ابراھيم ڪنڀر
تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان تي حملو ھن ملڪ جي سياست جي لاءِ وڏو الميو آھي، حملو پنھنجي جاءِ تي خطرناڪ پر مونجھائيندڙ آھي، انھي حملي تي افسوس سان گڏ ڪيترائي اھڙا سوال آھن جن جا جواب ملي نہ سگھيا آھن، ھڪ عام قسم جي حملي جي ايف آئي آر جلدي داخل ٿي ويندي آھي پر ھن ھيڏي حملي کي ايترا ڏينھن گذرڻ جي باوجود تيستائين ايف آئي آر داخل نہ ٿي جيستائين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آئي جي پنجاب کي اھڙو حڪم نہ ڏنو، عدالت واضع طور حڪم ڏنو تہ 24 ڪلاڪن اندر جيڪڏھن ايف آئي آر داخل نہ ٿي تہ معاملي جو پاڻمرادو نوٽس ورتو ويندو،آئي جي پنجاب گذريل ڏينھن سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ کي ٻڌايو آھي تہ پنجاب حڪومت ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آھي، ھن جو موقف ھو تہ ايف آئي آر جي حوالي سان وڏي وزير پرويز الاھي جا خدشا آھن، آئي جي انھي موقف کي پرويز الاھي جي پٽ مونس الاھي رد ڪيو آھي، فواد چوڌري سڌي ڳالھ ڪئي آھي تہ آئي جي پنجاب ڪوڙ پيو ھڻي اسان کي چوندو وتي تہ منھنجا سنھا ٻچا آھن،ايف آئي آر جو حڪم اچي چڪو آھي، جيڪا صوبائي حڪومت، پرويز الاھي، پنجاب پوليس جي لاءِ وڏي آزمائش آھي، آئي جي ھڪ آپشن بہ رکيو آھي تہ جيڪو معظم نالي شھري شھيد ٿيو آھي انھي جي وارثن جي چوڻ مطابق ايف آئي آر بہ داخل ٿي سگھي ٿي.
عمران خان جو ضد آھي تہ ايف آئي آر وزيراعظم، گهرو وزير ۽ ڳجھي ايجنسي جي نمبر ٽو آفيسر تي داخل ٿيڻ گھرجي، واقعو پنجاب ۾ ٿيو، ٿاني جي حد وزيرآباد يعني نئين ضلعي گجرات ۾ آھي، ھن ڪيس ۾ جيڪا ھيستائين لاپرواھي اختيار ڪئي وئي آھي انھي جو ڪو حد حساب ناھي،سموري معاملي کي سياسي رنگ ڏئي ھڪ ڪرمنل معاملي تي سياست ٿي رھي آھي، گولين واري بحث ۾ نٿا پئون تہ ھڪڙي گولي لڳي انھي جو ٽڪرو لڳو چار گوليون لڳيون ٻن ڄنگھن ۾ لڳيون ڪٿي لڳيون، ٻين کي جيڪي گوليون لڳيون آھن اھي ڪھڙيون آھن، ھيستائين ڪنھن قسم جي جاچ ناھي ٿي، انھي جي ذميوار مقامي پوليس يعني پنجاب پوليس ۽ صوبائي حڪومت آھي،لاپرواھي وارو ٻيو معاملو آھي، جيڪڏھن ايتريون گوليون لڳيون تہ زخمي کي اڍائي سئو ڪلوميٽر پري شوڪت خانم اسپتال ڪوٺي وڃڻ جي صلاح ڪھڙي عقلمند ڏني؟ ٻين مريضن جو ڪو بيان سامھون ناھي آيو، ھڪ مجرم اعتراف ڪري چڪو آھي انھي جي باوجود عمران خان انھي ضد تي آھي، وزيراعظم استعيفي ڏيندو تڏھن معاملو ٺيڪ ٿيندو، سياست جي بدبختي آھي ڪنٽينر تان استعيفي جو مطالبو 11 سالن کان ملڪ جو پيڇو نٿو ڇڏي، وزيراعظم جڊيشل ڪميشن جي درخواست ڪئي آھي، اھا ڳالھ بہ عمران خان کي واري ۾ نٿي اچي، کڻي جو انھي تي مشروط راضپو ڏيکاريو آھي پر دلي طور خوش ناھي،
ھن سموري رت جي راند، خوني مارچ ۾ اھم سوال اھو آھي تہ عمران خان ڪنھن جي جنگ وڙھي رھيو آھي؟عمران خان جيڪو پيغام کڻي لانگ مارچ ڪري رھيو آھي انھي ۾ ھن ملڪ جي سگھارين ڌرين کي نشانو بنايو آھي، انھي ۾ ڪو شڪ ناھي تہ پاڪستان جي آزادي جي ڏينھن کان وٺي سياست، حڪمراني، پارليمنٽ سڀ جا سڀ اڳ ۾ ڪڍيل دائري جي اندر رھي ڪم ڪرڻ جي مجبور آھن، جڏھن پارليمنٽ، جمھوري سسٽم ئي خودمختيار نہ ھجي تہ ھن ملڪ ۾ ادارن جي وجود تي سوال اٿن ٿا انھن ادارن جي آزادي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي انھي جي ڪري عمران خان انھي حد تائين صحيح ڳالھ ڪري رھيو آھي تہ ھن ملڪ جو عوام رڍون ٻڪريون ناھن جو جيڪو حڪم ملي اھو مڃيو وڃي پر اصل ڳالھ اھا آھي تہ عمران خان اھا ڳالھ پنھنجي سياست، پنھنجي ڪرسي، پنھنجي مفاد جي خاطري ڪري رھيو آھي، انھي جو مثال اھو آھي تہ جيڪا ڳالھ ھاڻ ڪري رھيو آھي اھا ڳالھ کيس انھي وقت ڪرڻ گهرجي جڏھن کيس وڏي شان مان سان اقتداري حاصل ڪرائڻ جي لاءِ جدوجھد جو اسٽيج سجائي ڏنو ويو ھو، 2011ع کان ھي ڪھاڻي شروع ٿي آھي، عمران خان کي ٽئين آپشن طور اقتداري سياست ۾ گھسڻ جي اجازت ڏني وئي انھي وقت عمران خان جو نشانو رڳو ملڪ جا سياستدان رھيا، سياستدان بہ اھي جن جي پارٽين ھن ملڪ کي ڪجھ نہ ڪجھ ڏنو آھي، جيڪڏھن اقتدار کان اڳ ۾ ھو ڪنھن مصلحت تحت نظام جي مضبوطي، قانون جي حڪمراني يا انصاف جي فراھمي جي ڳالھ نہ پئي ڪري سگھيو تہ عمران خان چئن سالن اندر انھي ڳالھ کي کڻي ھا، قانون ۽ انصافي جي فراھمي، سگھارن ادارن کي قانون جو تابع آڻڻ جي لاءِ عمران خان عملي طور ڪجھ ڪري پئي سگھيو پر ھن ڪجھ نہ ڪيو، عمران خان اقتدار جي انڌي گھوڙي تي سوار ٿيڻ کانپوءِ آس پاس ڏسڻ بند ڪري ڇڏيو ھو، عمران خان نظام جي رخ کي طئي نہ ڪري سگھيو ھو، سياستدانن جي حوالي سان جيڪو ڪجھ کيس ٻڌايو ويندو رھيو انھي تي جئين جو تئين عمل ڪري پنھنجي زبان سان انھي جو اظھار ڪندو رھيو، ھن پنھنجي اتحادين کان سواءِ ملڪ جي ڪنھن سياسي پارٽي، سياستدان، پھرين صف جي قيادت، سيڪنڊ قيادت کي بخش نہ ڪيو، انھن کان انتقام وٺڻ جي لاءِ شاھ کان وڌ شاھ جي وفادار طور ڪم ڪيو، عمران خان جي سياست، اقتدار ۾ سندس آمد جون سڀ خبرون ھاڻ کلي رھيون آھن، اھي ڳالھيون عام ٿي چڪيون آھن تہ کيس اقتدار ۾ آڻڻ جي لاءِ 2011ع کان وٺي ڪنھن ڪنھن امداد ڏني، ڪٿان پئسو آيو،2018ع واريون عام چونڊون ڪئين مينيج ڪيو ويو، انھي جو ٻيو پاسو اھو ھو تہ ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ ملڪ کي ذاتي عناد جي بنياد تي پٽڙي تان لاھي اھڙو حشر ڪيو ويو جو وري سڌو نٿو ٿئي، انھي سموري سياسي ڊرامي ۾ عمران خان ڏوھي انھي جي ڪري آھي جو ھن پنھنجون وفاداريون آڇيون پر اصل ڏوھاري اھي آھن جن عمران خان کي خوب استعمال ڪيو، پر اھو ممڪن ناھي جو ڪٻڊي جي رانديگر کي ڪرڪيٽ جي پچ تي بيھاري ھٿ ۾ بيٽ ڏئي ڇڏجي ۽ انھي مان اميد ڪجي تہ ڪرڪيٽ جو ڪپ کٽي ايندو، سياستدان ڪير بہ ٿي سگھي ٿو، پر ملڪ جون واڳو ڪنھن اناڙي ماڻھو جي حوالي ڪري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ جي پويان جيڪي ڪردار آھن انھن کي ڇوٽ ڏيڻ سڀ کان وڏو ڏوھ آھي.
عمران خان جي لاءِ ھاڻ سندس حامي اھو مشھور ڪري رھياآھن تہ ھن خلق کي زبان ڏئي ڇڏي آھي، ھن انھن سگھارن ادارن جي خلاف زبان کولي آھي جن تي ڪڏھن ڪنھن آڱر نہ کنئي آھي، ماڻھن جي ياداشت ڪمزورآھي، عمران خان تہ پنھنجي ڪرسي جي خاطر ادارن تي آڱريون کڻي رھيو آھي پر اسي جي ڏھاڪي ۾ ضياالحق جي ڇتي آمريت ۾ راھوڪي ۾ عوامي تحريڪ جي ھاري ڪانفرنس اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ نہ ھئي انھي ڪانفرنس ۾ فاضل راھو تقرير ڪندي چيو ھو تہ اسان کي ڪنھن بہ ميمبري جي ضرورت نہ آھي، ڪنھن بہ عھدي جي ضرورت نہ آهي، اسان پندرهن سالن کان وٺي لاڳيتو سنڌي ماڻھن جي لاءِ جنگ ڪرڻ ۽ کين آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ڪندا رهنداسين،رسول بخش پليجي ھر آمر جي خلاف جدوجھد ڪئي، ضياالحق جي آمريت جي خلاف سنڌ جا روڊ رستا فوجي آمريت جي خلاف ٻري اٿيا ھئا، بدين ۾ مرحوم مٺو مھيري، ڪامريڊ حسين بخش ناريجي سميت ڪيترن ماڻھن کي ٽڪٽڪي تي چاڙھي ڦٽڪا ھنيا ويا ،پنھل چانڊئي ڳوٺ تي جنرل ضياالحق جي حڪم تي قرآن جي تلاوت ڪندڙ سنڌي ماڻھن کي بمن سان شھيد ڪيو ويو، انھي کان اڳ جنرل ايوب خان جي خلاف تحريڪ ھلي، ماڻھن ڪرسي ماڻڻ جي خاطر نہ پر نظام جي بھتري جي لاءِ تحريڪ ۾ پنھنجي پنھنجي زندگين جا نذرانا ڏنا، ڪي شھيد ٿيا، ڪن جون جوانيون جيلن ۾ گذري ويون،ھي اپاھج ٿي ويا، انھي جي ڪري جيڪو نسل اھو سمجھي ٿو تہ عمران خان اڪيلو ماڻھو آھي جنھن ڳجھن يا سگھارن ادارن کي للڪاريو آھي اھي بلڪل اڻ ڄاڻ آھن يا سندن ياداشت ڪمزور آھي يا وري عشق عمراني ۾سياسي تاريخ کي ميساري رھيا آھن.
ڳالھ صفا سادڙي آھي، عمران خان کي ڪرسي ڏئي سندس دماغ ۾ اھو بوھ ڀريو ويو تہ ھاڻ اقتدار تيستائين اوھان وٽ آھي جيستائين ٻين سياسي ڌرين جو خاتمون نٿو اچي، انھي پراجيڪٽ تي عمل ڪندي عمران خان وڏا وڏا خواب تہ ڏسڻ لڳو پر چئن سالن ۾ اھو ئي طئي نہ ڪري سگھيو آھي تہ ھي ملڪ آئين تحت ھلڻو آھي، ھن ڪڏھن پارلياماني نظام جي مضبوطي جي ڳالھ نہ ڪئي عمران خان ڪڏھن ارڙھين ترميم جي حمايت ۾ اکر نہ ڪڇيو، انھي سموري عرصي اندر ڪڏھن ايران، ڪڏھن ترڪي، ڪڏھن چين ڪڏھن برطانيا جي حڪمراني جا مثال ڏيندو رھيو، انھي سان گڏ ھو ڏھ ڀيرا اھو اعتراف ڪري چڪو تہ ھن کي اسٽبلشمنٽ کي مڪمل حمايت آھي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن موجودھ آرمي چيف اڻ ڄاتل مدي تائين آرمي چيف بنائڻ جي آڇ بہ ڪئي، اسان اھا ڳالھ اڳ بہ لکي چڪا آھيون تہ عمران خان جي اھا ڳالھ ڪنھن حد تائين درست آھي تہ ھن ملڪ ۾ سگھارا ادارن کي قانون جي تابع ھجڻ گهرجي پر اھي سڀ ڳالھيون کيس ڪرسي تان ھٽڻ کانپوءِ ڇو ياد آيون آھن، عمران خان سياستدان آھي تہ سياسي ميدان ۾ مخالفن سان مقابلو ڪري ھا، انھن ساڳين ادارن کي پاڻ سان ملائي ھن سياستدانن جو جئين زھر ڪيو،عمران خان پارليمنٽ جو ميمبر ھو تہ پارليمنٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي ھا انھي وقت پارليمنٽ ۾ پنھنجي پارٽي يا اتحادين جا نالا بہ ھن ايجنسين کي ڏئي ڇڏيا ھئا،سائفر کان وٺي حملي تائين ھن جي بيانئي تي ماڻھو آخر اعتبار ڪئين ڪن؟ ڇاڪاڻ جو جنھن ڪرپشن جو ذڪر ڪري ھو سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائيندو رھيو انھي ڪرپشن جا پيرا لاھور کان ٿيندي سندس گهر تائين ويا، جنھن آفيسر سندس ڪرپشن جي نشاندھي ڪئي انھي کي ھن گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جنھن آفيسر سندس ڪرسي بچائڻ جي لاءِ پارليمنٽ ميمبرن ۽ مخالف سياسي اڳواڻن جي خلاف ظلم جاري رکيو انھي کي ھٽائڻ جي مخالفت ڪندي فوج سان ٽڪر وٺي ويٺو، ھاڻ بہ عمران خان پنھنجي ڪرسي کان وڌيڪ ٻي ڪنھن جي ڪرسي جي جنگ وڙھندي اھو سوچي رھيو آھي تہ انھي ڪرسي جي بقا ۾ سندس بقا آھي ٻي صورت ۾ ھن جو سياسي کيل ختم آھي، عمران خان ترت اليڪشن جو مطالبو بہ انھي جي ڪري رھيو آھي جو کيس خبر آھي تہ وقت تي چونڊون ٿيڻ سان اندران خبرون ملڻ ئي بند نہ ٿينديون پر انھن جو اثر بہ زيرو ٿي ويندو، عمران خان کي پنھنجي طاقت جي خبر آھي، جيڪڏھن ايتري سياسي طاقت ھجيس تہ پاڻ تي اعتماد بہ ھجڻ گهرجي، جيڪو ناھي، انھي جي ڪري چئي سگھجي ٿو تہ عمران خان ٻي ڪنھن جي جنگ وڙھي انھي جي نتيجي ۾ پنھنجي مفادن يعني ڪرسي حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسي رھيو آھي.