Mohammed Hanif

لبيڪ لبيڪ ۽ وري لبيڪ

ليکڪ محمد حنيف

محمدحنيف

هڪ بزرگ اديب، هڪ ڀيري سمجهايو هو ته حق ۽ ڪوڙ جي جنگ کي الميو يا ٽريجڊي نٿو چئي سگهجي. اصل ٽريجڊي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ٻنهي طرف جنگ وڙهندڙ حق تي هجن.تحريڪ لبيڪ جي اسلام آباد تي ڪاهه روڪڻ جي لاءِ جيڪي پوليس اهلڪار ۽ هاڻي رينجرز گهرن کان نڪتا آهن.

اهي به يا رسول الله جو ورد ڪندي نڪتا آهن ۽ تحريڪ لبيڪ جا جيڪي ڪارڪن سموريون رڪاوٽون پار ڪري اسلام آباد پهچڻ لاءِ پرعزم آهن، انهن جون دليون به رسول جي حب سان سرشار آهن.

ماضيءَ جون ڳالهيون ياد ڪرائڻ جو ڪو فائدو ناهي. پر ڪالهه جيڪي انهن کي باهه ڏيڻ ۽ ساڙڻ جو سبق ڏين پيا سي به رسول جا عاشق هئا ۽ جيڪي انهن کي لفافا ڏئي گهر موڪلي رهيا هئا انهن جي دلين ۾ به عشق رسول هو.جن انهن کي ڪالعدم قرار ڏنو انهن جي ايمان تي به ڪو شڪ ناهي ، جن کي چيو ويو ته ڀلي اليڪشن وڙهو ،اهي به رسول جي حُرمت جا پاسبان هئا.

آخر تحريڪ لبيڪ ڪهڙو اهڙو مطالبو ڪري رهي آهي جيڪو رياست پاڻ اڳ پنهنجن شهرين کان يا وري سڄي دنيا کان ناهي ڪري چڪي. پاڪستان ۾ ڪهڙو مسلمان (۽اڪثر غير مسلمان به)اهڙو آهي جيڪو اهو نه چوندو ته ناموس رسالت تي ان جي جان به قربان آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي ملهايو ويو ۽ اهڙي شان سان ملهايو ويو جو دنيا دنگ رهجي وئي هوندي.اسان حورن جي پريڊ ڪرائي،رستن تي شيطان جو ناچ ڪرايو،اسلام آباد ۾ ڪو هڪ ايڪڙ وڏو ڪيڪ ڪٽيو ويو.بجلي نه هئڻ يا مهانگي هئڻ جي دانهن باوجود سمورو ملڪ روشنين سان جڳمڳائيندو رهيو.وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي خوش خبري ڏيندي  رحمت العالمين اٿارٽي جي قيام جو اعلان ڪيو ۽ گڏوگڏ مديني جي رياست ۾ جرنيلن جون ٽپس پڻ ڏنيون.

ڪجهه ڪَل ٿڙيل تجزيو ڪندڙن اهو به چيو ته ايترو ڌوم ڌڙڪو ڪري حڪومت تحريڪ لبيڪ جي ووٽ بئنڪ  تي ڌاڙو  هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر هو اهو وساري ويا ته عشق جي ووٽ بئنڪ جي چوري نٿي ٿي سگهي.

ياد رکو ته اسان جون سياسي جماعتون جي ايڇ ڪيو ،جي ڪهڙي به گيٽ جي پيداوار هجن يا عوامي امنگن جون، پر اهي ڪنهن نه ڪنهن دنياوي ايجنڊا جي ڳالهه ڪنديون آهن.پر تحريڪ لبيڪ ،جي ٽي روڊ تي انڪري قابض نه آهي ته اهي سستو پيٽرول چاهين ٿا يا ڪرپٽ ۽ نااهل سياستدانن کي چوواٽن تي ڦاهيون ڏيڻ چاهين ٿا. اهي جنرل باوجوه جي حق ۾ نڪتا آهن نه ئي عمران خان جي خلاف نڪتا آهن.انهن جو هدف اسلام آباد کان به اڳيان آهي. انهن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به گستاخي ٿي ته ان جو حساب برابر ڪنداسين ۽ جيڪو اهو چوي ٿو ته اوهان جي احتجاج سان ٽريفڪ ۾ خلل پوي ٿو يا ملڪ جي دنيا ۾ بدنامي ٿئي ٿي ته اهو پڻ گستاخ آهي، ۽ اهو گستاخ چاهي رحمت العالمين اٿارٽي جوڙيندڙ وزير اعظم ئي ڇو نه هجي. جيڪو دنيا جي 192 ملڪن ۾ اسان جي جذبن جي ترجماني ڪري چڪو هجي.

داخلا وارو وزير جيڪو پنهنجو پاڻ کي سڀني کان وڏو رسول جو عاشق قرار ڏئي ٿو،هاڻي تحريڪ لبيڪ کي رياست جي رٽ پار ڪرائي رهيو آهي. پر گڏوگڏ هو اهو چئي پنهجي انشورنس پاليسي به خريد ڪري رهيو آهي ته هو دنيا جي ڇهن مسلمانن مان هڪ آهي جيڪو خانه ڪعبه ۾ نماز پڙهي چڪو آهي.بلڪه بقول سندس ،هڪ ڀيرو ته کيس خانه ڪعبه ۾ داخل ڪري ئي ڀلجي ويا هئا.

ٿڌي دل وارا عاشق اهو مشورو ڏئي رهيا آهن ته علمائن سان رجوع ڪيو وڃي.ضرور ڪيو وڃي پر اڪثر علماءَ ۽ ديني سياست ڪندڙ اڃان تائين اهو سوڃي رهيا آهن ته اسان سڄي ڄمار دين جي خدمت ڪندا رهياسين ۽ لبيڪ وارا بازي کٽي ويا . ڪجهه عاشق اهو مشورو به ڏين ٿا ته امام ڪعبه کان  يا سعودي ڀائرن کان مدد طلب ڪئي وڃي.انهن جي ڳالهه به درست آهي جن شهزادن کان خرچ پکو وٺبو آهي انهن کان اهو مشورو به وٺڻ گهرجي  ته هي عاشق جيڪي اسان جي عشق کي نه پيا مڃين. انهن جو ڇا ڪرڻ گهرجي.

تحريڪ لبيڪ سان ڇهه معاهدا اڳي به ٿي چڪا آهن، الله ڪري ستون به ٿي وڃي، اڳوڻن سمورن معاهدن کانپوءِ تحريڪ لبيڪ وارا پاڪ فوج زنده جا نعرا هڻندي گهر موٽي ويندا هئا،دعا آهي ته محبت جو اهو سلسلو برقرار رهي.

ٻئي پاسي حڪومت تحريڪ لبيڪ جي يلغار کي روڪڻ جي لاءِ خندق کوٽي رهي آهي.

اهو منظر ڏسي دل ۾ ڏهڪاءُ جي لهر ڊوڙي ٿي ته مديني جي رياست پنهنجو پاڻ کي عاشقن کان بچائڻ جي لاءِ خندقون کوٽڻ تي اچي وئي آهي.

اهو ڊپ پڻ لڳي ٿو ته اسان سمورا عاشق گڏجي ڪري خندقون نه پر وڏي کڏ کوٽي رهيا آهيون. اسان عشق جي جنون ۾ اها کڏ کوٽيندي کوٽيندي هڪ ڏينهن زمين جي ٻئي سري تي ڪنهن اڻڄاڻ ٻيٽ تي وڃي پهچنداسين ۽ اهو پڇڻ شروع ڪنداسين ته هتي گستاخ ڪير ڪير آهن.(بي بي جي ٿورن سان)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *