ابراھيم ڪنڀر

لانگ مارچ ۽ غير سياسي ٿيڻ جو اعلان

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

گذريل ھفتي کان پاڪستاني سياست ۾ وڏو ٻڙڌڪ متل آھي، عمران خان جو لانگ مارچ لاھور کان نڪتل آھي اسلام آباد فتح ڪرڻ جي سوچ سان اھو مارچ جي ٽي روڊ تان ھلندو اچي، انگ اکرن ۾ پوڻ جي ضرورت ناھي انھي ۾ ڪو شڪ ناھي تہ لاھور ۾ عمران خان ماڻھن جو ڌيان ڇڪاڻ ۾ ڪامياب ويو، لاھور جي رستن تي عمران خان گهڻا ماڻھو ڪڍي ويو،اھو مارچ اسلام آباد پھچندي پھچندي ڪھڙا نتيجا ٿو ڏي انھي تي ڪجھ لکڻ کان اڳ ۾ انھي کان بہ وڏو واقعو انھي مارچ کان اڳ ڊي جي آئي ايس آئي آئي جي پريس ڪانفرنس ھئي ويجھي ماضي يا پاڪستان جي تاريخ ۾ اھو پھريون ڀيرو ٿيو آھي جو ڪنھن ايجنسي جي سربراھ ائين ميڊيا جي سامھون پاڻ کي ظاھر ڪري پريس ڪانفرنس ڪئي ھجي، اھا پريس ڪانفرنس رڳو ايجنسي جي سربراھ جي سامھون اچڻ جي حوالي سان ئي غير معمولي نہ ھئي پر انھي ۾ غير معمولي قسم جون ڳالھيون ڪيون ويون، مثال طور ڊي جي آئي ايس پي آر تہ انھي کان اڳ فوج جي غير سياسي ھجڻ جو اعلان ڪري چڪو آھي پر پاڪستان جي سياست ۾ مداخلت جي حوالي سان جنھن ايجنسي جو مک ڪردار سمجھيو ويندو رھيو آھي انھي جي سربراھ طرفان اچي غير آئيني يا سياسي ڪردار کان انڪار ڪرڻ واري اعتراف مان ھڪ حد تائين اھا اميد پيدا ٿي آھي تہ جيڪڏھن فوج پاڻ کي غير سياسي ڪري ٿي تہ انھي کي موقعو ملڻ گهرجي، انھي کي موقعو ملڻ گهرجي تہ ھو پنھنجي عمل سان ثابت ڪري تہ ھو مستقبل ۾ انھي اعلان تي قائم رھندا.
پاڪستان انھي سياسي مداخلت جي ڪري چار مارشلائي دور ڏسي چڪو آھي، سياستدانن کي ديوار سان لڳائڻ، سياستدان کي ڦاھين، جلاوطنين کان وٺي قومي ڪارڪنن کي گمشدگي ۽ چچريل لاشن جي ملڻ تائين اسان جي ادارن جو ڪردار ڪجھ اھڙو رھيو آھي جو انھي اعلان کي ناڪافي سمجھيو پيو وڃي، انھي شڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اڃان ڪجھ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي، منھنجو ذاتي خيال آھي تہ جڏھن ايڏو وڏو عھديدار سامھون اچي پريس ڪانفرنس ڪري ٿو تہ انھي کانپوءِ اسان جھڙن لکندڙن يا اخبارن کي رومال ۾ وجھي خبرون لکڻ بدران سڌي ٻولي ۾ لکڻ جي اجازت ملڻ گهرجي،ھاڻ يعني ھن سرعام پريس ڪانفرنس کانپوءِ فوج، آئي ايس آئي کي سگھارا ادارا، ڳجھا حلقا، مقتدر ادار لکڻ بدران فوج، ايجنسيون يا اسٽبلشمنٽ ئي لکيو ۽ پڙھيو وڃي.انھي پريس ڪانفرنس جو ھڪ پس منظر بہ آھي، جنرل نديم انجم جي مقرري ئي اصل ۾ عمران خان جي پسند وٽان نہ ھئي انھي جي ڪري عمران خان جا ڏينھن انھي وقت ڳڻجڻ شروع ٿيا جڏھن سندس پسند جو طاقتورانھي ساڳي عھدي تان ھٽي چڪو ھو، جيڪو عمران خان جي مرضي منشا جي خلاف فيصلو ھو،
