عاصمه شيرازي
قلم جي ڪمان ۾ لفظن جا تير ڪيتري قدر طاقتور آهن ان جو اندازو اڳي به هو هاڻي به . لفظن جي حرمت جي تقاضا اڳي به هئي هاڻي به،حرف تي ڪو داغ نه اچي اهو احساس اڳي به هو هاڻي به. اقتدار جي ايوانن ۾ موجود ارباب اختيار قلم کي قيد نه اڳي ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي هاڻي ڪري سگهندا.
منهنجي گذريل ڪالم ۾ ڇا هو جو ڀونچال اچي ويو ۽ پوءِ انهيءَ ڀونچال ۾ جيتري قدر حوصلو مليو ان سان اهو يقين پڻ پختو ٿيو ته دليل هاڻي به حاوي ۽ سرُخرو آهي. سوال جي طاقت کان جيڪو به انڪاري ٿيو سو دليل جي راهه ۾ ڀٽڪي ويو.
سقراط صرف سوال پڇندو هو ۽ ان جي طاقت سان دانائيءَ جون راهون کولي ڇڏيندو هو، ”سلوني سلوني “ جي صدا جواب جي لاءِ بي تاب ٿيندي هئي ڇاڪاڻ جو چوڻ وارو باب العلم به هو ۽ وقت جو حاڪم به..ڪٿي سوال پڇڻ جو شوق ته ڪٿي جواب ڳولڻ سان عشق . ايئن سوال هميشه ڪوڙ جي منهن کي اگهاڙو ڪيو، جڏهن ته سچ لازوال ٿي ويو.سوال ڪڏهن زهر پيئڻ تي قانع ته جواب پاڻ کي علم جي عدالت ۾ گواهه بڻائڻ تي نازان.
گذريل هفتي جي ڪالم ۾ هن حقير فقط هاڻوڪين حالتن کي موضوع بڻايو هئو جڏهن ته اختلاف جي گنجائش کي پاسير رکندڙ ۽ سماج کي بي سبب بندش هيٺ رکندڙ اها سوچ ڪٿي ٿا رکن ته اختلاف جمهوريت جو حُسن ۽ تنقيد صحافين جو اصل ڪم آهي . اهو ڪم جيڪو اسان کان اڳ ڪيترن ئي انجام ڏنو هو.
ڪوڙا کائيندڙ ناصر زيدي، خاور نعيم هاشمي، پابنديون برداشت ڪندڙ آءِ اي رحمان ، منهاج برنا،نثار عثماني يا رضيه ڀٽي جهڙي بي ڊپي ايڊيٽر ۽ ڪيترائي مرد قلندر ان جا مثال آهن.
بلوچستان جا صحافي هجن يا وزيرستان جا، ڪراچي هجي يا لاهور. مٿي ڦريل قلم ڪارن ، صحافين جي هڪڙي فوج آهي جن جو هٿيار اڃ به قلم ۽ جن جو آواز اظهار جي آزادي آهي.اختلاف جي قبيلي جو اصل روپ آمريتن يا آمريت جهڙين جمهوريتن ۾ ئي ڏسڻ لاءِ ملندو آهي خاص ڪري ان دور ۾ جيڪي فاشزم تي ٻڌل هجن. جنهن ۾ اظهار جي هر طريقي تي پابنديون هجن. ڊرامي جي اسڪرپٽ کان وٺي صحافي جي قلم تائين،
شاعر جي استعارن کان نثر نگارن جي تحرير تائين. تنقيد نگار جي ڪاٽ ڪوٽ کان ويندي طنز نگار جي تشريح تائين،سڀ عتاب هيٺ آندا وڃن ٿا.۽ پوريل اکين، ٻوڙن ڪنن گونگن آوازن وارو سماج تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
اهڙي معاشري کي پاڪستان جي صحافين ۽ اهل دانش نه اڳي تسليم ڪيو ۽ نه ئي هاڻي ڪندا.ڪوڙ جي بازار ۾ ڳري قيمت تي قلم خريد ڪندڙ اقتدار ڌڻي ڳاٽ اوچو رکندڙ باغين کي رڳو الزام ۽ بهتان سان رعب هيٺ ڪيئن ٿا رکي سگهن ؟ سچ صليب ته بخشي سگهي ٿو پر بي موت نٿو ماري سگهي. قلم جي حرمت جو اندازو رڳو ڏهاڙي ٺاهيندڙ نه ته لڳائي سگهي ٿو نه ئي سچ کي حالتن جي پابندين ۾ رکي سگهي ٿو.
پنهنجي پياري وطن حقيقت ۾ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، معيشت، سياست ۽صحافت واڌ ويجهه جي مرحلي کان اڳ ئي چيڀاٽجي ويون آهن. بک ۽ غربت ۾ واڌ ۽ مٿان وري اهو ته هڪ صفحي جو هڪ صفحي تي نه هئڻ بي چيني وڌائي رهيو آهي. ان اهم مقرريءَ جو معاملو به انگهايو ويو. اهڙا ئي معاملا آهن جي نه هوندي به غير معمولي ٿي ويا آهن.
سوال ته اهو به آهي ته آمريڪا پاڪستان سان ڪهڙي ”فضائي ٺاهه“ جي ويجهو پهچي چڪو آهي. جيتوڻيڪ اسين ”ايبسلوٽلي ناٽ“ جو اعلان ڪري چڪا آهيون. سوال هاڻي به اتي ئي آهن ته ذاتي پسند نا پسند ادارن جي جاءِ تي فردن ۽ شخصيتن کي ترجيح ڏئي رهي آهي.ملڪ معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار ٿي چڪو آهي ، فوج هجي يا اليڪشن ڪميشن يا ميڊيا ادارن سان ٽڪراءُ رڳو افراتفريءَ کي جنم ڏئي رهي آهي. عوام جي مسئلن جو حل سياسي جماعتن وٽ آئين جي صورت ۾ موجود آهي، سياسي جماعتون آئين مان رهنمائي وٺن ٿيون ۽ هن ڀيري آئين ئي سرخرو ٿيندو . (بي بي سي جي ٿورن سان )