Mohammed Hanif

عمران خان جو سفر ڪپتان کان جنرل تائين

ليکڪ محمد حنيف

محمد حنيف

اسلام آباد جي هڪ خوبصورت شام پر سازشن ۽ وسوسن سان ڀريل عمران خان کي احساس ٿيو ته جيتوڻيڪ سندس مداح کيس ڪپتان سڏين ٿا، پر هاڻي هو ترقي ڪري چڪو آهي، هاڻي هو  هڪ فور اسٽار جنرل بڻجي ويو آهي، جنهن کي جڏهن ڪو آئين قانون  پسند  نٿو اچي ته  هو اُن کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن.

جنرل مشرف ۽ ان کان اڳ جنرل ضياءَ آئين کي ڪڏهن ڪاغذ جو ٽڪرو ته ڪڏهن چٿڙ چئي چڪا آهن ۽ هنن آئين سان  ڪيو به ايئن ئي هيو.

عمران خان بي اعتمادي کان پوءِ پنهنجي صفن جي ڳڻپ ڪئي، پنهنجي ڪاوڙيل ميمبرن تي لعنت ملامت ڪئي، پر جڏهن هن ڏٺو ته هو ڳڻپ جي جنگ نه کٽيندو ته هن اهو ئي ڪيو جيڪو اسان جا جنرل ڪندا آيا آهن. ڪرڪيٽ جي استعاري ۾ چون ٿا ته هو ان ڇورن  وانگر آهي، جيڪي گهٽين ۾ ميچ هارائيندي ڏسي ڪري وڪيٽون کڻي ڪري ڀڄي ٿو وڃي يا پنهنجو وارو وٺي ٿو ۽ پوءِبيٽ کڻي اهو چئي گهر  روانو ٿي ٿو وڃي ته امان  سڏي رهي آهي.

عمران خان اهڙو ڪجهه نه ڪيو آهي،هن اهو ئي ڪيو جيڪو هن کان اڳ جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف جهڙا جيدار جنرل ڪري چڪا آهن، اهڙي ئي هڪ شام، جڏهن هن کي ٿورو ڪاوڙ آئي ته آئين کي ڦاڙي، چٿڙ ڪري، ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي، پوءِ هٿ ڇنڊيندي  چيائين، جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪريوڀلا؟ عدالت ويندا نه  ۽ پوءِ مجيد امجد موجب هتي اسان جا  عمران جا مخالف تجزيه نگار خان صاحب جي سياست، اخلاقيات يا اقتدار جي بک جي جيتري به سينه ڪوبي چاهين ڀلي ڪن،آخري گهڙيءَ تائين به ڪنهن جي خواب خيال ۾ نه هو ته خانصاحب ڇا ڪجهه ڪري گذرندو. اسان جي سياسي تاريخ اهڙي آهي جو اسان فوجي طاقتورن مان ڪا به اميد ڪري سگهون ٿا، يعني اهي ڀُٽي صاحب کي ڦاهي ڏئي سگهن ٿا، پنهنجا هوائي اڏا ڪنهن کي ٻڌائڻ کانسواءِ ٻئي ملڪ کي ڏئي سگهن ٿا. پر  سول حڪمرانن مان اميد ڪبي آهي، ته اهي ٿورو بچندي بچائيندي هلندا.آئين کي ڇڪيندا تاڻيندا پر ان کي ٽوڙيندا ڪونه. مخالفن کي جيلن ۾ واڙيندا پر انهن کي ڦاهي تي نه ٽنگيندا. ڇاڪاڻ ته پنهنجي عدالتن جو به خوف، عوام ۾ واپس وڃڻ جي سوچ  ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ڊپ ته  فوج ۾ موجود وڏا ڀائر خبر ناهي ته ڇا سوچيندا.

عمران خان پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڪُو ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ناهي،عمران خان خود عمران خان کان به نٿو ڊڄي.

جيڪڏهن عمران خان پاڻ کي ڪپتان مان جنرل تائين جي ترقي ڏئي ڇڏي آهي ته پوءِ اصلي وڊي جنرل ڇا سوچيندا هوندا؟

اسان جي فوجي جنرلن کي ڪڏهن به سول وزير اعظم چڱا  نه لڳا  آهن. دل تي پٿر رکي سيليوٽ ته ڪن ٿا پر   اندر ۾ سمجهن ٿا ته هي سڀ يا ته ڪرپٽ آهن يا مغرور ۽ هي ملڪ ڪو  ڪرنل به هلائي سگهي ٿو. هنن جي نظر ۾ ڀٽو صاحب وڏ ڳالهائو هو، بينظير عورت هئي، نواز شريف هڪ لوهار جو پٽ هو، باقي رهيو جوڻيجو، گيلاني، شاهد خاقان عباسي، اهي طاقتور سياستدانن جا ڪمي ڪاسبي هئا.

عمران خان جي صورت ۾ کين هڪ آئيڊيل اميدوار مليو. اسان جي فوج جي اعليٰ قيادت کي  هميشه هڪ گورو  ڪامپليڪس رهيو آهي ته گورا خاص ڪري آمريڪي ۽ يورپي گورا  اسان کان ڪم به وٺن ٿا ۽ پوءِ اسان کي ذليل به ڪن ٿا.

ڪڏهن هٿيار ڏين ٿا، ڪڏهن روڪين ٿاوٺن، ڪڏهن پنهنجو ڀاءُ بڻائين ٿا ته ڪڏهن  دهشتگردن جي ساٿ ڏيڻ جو الزام هڻن ٿا. گورا هنن سان اهو ئي ڪندا آيا آهن جيڪو عمران خان پنهنجي جوانيءَ کان گورن ۽ گورين سان ڪندو آيو آهي،هڪ اهڙو وزير اعظم جيڪو ڪمانڊو ميجر جيترو فٽ هجي، فلم اسٽارز جيترو سهڻو هجي ۽ گورن سان اکيون  اکين ۾ وجهي ٻڌائي سگهي ته مان توهان کي توهان کان وڌيڪ سڃاڻان  ٿو.

عمران خان سندن  اميدن تي پورو لٿو، آمريڪا کي اکين اکين ۾ وجهي  چيو ته تون مونکي مارائڻ چاهين ٿو، هاڻي فوجي قيادت ان تي يا ته شاد ٿي هوندي يا وري  ان تي اکيون چورائيندي هوندي.

سازشي ذهنن وارا اهو به چون ٿا ته ٻنهي قسمن جي قيادت موجود آهي. بلڪه ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي اکيون چورائي رهيا آهن ۽ اهو به چئي رهيا آهن ته پاڻ مرادي ڪپتان مان جنرل بڻجي ويل اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو  هڪ حقيقي جنرل به نه ڪري سگهيو.

عمران خان سموري اپوزيشن کي اسيمبلي مان فارغ  ڪري سپريم ڪورٽ موڪلي ڇڏيو . جيڪا پاڻ مان بيزار ٿيل روزيدار جيان اوٻاسيون ڏئي رهي آهي.۽ ردي جي ٽوڪري مان آئين جا ٽڪرا کڻي ڏسي رهي آهي ته ڪهڙي صفحي کي ڪهڙي سان ڳنڍي پڙهيو وڃي.

ٻڌڻي جي پهرين ڏينهن هڪ جج صاحب چيو ته جيڪڏهن اسان تي اعتبار ناهي ته  اسين گهر هليا ٿا وڃون.(رمضان جي مهيني ۾ ڪهڙو سرڪاري ملازم ايئن نٿو چوي) اپوزيشن  جي وڪيل چيو ته اسان کي اعتبارآهي. پ پ سينيٽر مصطفيٰ کوکر وڌيڪ چيو ته اسان کي مڪمل اعتماد آهي پر اڄ 4 اپريل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *