پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو معاملو قومي اسيمبلي ۾ آيو آهي، ان ان حوالي سان سياسي ڌماچوڪڙي متي پئي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف جي سڀ کان وڏي پارٽي مسلم ليگ (ن) مخالف ڌر جي ٻين پارٽين سان مشورو ڪرڻ کانسواءِ بل جي حمايت ڪري ڇڏي. پرجمع ڏينهن دفاعي ڪميٽي ۾ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان ٿيل اجلاس کان پوءِ ٻه مختلف ڳالهيون سامهون آيون. حڪومتي ڌر جو چوڻ آهي ته ترميمي ايڪٽ ڪميٽيءَ مان پاس ٿي ويو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي مشاهدالله خان جو چوڻ آهي ته، ڪميٽي مان بل پاس نه ٿيو آهي، نه ووٽنگ ٿي آهي. جيڪڏهن حڪومت پارليماني پروسيجر کي پورو نه ڪيو ته مسلم ليگ (ن) ان جي حق ۾ ووٽ نه ڪندي.
پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽي قومي اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سندس پارٽي وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ فقط 52 سيٽون آهن. مخالف ڌر جي اهم ترين پارٽي، مسلم ليگ (ن) بنا صلاح مصلحت جي، بل جي غير مشروط حمايت ڪري ڇڏي. ته سندس چواڻي هاڻي هو چاهي ته به بل ۾ فل اسٽاپ يا ڪاما جي تبديلي به نه ٿو ڪرائي سگهي. ايترو ڪري سگهيا آهيون ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي ته بل دفاعي ڪميٽيءَ کي موڪلرايو ۽ پارليماني پروسيجر پورو ڪرڻ جي ڳالهه تي قائم آهيون. هن ان موقعي تي صحافين جي سوال جي جواب ۾ چيو ته، توهان ان سان ڳالهائي رهيا آهيو جنهن جا ٽي نسل، جمهوريت جي بالادستيءَ لاءِ قربان ٿي چڪا آهن. مونکان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کي ڳڻتي هوندي، موجوده صورتحال ۾ اها توهان کي محسوس ٿئي يا نه پر، اها وڏي ڪاميابي آهي ته بل دفاعي ڪميٽيءَ ڏانهن ويو آهي.
بلاول جي ڪجهه ڳالهين ۾ ڪنهن حد تائين وزن آهي ته غور ڪجي، ان کان اڳ ۾ ائين ٿيندو رهندو هو ته اڳوڻا آرمي چيف جيڪي ساڳئي وقت صدر به رهندا آيا آهن، جيڪي پنهنجي مدي کي پاڻ ئي وڌائيندا رهيا آهن. مثال ايوب خان، ضيا الحق، پرويزمشرف. انهن اقتدار تي قبضو ڪيو، پاڻ کي صدر چونڊرايو، بعد ۾ آرمي چيف طور پنهنجي مدي ۾ پاڻ واڌارو ڪندا رهيا آهن.
هاڻي صورتحال ڪجهه مختلف ٿي آهي جو، عدالت اهو سمورو معاملو پارليامينٽ کي موڪلي ڇڏيو. هونئن ٿيڻ ته اهو کپندو هو ته جڏهن آئين ۽ قانون ۾ ايڪسٽينشن جو ڪو آپشن موجود ئي ناهي ته ڪورٽ پاڻ ئي فيصلو ٻڌائي ڇڏي ها. پر عدالت ڪجهه پاڻ بچائي بال پارليامينٽ جي ڪورٽ ۾ اڇلي ڇڏيو.
هاڻي پارليامينٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي. اتي حڪمران ڌر ڪير ۽ ڪهڙي طرح آيل آهي اهو ڪنهن کان لڪل ڪونهي. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽيءَ کي نيب جي چڪيءَ ۾ پيهين، انهن جا ڌاڻا ئي ڪڍي ڇڏيا آهن. پارٽين ۾ اندر گروپس ۽ ڇڪتاڻ موجود آهي. جيئن اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج جو چوڻ آهي ته سندس خلاف ڪيس ٺاهڻ ۾ پارٽيءَ ۾ ويٺل هڪ ماڻهوءَ جو هٿ آهي. ته اهي پارٽيون، سندن اندر مپ هڻي ويٺل اهڙن عنصرن سان منهن ڏئي رهيون آهن ته نيب ۽ ٻيون قوتون به انهن جي سامهون آهن.
صورتحال ڪهڙي به هجي پر هن صورتحال ۾ سياسي پارٽين کي پاڻ جهلڻ گهرجي ها. ٿوري همٿ ڪري هن تاريخي موقعي مان فائدو حاصل ڪن ها. پر وري اها ڳالهه تاريخ ۾ لکجي ويندي ته مسلم ليگ (ن) جي هڪ طرفي فيصلي جي ڪري مخالف ڌر پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهي. ان موقعي مان فائدو وٺي هڪ عهدي کي تمام گهڻو فائدو پهچايو ويو. قومي مفاد جي ڳالهه رڳو انهن عهدن سان ڇو ڪئي وڃي ٿي. جڏهن وزيراعظمن سان خراب سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ان وقت به ملڪ ۾ اندر ۽ ٻاهر صورتحال جوخيال ڇو ڪونه ايندو آهي.
حڪومت کي اها ته ناڪامي ٿي آهي ته اها هڪ ڏينهن ۾ ئي قومي اسيمبليءَ مان ايڪٽ پاس نه ڪرائي سگهي آهي، انهن کي پروسيجر ۾ وڃڻو پيو آهي. ان ۾ شايد انهن جو پنهنجو به خاموش راضپو هجي پرضروري آهي ته ان ايڪٽ تي ترميم ٻين قانونسازين جيان، قومي اسيمبلي ۽ سينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪابه ترميم جي ضرورت آهي ته اها ڪئي وڃي. ان ايڪٽ جي حوالي سان پارليماني مفادن پٽاندڙ فيصلو ڪيو وڃي.