جيڪڏهن عدم اعتماد جي تحريڪ آندي به وڃي ته ان جي ڪاميابيءَ جي امڪان ڪيترا هوندا؟، ان باري ۾ دليل ڏيندڙ وٽ اعتماد سان چوڻ لاءِ ڪابه ڳالهه نه آهي. عدم اعتماد جي تحريڪ هڪ آئيني رستو آهي، جڏهن ته ٻيو رستو اهو آهي ته وزيراعظم جيڪڏهن پاڻ سهو سمجهي ٿو ته هاڻي سندس لاءِ صورتحال نامناسب بڻجندي پئي وڃي ته هو اهڙي صورت ۾ صدرکي صلاح ڏئي اسيمبليون ٽوڙڻ جو مشورو ڏئي سگهي ٿو، جنهن بعد عام چونڊون عمل ۾ اينديون.
مائين ون جي ٻي صورت اها آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن عدالتي حڪم تحت نااهل قرار ڏنو وڃي ۽ بعد ۾ هو پنهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري، پر في الحال ائين به ٿيندو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. مهانگائي جو ستايل عوام ۽ مخالف ڌر جون ٽئي وڏيون پارٽيون اهو ئي ٿيون سمجهن ته جيڪڏهن عمران خان هليو ويو ته تمام گهڻا معاملا ٺيڪ ٿي ويندا، ملڪ جي تن وڏين پارٽين ميڊيا م اهڙو ئي تاثر پئي ڏنو آهي. پهريان مسلم ليگ (ن) پاران عام چونڊن جو مطالبو ڪيو ويو ۽ بعد ۾ اهو چيو ويو ته سموريون ڌريون گڏجي ويهن ۽ ملڪ کي بحران مان باهر ڪڍن جنهن جو مقصد اهو ٿيندو ته سموريون ڌريون گڏجي ڪري اهڙي حڪومت جوڙين جنهن ۾ سموريون ڌريون شامل هجن. پر هو ان ڳالهه جو کلئي عام اظهار نه پئي ڪري سگهيا. پر موجوده حالتن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جو اهو خيال نه آهي ته گهٽ ۾ گهٽ عمران خان سياسي منظر تان هٽي وڃي ۽ ٻئي ڪنهن ميمبر کي ايوان جو قائد نامزد ڪيو وڃي. ڇا؟، واقعي ئي اهڙو ڪجهه به ٿيڻ وارو آهي جنهن بابت شور متل آهي؟،
اسلام آباد جا اقتداري حلقا اهڙي ڪنهن به ڳالهه جي نفي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته اهڙي نفي ڪوڙ تي مبني آهي، ان بعد رڳو ٽين ڌر بچي ٿي اها آهي اسٽبلشمينٽ، جنهن جي اثر هيٺ سياست هلي رهي آهي، اسٽبلشمينٽ جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته، ” اسان ته کير ۾ سرڪو وجهي ڇڏيو آهي، هاڻي سوچيون پيا ته ڇا ڪيون؟.
پاڪستان جي سياست جي اها ريت آهي ته ڪنهن به حڪومت جي اچڻ بعد سال ٻن اندر ان جي خلاف بي يقينيءَ جي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي، پر جي ان بي يقينيءَ واري صورتحال ۾ وري اسٽبلشمينٽ پاران به ٻن ٽن الزامن جو اضافو ڪيو وڃي ته صورتحال ويتر بي يقينيءَ واري ٿي ويندي آهي، پر هن دفعي حڪومت خلاف بي يقينيءَ جو تڙڪو اسٽبلشمينٽ پاران نه لڳايو ويو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو آهي ٻه چونڊيل حڪومتن پنهنجا مدا پورا ڪيا ۽ ٽين حڪومت هلي رهي آهي، جنهن ۾ پڻ مائنس ون جا آواز بلند ٿي ويا آهن، جڏهن ته مائينس ون جا الزام اڳئين حڪومتن ۾ پڻ اڀريا هيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *