ابراھيم ڪنڀر
اسلام آباد ۽ راولپنڊي سول مليٽري لاڳاپن جي حوالي سان گهڻيون خبرون گرم آھن، انھي مان ڪجھ افواھ، ڪجھ مفروضا، ڪجھ انديشا، انومان ۽ ڪجھ خواھشون آھن پر جيڪا شي پڪ سان چئي سگھجي ٿي اھا ھي آھي تہ پنھون جي ڪپڙن ڌوئڻ وارو سلسلو بند ٿي ويو ھاڻ جت پاڻ سان نئيڻ نٿا چاھين.
ڪجھ اھم بدلين مقررين کانپوءِ صورتحال ۾ عجب قسم جي تبديلي آئي آھي، انھن گذريل ٽن چئن ڏينھن کان اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي بااختيارن جي وچ ۾ اھم نوعيت جون گڏجاڻيون، اجلاس، ملاقاتون، رابطا، فيصلا، اندر جا فيصلا، ٻاھر جا فيصلا يعني ڪافي ڪجھ ٿيندو رھيو آھي انھن سمورين سرگرمين جي بنياد تي جيترا وات اوتريون ڳالھيون آھن، جڏھن ڳالھيون واضع نہ ڪيون وڃن جڏھن سرڪاري سطح تي انھن سمورين شين کي ڪارپيٽ ھيٺ ڍڪيو وڃي،تيستائين انھي قسم جون ذھني ھٿوراڙيون لڳنديون رھنديون، ھرڪو پنھنجي پنھنجي پنھنجي ذھني سطح، سوچ، عقل۽ فھم جي آڌار تي راءِ ڏيندو جن کي پوءِ ڪير افواھ، ڪير ذھني فتور، ڪير خام خيالي جو نالو ڏيندو آھي اھو سڀ ڪجھ شين جي واضع ٿيڻ تائين ھلندو رھندو.
ھاڻ ڳالھ سڌي ٿا ڪريون، ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ ملڪ جي اھم اداري ۾ وڏي پئماني تي بدليون مقرريون ٿيون آھن، اھي بدليون معمول جون بدليون ھونديون آھن، وزيراعظم پاڻ چوندو رھيو آھي تہ شخصيتون بہ پر ادارا اھم آھن پر وزيراعظم ھن ڀيري ڪئين ڀيرن جيان پنھنجي ڳالھ تان پاڻ ڦري شخصيتن کي اھم سمجھي ويھي رھيو انھي جو بہ ڪو ڪارڻ آھي، اھو اڳتي بيان ڪنداسين، خبرون اھي آھن تہ ٻين بدلين مقررين کي ڇڏي ڪري اھم ڳجھي اداري جي سربراھ جي بدلي مقرري تي وزيراعظم ڪجھ ناراض آھي، وزيراعظم سمجھي ٿو ۽ درست سمجھي ٿو تہ انھي عھدي تي بدلي مقرري جو صوابديد سندس ھو،پر انھي سان گڏ وزيراعظم خواھش ڏيکاري تہ انھي خاص عھدي تي ڪير مقرر ٿيندو ڪير رھندو ڪير ويندو ڪير ايندو ان جو فيصلو منھنجو ھوندو.ھتي اھو ٻڌائڻ لازمي آھي تہ انھي ھڪ عھديدار جي ڪري غير سياسي ادارن کي سياست ۾ گھلجڻ جا طعنا ملن ٿا حقيقت ۾ اھي طعنا ناھن پر اھو سچ آھي.
پاڪستاني سياسي تاريخ ۾ راولپنڊي يا اسلام آباد جي وچ ۾ يا وري سويلين ۽ عسڪري عھديدارن ۾ انھي نوعيت جي ڇڪتاڻ جو داستان ملڪ جي وجود جيترو پراڻوآھي، ائين بہ ٿيو آھي تہ جن کي سينگاري سنواري اقتدار تي ويھاريو ويو، جن ڪڏھن ڪو اختلاف نہ ڪيو ھجي، جڏھن ھميشا ھا ۾ ھا ملائي ھجي پر ھڪ ڏينھن انھن کي بہ گهر جي راھ ڏسڻي پئي آھي،ويجھي تاريخ ۾ انھي جا ٻہ مثال ڏئي سگھجن ٿا. ،ٻنھي شخصيتن کي ملڪ جي بدترين آمرن اقتدار جي مسند تي آڻي ويھاريو،ٻنھي پنھنجي ڊيوٽي انتھائي اشرافت سان ادا ڪئي پر ھڪ ڏينھن اھڙو آيو جو کين ڪرسي تي ويھاريندڙ پاڻ ئي انھن مان تنگ ٿي پيا،مرحوم محمد خان جوڻيجو ذاتي اعتبار کان انتھائي شريف المثل انسان ھو،پاڻ انھي جي سياست يا ھڪ آمر جي فرمانبداري جو ذڪر نٿا ڪريون، ھو ذوالفقار ڀٽي جي شھادت جي ازالي طور سنڌين جي ڦٽن تي مرھم رکڻ واري پيڪيج طور اقتدار ۾ آندو ويو، پر ھڪ آمر کان سندس چال چلت برداشت نہ ٿي سگھي، ساڳي ريت مير ظفر اللہ خان جمالي کي بہ بلوچن جا رنج ۽ اھنج ختم ڪرائڻ جي پيڪيج طور مقتدر حلقن اعلي سويلين ڪرسي تي آڻي ويھاريو ھو، جمالي صاحب بہ ذاتي طور ڀلو ماڻھو ھو، ڪڏھن مقتدر حلقن کي نھڪار نُہ ڪيائون بلڪہ ھميشہ چڙھندي سج جا پوڄاري رھيا. مرحوم اعلي اقتدار ۾ رھندي بي وسي بي اختياري جو شاندار نمونو رھيا پر انھي جي حضوري ۾ پيش پيش رھندڙ شخص کان بہ سندس آڻيندڙ ڪاوڙجي پيا نيٺ انھي شخص کي دل تي پٿر رکي پنھنجي استعيفي جو اعلان ڪرڻو پئجي.
راولپندي جي عسڪري عھدن جي بدلين مقررين کانپوء وزيراعظم عمران خان جي لاءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آھي اھا قطعي حيرتناڪ، اڻ ٽر يا نئين ناھي،انھي قسم جي واقعا يا ان کان بہ سخت واقعا اڳ ۾ پيش ٿيندا رھيا آھن،ڪجھ ڏينھن کانپوءِ ٺاپر ايندي آھي،انھي جو ڪو وقتي حل بہ نڪري ايندو آھي پر سگھاريون، مقتدر قوتون انھن واقعن کي ڪڏھن وسارينديون ناھن اڳيان ھلي انھن جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا آھن، جنھن جو ھاڻوڪو مثال نواز شريف آھي، يا اينٽ سي اينٽ بجاني وارو آصف علي زرداري جو واقعو آھي.
ھاڻوڪن ٽن چئن ڏينھن کانپوءِ واري صورتحال مان خام خيالين، مفروضن، افواھن کي ڪڍي بہ ڇڏجي تہ بہ اھو چئي سگھجي ٿو تہ ھي جيڪ ھڪ صفحو ھو اھو صفحو ھاڻ پرزا پرزا ٿي چڪو آھي اھو صفحو جنھن جي بنياد تي عمران خان صاحب، سندس وزير، مشير، معاون ترجمان يا وري ترجمانن جا ترجمان ھنڀوشيون پيا ھڻندا ھئا تہ عمران خان کان سواءِ ڪو بہ آپشن ناھي، عمران خان صاحب ملڪ جي لاءِ اڻٽر آھي، ملڪي سياست تي عمران خان سياسي آسمان تي جڳمڳائيندڙ ستاري جيان ھميشا ٽمڪندو رھندو، ھي تہ سياست، جمھوري پارلياماني ۽ سياسي نظام آھي، پر ھتي آمر بہ اڻٽر نہ ھوندا آھن کين وڃڻو پيو آھي، انھي جي ڪري وڏي خام خيال ڪنھن جي اڻٽر ھجڻ جي آھي.
رومن تاريخ ۾ جوليس سيزر پنھنجو قوت جي آڌار تي پاڻ کي ڏھن سالن جي لاءِ تانا شاھ مقرر ڪيو بعد ۾ ھن تاحيات مطق العنان ٿيڻ جي خواھش ڏيکاري انھي بہ پاڻ کي روم جي بقا جي لاءِ اڻٽر سمجھيو پر پوءِ ڇا ٿيو؟ جوليس سيزر سان جيڪو ڪجھ ٿيو پر روم بہ قائم رھيو، روم جو پارلياماني نظام بہ قائم رھيو، ھاڻ اچون ٿا پاڪستان جي حڪومتي نظام تي، ملڪ جي ڪھڙي آمر پاڻ کي ناگزيز نہ سمجھيو؟ جنرل ايوب، جنرل يحييِ خان، جنرل ضياالحق ۽ جنرل پرويز مشرف يعني سمورن آمرن اقتدار کي اڻ ٽٽ عضوو سمجھي ورتو، کين ڪرسي جي اھڙي علت پئجي چڪي جو ھو سمجھندا رھيا تہ ھنن کان سواءِ ملڪ جو پن بہ چري نہ سگھندو پر وقت ثابت ڪيو تہ اھي اڻ ٽر نہ ھئا انھن جو وڃڻ اڻ ٽر بڻجي ويو،ملڪ جو نظام انھن آمرن جي نقصان کي کڻي ڪمزور ٿي ھلندو رھيو، آمر ھجي يا وري آمرن جي آشيرواد يا ھٿ جي ٿڦڪي سان اقتدار ۾ ايندڙ سياستدان ھجي انھن جي ڪيل نقصان جي ازالي لاءِ عوام ھٿوراڙيون ھڻي رھي آھي.سو وري ڳالھ ورجايون ٿا تہ عمران خان اڻ ٽر، ضروري آپشن ناھي عمران خان سواءِ اونداھي ناھي، انھي پگھار تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻِيا سياستدان ضروري آھن پر عمران خان کي جن آندو انھن کي سندن فرمانبرداري جو يقين ھو انھن کي اھا پڪ ھئي تہ ھو عوام جي مفادن جي پورائي بدران اسان جي مفادن جي پورائي جي لاءِ گهڻو ڪجھ ڪندو ۽ ھو اھو سڀڪجھ ڪندو رھيو.
پاڻ جيڪا ڳالھ رومال ۾ ويڙھي ڪري رھيا آھيون اھا ڳالھ عام زبان تي آھي سوشل ميڊيا تي انھي جو وڏو چرچو آھي، عمران خان جا حامي چئي رھيا آھن تہ حقيقي معني ۾ عمران خان ھاڻ ايبسليوٽلي نا ڪئي آھي، پر حقيقت انھي جي ابتڙ آھي اھا وڏي نھڪار راولپنڊي مان ٿي آھي.چيو ائين پيو وڃي تہ وزيراعظم عمران خان کي ڊسمبر مھيني تائين جيڪو فيض پرائڻو ھو انھي کان کيس روڪيو ويو آھي، پاڻ جمھوري ۽ سول اقتدار جي بااختيار ھجڻ جا حامي آھيون، ھتي بہ وزيراعظم عمران خان کي انھي جي قانوني اختيارن جي استعمال جي ئي حمايت ڪرڻ گهرجي، پر ھتي معاملو ڪجھ ابتو آھي، عمران خان جيڪو ڪجھ چاھي ٿو جيڪڏھن انھي جو مقصد جمھوريت جي مضبوطي، پارليامينٽ جي بااختياري، جمھوري قدرن جي بھتري، عوامي جي ڀلائي، سويلين آزادي جمھوريت جي استحڪام، آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ھجي تہ سمورين سياسي ڌرين سميت ھن سماج ھي ھر جمھوريت پسند کي انھي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ھا پر جئين تہ ھڪ تڪراري قسم جي چونڊ جي ذريعي ۽ دستانا ڦاٽل ظاھر ظھور ھٿن ذريعي اقتدار ۾ ايندڙ وزيراعظم جو عوام، جمھوريت، آئين قانون سان ڪجھ نہ وڃي ھن کي سياسي نظام جي الٽ پلٽ جي آندو ويو جيڪو ڪم ھن بخوبي ڪيو، انھي جي ڪري ھاڻ بہ ھو جيڪو ڪجھ ڪري رھيو آھي يا جيڪو ڪجھ ڪرڻ جو خواھشمند آھي انھي پويان سندس ذاتي انا جي تسڪين، ذاتي اقتدار جي حوس، مخالفن جي صفائي، ملڪ جي سياسي نظام جي بربادي، احتساب جي نالي تي انتقام، مخالف ڌر جي سياسي پارٽين کي مليا ميٽ ڪرڻ جي مقصد کان سواءِ ڪجھ نہ آھي.خانصاحب تبديلي جي آڙ وٺي ڪرسي جو مزو ورتو، رياست مدينا جو نعرو ھڻي عوام کي ٻي لائين تي وٺي جوکم ۾ وڌو، انقلاب جي ڳالھ ڪري ملڪي معشيت جي ٻيڙي وڏي ڪن ۾ ڦاسائي پاڻ کي ناڪام حڪمران ثابت ڪري چڪو آھي.
فرض ڪري وٺجي تہ اسلام آباد يا راولپنڊي جي وچ ۾ سرد جنگ ياغير يقيني جي صورتحال قائم رھي ٿي تہ انھي جو نتيجو ڪھڙو نڪري ٿو، سڀني جي خبر آھي تہ ٻنھي جاڙن شھرن مان طاقت جو ٿنب ڪھڙو شھر آھي ،انھي جي ڪري موجودھ صورتحال ۾ جيڪڏھن حتمي ڪاميابي راولپنڊي کي ئي ملڻي آھي، انھي جا ڪيترائي روپ رنگ ٿي سگھن ٿا،عدالتون ھلن پيون عمران خان جي خلاف انھي ۾ ڪيس بہ ھلي رھيا آھن، پينڊورا باڪس جي اسڪينڊل جي جاچ ۾ ڪا جي آئي ٽي ٺاھي تحريڪ انصاف ۾ عمران خان جي ويجھن ساٿين کي ھٽائي سگھجي ٿو، عمران خان جي اتحادين کي اشارو ڏئي پري ڪري سگھجي ٿو، منع ٿيل غير ملڪي فنڊنگ ڪيس ۾ سموري تحريڪ انصاف کي مکڻ مان وار جيان ڪڍي ٻاھر ڦٽو ڪري سگھجي ٿو.شھباز شريف جو ڊي فيميشن جو ڪيس ھلي رھيو آھي انھي تي ڪو فيصلو اچي سگھي ٿو، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ اچي سگھي ٿي، اھي راولپنڊي جا آپشن آھن جن تي ڳالھ ٻولھ ٿي رھي آھي. جيستائين عمران خان وٽ آپشن آھن انھن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ ۾ اھو سمجھڻ انتھائي ضروري آھي تہ اھا خبر عمران خان، سندس وزيرن ،مشيرن توڙي اتحادين کي بہ آھي تہ عمران خان ڪنھن سياسي زور يا قوت سان چونڊون کٽي ھن ملڪ جي حڪمراني جون واڳون نہ سنڀاليون آھن پر عمران خان جي اليڪشني سياست ۾انٽري کان وٺي کيس اتحادي ٺاھڻ ڏيڻ جي پويان ٻيون قوتون آھن، اھي جڏھن چاھين کيس اقتدار مان ڦٽو ڪندي منٽ لڳائينديون انھي جي ڪري عمران خان جيڪي بہ آپشن استعمال ڪندو اھو سوچي سمجھي استعمال ڪندو. مثال طور عمران خان وٽ بطور وزيراعظم ھڪ نئين آرمي چيف کي ھٽائڻ ۽ مقرر ڪرڻ جو اختيار آھي پر سوال آھي تہ ڇا اھو استعمال ڪندو؟ اڳ ۾ تہ ڳالھيون ڪندو ھو تہ منھنجي مرضي بنا ڪارگل ۾ ڪو آپريشن ٿئي ھا تہ آئون عسڪري قيادت کي ھٽائي ڇڏيان ھا يا وري اھو بہ چيو ھئس تہ جيڪڏھن مون ڏانھن ڪو سپر ايجنسي جو سربراھ استعيفي جو پيغام کڻي اچي ھا تہ آئون کيس ڊسمس ڪري ڇڏيان ھا اھي سڀ چوڻ جون ڳالھيون آھن، ھن وقت صورتحال انھي قسم جي آھي پر عمران خان ڪيترو سگھارو ، وس وارو آھي انھي جي ھاڻ کيس خبر پوي پئي،عمران خان ھڪ وڏي عھديدار جي مدي ۾ ڏنل واڌ جي نوٽفڪيشن کي واپس وٺڻ جو آپشن بہ استعمال نٿو ڪري سگھي،عمران خان ھن مونجھائيندڙ صورتحال ۾ مخالف سياستدانن ڏانھن پارليامينٽ۽ جمھوريت جي بقا ۽ مضبوطي جي لاءِ ھٿ وڌائڻ وارو آپشن بہ استعمال ڪري سگھي ٿو پر مخالف سياسي پارٽين جي قيادت انھي ھٿ کي ھڪ جھٽڪي سان ھيٺ ڪيرائينديون ڇاڪاڻ جو ٽن سالن جي اقتدار ۾ ھن رڳو ۽ رڳو انھن سياسي مخالفن کي چيڀاٽيو آھي،عمران خان ڪاوڙجي ويل جھانگير ترين سان ٺاھ ڪرڻ جو آپشن بہ استعمال ڪري سگھي ٿو پر جھانگير ترين بہ ڪچو رانديگر ناھي جو ڪمزور ٽيم جي پاسي ٿي بيھي،عمران خان کي ڊسمبر تائين اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سميت سمورا ڪم ڪرائڻا ھئا ڪنھن جي آسري سھاري تي ڪرائڻا ھئا اھو پتو ڪٽجي چڪو آھي، عمران خان سان اھا ويڌن جاري رھي تہ ھن وٽ آخري آپشن اسيمبيلون ٽوڙي نئين چونڊن جو اعلان باقي رھي ٿو پر سندس پارٽي جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي اھڙي بري آھي جو نئين چونڊن جي اعلان کانپوءِ نہ رڳو سندس پارٽي جا ماڻھو ٽڙي پکڙي ٻين پارٽين ۾ ھليا ويندا پر چونڊن ۾ کائنس ڪير ٽڪيٽ وٺڻ جي لاءِ بہ تيار نہ ٿيندو، عمران خان کي بہ خبر آھي تہ ايندڙ چونڊن ۾ شڪست سندس مقتدر بڻجي ويندي انھي جي ڪري ھو اليڪشن جي اعلان واري آپشن کي بہ استعمال نہ ڪندو ڪوشش ڪندو جي حضوري فرمانبداري سان وڌيڪ عرصو ڪڍي پر جئين تہ اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ جيڪو ڏار پيو آھي انھي جا اثر حڪومت کي بي اختيار ڪرڻ کان شروع ٿي انھي کي بي ھٿيار ڪرڻ تي ختم ٿيڻا آھن، فرمانبرداري مان ھڪ لمحي جي لاءِ ڪنڌ ڪڍائيندڙ خانصاحب کي ذھني طور پنھنجي سياسي شڪستن جي تياري ھاڻ کان ڪرڻ گهرجي، ٻين لفظن ۾ چئي سگھجي ٿو تہ ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آھي.