فوج جي انھي فيصلي جي آجيان ضرور ڪرڻ گهرجي پر اھا پڪ وٺڻ ضروري آھي تہ اھو غير سياسي عمل مستقبل ۾ جاري رھندي، انھي جي ڪري سڀ کان پھرين شروعات اداري ۾ موجود سياسي عنصرن جو احتساب ڪرڻ کان ٿيڻ گهرجي، عمران خان جيڪي خبرون ھاڻي ڪري رھيو آھي اھي خبرون کيس پنھنجي شروعاتي سياسي ڏينھن ۾ ڪرڻ گهرجي ھا، جيستائين اھي ڌريون سندس حمايتي رھيون، عمران خان سان گڏجي جيستائين مخالف ڌر جي سياستدانن کي منظرعام تان ھٽائي خانصاحب جي لاءِ ميدان صاف ڪيو پئي ويو، سندس اقتداري راھ تان ڪنڊا ميڙيا پئي ويا تيستائين عمران خان انھن جي ساراھ جا ڍڪ ڀريندو رھيو پر جڏھن ھنن پاڻ کي حڪومت يا سياست کان لاتعلق بڻجڻ جو فيصلو ڪيو تہ عمران خان انھن جو دشمن نمبر ون ٿي ويو، اصل ۾ اھو عمراني دماغ ھو جنھن ۾ ڪڏھن سياست ويٺي ئي ناھي، خانصاحب پھرين ڏينھن کان وٺي پاڪستاني سياست کي غير سنجيدہ ورتو، سياست ۾ ائين ناھي ٿيندو تہ اختلافي راءِ کي برداشت نہ ڪجي، مخالف ڌر کي ديوار سان لڳائجي،سياستدانن مٿان ھيروئن رکڻ جھڙا ڪوڙا ڪيس ھڻي کين جيل ۾ وجھي اذيتيون ڏجن، انھن روئين کي ترڪ ڪري جيڪڏھن عمران خان پھرين ڏينھن کان وٺي سياسي جنگ ادارن جي ڪلھن تي چڙھي وڙھڻ بدران سياسي ميدان ۾ سياسي انداز سان وڙھي ھا تہ شايد ھن کي وڌيڪ ڪاميابي ملي ھا پر ھن ڊگھي عرصي جي لاءِ ھڪ سازش گهڙي ڇڏي ھئي، انھي جو راز فاش ٿيڻ کانپوءِ مٿس ھي ڏينھن اچي ويوآھي،عمران خان ھاڻ ڪيترو بہ بھادر ٿئي پر سندس دل اندر وري بہ اھا ڳالھ آھي تہ فوج سندس ساٿ ڏئي ملڪ جي مخالف ڌر کي ختم ڪري،مون کي غير آئيني انداز ۾ ڪرسي تي ويھاري مطلب تہ ھن جو اڄ بہ ضد آھي تہ فوج پنھنجي آئيني ڪردار کي اورانگھي، بقول سندس ھن فوج جي آڏو اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو رکيو ھو اھو مطالبو فوج آڏو رکڻ ئي غير آئيني آھي انھي جي ڪري عمران خان کي بہ ارڙھين ترميم سميت آئين کي دل سان تسليم ڪرڻو پوندو..
عمران خان پاڪستان ۾ سياست پلس حڪومت کي آمراڻي طور طريقي سان ھلائڻ جو خواھشمند رھيو آھي، ھن جي وڏي ۾ وڏي خواھش رھي آھي جنھن جو ھن ڪنھن نہ ڪنھن موقعي تي اظھار بہ ڪيو آھي، مثال طور ھن ڪيترن ئي موقعن تي چيو آھي تہ چين ۾ ساڍا چار سئو وزيرن يا سياستدانن کي ڪرپشن جي الزام ۾ ماريو ويو، سعودي عرب ۾ ماڻھن کي گرفتار ڪري ٽنگي انھن مان پئسو ڪڍيو ويو، اھڙي ريت ترڪي، مليشيا وغيرا جا انھي سان ملندڙ جلندڙ مثال ڏئي اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو تہ ھن ملڪ جو اڪيلو والي وارث آئون ھجان، ھر ادارو منھنجي ماتحت ھجي، منھنجي ھر حڪم کي اکين تي رکي اختلاف راءِ رکندڙ سمورين ڌرين کي ڀت سان لڳائڻ گهرجي، پاڪستان ۾ اھو ٿيندو رھيو آھي پاڪستان جي ھر آمر اھا ڪوشش ڪئي آھي، عمران خان جي انھي عمل يا خواھش مان ظاھر ٿئي ٿو تہ عمران خان جي ذھن ۾ ھڪ خطرناڪ قسم جو آمر ويٺل آھي،انھي ڳالھ کي ھئين بہ بيان ڪري سگھجي ٿو تہ عمران خان انھي مائينڊ سيٽ کان متاثر آھي جيڪو مارشلائي،مطلق العناني مائينڊ سيٽ آھي، جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ عمران خان مشڪوڪ، ڌانڌلي واري اليڪشن کانپوءِ ايڏو متڪبر يا مغرور ٿيڻ بدران سياستدانن سان ھٿ ملائي پنھنجي حڪومت جو مدو عزت سان پورو ڪري پئي سگھيو پر سندس طرز عمل پھرين ڏينھن کان وٺي ٻين سياستدانن جي لاءِ دشمن وارو رھيو آھي.عمران خان جي لانگ مارچ کان وٺي عسڪري عھديدارن جي پريس ڪانفرنس کي جيڪڏھن ڏسجي تہ ٻہ ٽي شيون عيان ٿين ٿيون.
پاڪستاني سياست ۾ ڪو سياستدانن فوجي ادارن کي ائين تڪراري بنائڻ جي لاءِ ايترو اڳيان نہ وڌيو آھي، اھو وڏو بھادري جو ڪم آھي، شيخ رشيد، فواد چوڌري کان وٺي پرويز خٽڪ يا شاھ محمود قريشي جي سياسي بھادري جي سڀني کي خبر آھي، سياست قرباني گهرندي آھي، اقتدار ڪنڊن جي سيج ھوندي آھي، انھي جي شايد عمران خان کي خبر ناھي جڏھن اھو سوال اٿي ٿو تہ عمران خان ھن سموري صورتحال ۾ ايترو اڳيان ڪئين نڪري ويو آھي تہ انھي جو سادو سودو جواب اھو آھي تہ اندر ئي اندر ھڪ اھڙو لڏو آھي جيڪو عمران خان جو حمايتي آھي، انھي عمران خان کي صلاح ڏني آھي تہ سياست کي مذھبي ٽچ ڏي انھي تي پاڪستاني توسان گڏ ھوندا، عمران خان انھي راھ تي آھي تہ مذھبي ڪارڊ استعمال ڪري ڪرسي تائين پھچي اھا روش يا حڪمت عملي جنرل ضياالحق جي ھئي، جنرل ضياالحق اسلام جي نالي ۾ ڏھن سالن تائين اقتدار سان چنبڙيل رھيو، عمران خان ساڳي ڪارڊ تي پنھنجي ڪرسي واپس وٺڻ چاھي ٿو، عمران خان کي جيڪو لڏو سپورٽ ڪري رھيو آھي اھو ساڳيو مائينڊ سيٽ رکندڙ آھي،انھي جي ڪري ڊي جي آئي ايس آئي جي پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان اڪيلي کي جواب نہ ڏنو ويو ھو پر انھي لڏي کي بہ جواب ھو تہ ھاڻ پراڻا طور طريقا نہ ھلندا، پاڪستان کي ھلائڻو آھي تہ انھي کي پھرين معاشي بنيادن تي سگھارو ڪرڻ جي ضرورت آھي انھي جي لاءِ سياسي استحڪام انتھائي ضروري آھي،جيستائين فوج جي غير سياسي ٿيڻ جو سوال آھي تہ پاڪستاني سياست يا جمھوري نظام جي لاءِ اھا وڏي خبر يا سٺي خبر ضرور آھي پر انھي جي لاءِ گارنٽي ملڻ انتھائي ضروري آھي، ڇاڪاڻ جو ماضي اسان کي ٻڌائي ٿو تہ اھڙا ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا پر ساھي پٽڻ کانپوءِ وري ساڳيا لاٽون ساڳي ڏور استعمال ٿيندي آھي، انھي جي ڪري ضروري آھي تہ عملي طور اھو ثابت ڪيو وڃي تہ پاڪستان مان ڪو سياسي ڪارڪن گم نہ ٿيندو، پاڪستان جو قانون مقدم ھوندو، جيڪڏھن ڪنھن بہ شھري تي رياست مخالف ھجڻ جو الزام آھي تہ انھي کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي انصاف جي نظام ۾ رڪاوٽون مڪمل ختم ڪري عدالتن کي مڪمل آزاد ڪيو وڃي، پارليمنٽ کي خودمختيار پاليسي سازي ۽ فيصلا سازي جا اختيار ڏنا وڃن، دفاع جي بجيٽ پارليمنٽ ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ملڻ گهرجي، ملڪ ۾ ھيستائين ھنيل مارشلاز جي مذمت ٿيڻ گهرجي، سياسي مداخلتن جي ذريعي جيڪو نقصان ٿيو آھي انھي جي ذميواري قبول ڪري انھي تي معذرت ٿيڻ گهرجي، گذريل ڏھن سالن ۾ جن جن فردن، عھديدارن سياست ۾ دخل ڏئي، اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري نظام کي لانجھو ڪيو آھي انھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، فوج بيرڪن، بارڊر يا بيٽل فيلڊ تائين رھڻ جو آئيني فرض ادا ڪرڻ جو وچن ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *