Imtiaz Alam

فساد ڇڏيو، معيشيت سنڀاليو

امتياز عالم ليکڪ

امتياز عالم

ڏهاڪن کان جيڪو پوکيو ويو آهي ان جو فصل تيار آهي.مفت خوري،مسواڙخوري،قرض خوري،پن لاءِ هٿ ڊگهيرڻ ۽ پٽ سٽ واري سلامتي داءُ تي آهي.

گذريل حڪومتن پاران جيڪي نسخا آزمايا ويا، جن ۾ عمران حڪومت جون معاشي قلابازيون سرفهرست آهن، جن کي وزيراعظم شهباز شريف به مختصر عرصي ۾ مختلف نتيجن جي غلط فهمي ۾ آزمائڻ وڃي رهيو آهي.

مٿان وري پي ٽي آءِ جا معاشي مددگار پوئتي ڇڏيل ملبي جي کڄڻ تي خوب بغل  وڃائي رهيا آهن. ڏيڍ مهيني جي ٻڏتر  ۾ شهباز جي اسپيڊ وائڙپ جي ور چڙهي وئي آهي. رھبو يا نه رهبو ، رڪبو ته  ڪيستائين ؟ جڏهن هن آخر  رڪجڻ جو فيصلو ڪيو ته  وٽس  آءِ ايم ايف جي دروازي کڙڪائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه رهيو.

عمران حڪومت پاران ڪيل معاهدي جي بحاليءَ لاءِ هي ئي شرط لاڳو ٿيا جيڪي شوڪت ترين ٽوڙي مڃڻ تي مجبور ٿيو ۽ پوءِ آڱوٺو هڻي آيو، پر عمران خان حڪومت کي ويندو ڏسي  پنهنجي  بلا  اتحادي حڪومت جي مٿي ۾ هڻي ويو.هاڻي جي ڪن ٿا ته سياسي طور مرن ٿا.نٿا ڪن تي ملڪ جو ڏيوالو نڪري ٿو.

شهباز حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ  جي ڪوشش ڪري پاڻ کي مصيبت ۾ ڦاسائڻ قبول ڪيو. تيل جي قيمتن ۾30 روپين جي  واڌ ڇا ٿي .ماڻهن جون رڙيون نڪري ويون ۽ تحريڪ انصاف وارن خوب ٽهڪ ڏنا،

جيڪڏهن ڪو اهڙي بيوقوف کي سڏي ڇا سڏي؟

معاشي ترقي جي اوسر  6 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ڇا ٿي ،  معاشي ڪارڪردگي جا دهل وڄڻ لڳا اهو ٻڌائڻ بنا ته ان جو گهڻو حصو درآمد ۽ کپت جي زمري ۾ اچي ٿو.ٿورو انهن وائڙن کي  آئينو  ڏيکاريو وڃي  جيڪو ڊاڪٽر حفيظ پاشا ۽ ڊاڪٽر فرخ سليم ڏيکاريو آهي، جيڪي عمران حڪومت جا وڏا حامي هئا.

ڊاڪٽر حفيظ پاشا موجب پاڪستان جو بجيٽ خسارو 5600 ارب رپيا آهي،يعني ڪُل محصولات جي تقريبن برابر . گذريل 17 سالن جو قرض 30 کرب رپيا آهي،۽ ساڍن ٽن سالن جي حڪومت جو قرض 21 کرب جيڪو ن ليگ ۽ پ پ پ جي حڪومتن جي ڏهن سالن ۾ ورتل قرض کان گهڻو وڌيڪ آهي.

2018ع ۾ پاڪستان جي، جي ڊي پي 315 ارب ڊالر هئي، جيڪا 2020ع ۾ گهٽجي 262 ارب ڊالر ٿي وئي. 2018ع ۾ بجلي جو گردشي خسارو 1100 ارب رپيا هو، جيڪو 2022ع ۾ 2500 ارب رپيا ٿي ويو.

گيس شعبي جو خسارو 350 ارب رپين مان وڌي 1500 ارب رپيا ٿي ويو. پاڪستان اسٽيٽ آئل جو خسارو وڌي 658 ارب رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2021ع جي آخر ۾ سرڪاري شعبي جي ڪارپوريشنز جو خسارو 2700 ارب رپيا آهي. اهو خسارو رڳو 10 هزار 488 ارب رپيا آهي جڏهن ته مجموعي قرض 51 هزار ارب رپين کان وڌيڪ آهي.

واپاري خسارو تاريخي طور تي 50 ارب ڊالرن جي بلند ترين سطح تي آهي ۽ پرڏيهي کاتي جو خسارو 31 ارب ڊالر جي ٻاهرين رقم ڪڍڻ بعد به آهي، 19 ارب ڊالر آهي. اميرن جي اها   مفت خور   معيشت ۾ انهن کي 3400 ارب رپيا يا 17 ارب رپيا رعايت مليل آهي، جيڪا لڳ ڀڳ اسان جي پرڏيهي کاتي جي خساري جي برابر آهي.

شهري پراپرٽيز ۽ اسٽيٽ بزنس وارا پنهنجي حصي جو تمام گهٽ ٽيڪس ادا ڪن ٿا، جن کي عمران حڪومت نان ايڪسپورٽ ۽ رينٽ سيڪنگ سيڪٽر هجڻ جي باوجود انهن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني ۽ عام معافيون ڏئي انهن کي تمام گهڻو ڀريو. زرعي شعبي مان 1000 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ان شعبي مان رڳو 2 ارب رپيا گڏ ٿين ٿا.

ايتري تائين جو امدادي رقم (سبسڊيز)بجلي هجي يا گئس، صحت ڪارڊ هجي يا راشن، پيٽرول هجي يا ڊيزل، ڀاڻ هجي يا درآمد ٿيل صنعتي خام مال ۽ وچولين شين جو وڏو حصو، واپاري پاليسي ۽ ٽيڪس جي رعايت، سڀ ڪجهه اميرن جي کيسي ۾ وڃن ٿا. مثال طور پيٽرول تي سبسڊي جي رقم جو 85 سيڪڙو اميرن  جي لگزري گاڏين ۽ انهن جي ٽرڪن تي خرچ ڪيو ويو جڏهن ته ٽيڪس جو بار اڻ سڌي طرح عوام تي 85 سيڪڙو آهي.

خبر ناهي ڪهڙي معاشي چارٽر تي شهباز شريف بار بار اتفاق راءِ جي ڳالهه ڪري ٿو. پاڪستان 1982ع کان آءِ ايم ايف جي پروگرامن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ سمورا فوجي ڊڪٽيٽرز ، پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ (ن) ادب سان هٿ ٻڌي شامل رهيا آهن.

آءِ ايم ايف نو لبرل معاشيات جو هڪ  مالي ادارو آهي جنهن کي هڪ بئنڪ جي حيثيت سان حقيقي پيداواري معيشت سان ڪا به دلچسپي نه آهي بلڪه معيشيت جي اصل بيماري جي علامت، بجيٽ خسارو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ آزاد منڊي جي غير مساوي مقابلي ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ پنهنجي گراهڪ کي قرض خوري جي ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ ڦندي ۾ ڦاسائي رکندو آهي.ان جو  ڪنٽرول  آمريڪا ۽ اولهه وٽ آهي، جيڪي  عالمي منڊي تي هڪ غير مساوي مٽا سٽا ۽ اجاراداراڻو  ڪنٽرول رکن ٿا.

اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جا قومي خودمختياري جا نعرا کلڻ جهڙا لڳندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو  پاڻ معاشي غلامي جي ڊوڙ ۾ گذريل حڪومتن کان ٻه قدم اڳتي هو.سندس دور ۾ چار ڀيرا اقتصادي پاليسيون ۽ ٽي ڀيرا ناڻي وارا وزير تبديل ٿيا.۽ سڀني  هڪ ٻئي جي ابتڙ ڪم ڪيو.۽ ايندڙ حڪومت لاءِ  مالي سرنگون ڇڏي ويا.پني کائو ۽ آزادي جا سکڻا نعرا ماريو،اهو ئي سندن مقصد لڳي ٿو.هن وقت  قرض جي آفيم جي لت کان نجات حاصل ڪرڻ لاء،  آفيم ڇڏائڻ وارين گورين جي ضرورت آهي.جيڪي آفيم جون ئي ٺهيل آهن.

بهرحال، هن وقت چونڊ، سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي ڏيوالي ۽ سياسي تسلسل ۽ معاشي بحالي جي وچ ۾ آهي. مفت ۾ ڪجهه ناهي ملندو جنهن جي اسان ۾ عادت پيل آهي. عالمي مارڪيٽ جي حالت تمام خراب آهي ۽ قيمتون ۽ مهانگائي وڌي رهي آهي. ملڪ ۾ تيل جا اگهه اڃا به UAE، ڀارت ۽ افغانستان جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن.

اسان ايران مان تيل ۽ گيس ڇو نٿا وٺون، چين ذريعي روس جو تيل ڇو نه ٿا آڻي سگهون ۽ قطر سان تيل جي پراڻي ڊيل جو دائرو  ڇو نه ٿا وڌائي سگهون؟ اسان زرعي، ڪمرشل ۽ بيوروڪريسي۽ اميرن  تي وڏا ٽيڪس ڇو نٿا لڳائي سگهون، سموري غير ضروري درآمد  تي مڪمل پابندي ڇو نٿا لڳائي سگهون؟

اسان غير پيداواري خرچن کي ڇو نٿا گھٽائي سگهون؟ اسان سيڪيورٽي جي وڏي رياست تي معيشت جي سائيز موجب ڪٽ ڇو نه ٿا ڪري سگهون؟ اهي اعليٰ سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي پاران حاصل ڪيل مراعاتن کي اڌ ڇو نه ٿا ڪري سگهون ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي پروفيشنلز کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڇو نٿا ڏئي سگهن؟

ظاهر آهي، اهو ڪم خاص جي اتحادي حڪومت نٿي ڪري سگهي نه ئي ٽيڪنوڪريٽڪس جي عبوري حڪومٽ ڪري سگهي ٿي.هاڻي جڏهن عمران خان جو فسادي مارچ ناڪام ٿي چڪو آهي، لاڏلي کي ڪو اهو سمجهائي ته  پارليامينٽ ۾ واپس اچي ۽گڏجي  بار کڻي، هي معيشيت کي سنڀالڻ جو وقت آهي،فساد ڪرڻو جو وقت ناهي .

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے