hamid mir

عمران خان، تحفي ۾ مليل واچ هڪ ڏوهاريءَ کي ڇو وڪرو ڪئي!

حامد مير ليکڪ

حامد مير

هن سال فيبروري ۾ هڪ ڪينڊين عورت وڪيل مون سان رابطو ڪيو ۽ پڇيو ته ڇا اوهان اها خبر پڙهي آهي ته وزيراعظم عمران خان سعودي ڪرائون پرنس طرفان سوکڙي طور مليل هڪ واچ وڪرو ڪري ڇڏي آهي؟ مون کيس ٻڌايو ته جي مونکي خبر آهي. ان عورت ڏاڍي نرم لهجي ۾ طنز ڪندي چيو ته اوهان ته چوندا هيو ته تحفا وڪڻڻ اوهان جي روايتن جي خلاف آهي ته پوءِ  اوهان جي وزيراعظم اهو تحفو ڇو وڪڻيو؟ مون سندس نرم طنز جو انتهائي تلخي مان جواب ڏنو ته ان پوءِ معذرت ڪئي ۽ چيو ته ڏسو اوهان جي وزيراعظم جو به ڪيو ته قانون موجب ئي ڪيو. اسان به سڀ قانوني گهرجون پوريون ڪري اوهان سان ڊيل ڪرڻ گهرون ٿا. اوهان کي جيڪا به رقم ملي ان کي فوري طور تي انڪم ٽيڪس اٿارٽيز جي آڏو ڊڪليئر ڪري ڇڏجو، مون عورت کان پڇيو ته ڇا مان اها واچ اوهان کي مفت ۾ ڏئي سگهان ٿو ۽ ڇا اوهان مون کي لکت ۾ اها ضمانت ڏيندئو ته اوهان ان کي وڪرو نه ڪندئو. عورت وراڻيو ته مان اوهان کي ٿوري دير ۾ وري ڪال ڪريان ٿي پر پوءِ سندس ڪال نه آئي.

15 نومبر جي رات جيو نيوز تي شاهه زيب خانزاده جي شو ۾ اهو خريدار ظاهر ٿيو جنهن سعودي ولي عهد طرفان عمران خان کي تحفي ۾ ڏنل واچ خريد ڪئي هئي. عمران خان جا ساٿي چئي رهيا آهن ته خان صاحب جيڪو ڪجهه ڪيو سو قانون موجب ڪيو پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عمران خان هڪ نه پر ٽي واچون وڪرو ڪيون آهن. هن توشه خانه مان منڊيون، هار، ڪف لنڪس، آءِ فون ۽ الائي ڇا ڇا معمولي اگهن تي خريد ڪيو. هاڻي کيس ٻڌائڻو پوندو ته اهي سڀ تحفا ڪيڏانهن ويا؟. خان صاحب ۽ سندس پارٽي ڪيترن صحافين کي لفافا ۽ غدار چوندا رهيا آهن جنهن جو انهن ڪڏهن ثبوت به ناهي ڏنو پر شاهزيب خانزاده ان ماڻهوءَ کي آڏو آندو جنهن وٽ عمران خان کي تحفي ۾ مليل واچ موجود آهي.

خان صاحب ٻڌائي ته هن اها واچ عمر فاروق ظهور نالي ”ڏوهاري ماڻهوءَ کي ڪيئن وڪرو ڪئي. فرح خان ۽ شهزاد اڪبر جي دعويٰ آهي ته هو عمر فاروق ظهور سان ڪڏهن ناهي مليو. جيڪڏهن خان صاحب هن سان ڪڏهن ناهي مليو ته اها واچ اڏامندي هڪ ڏوهاري ماڻهوءَ جي گهر ڪيئن پهتي؟ ان جو بهرحال جواب ته ڏيڻو پوندو.

اوهان پنهنجي نقاد صحافين کي ”لفافا“ چوندا هيو ته توشه خانه اسڪينڊل جي سوالن جو جواب نه ڏنو ته اوهان ”لفافاءِ اعظم“ چورائيندئو.

(جنگ ۾ ڇپيل ڪالم ”لفافاءِ اعظم“ تان ورتل هڪ ٽڪرو)

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے