Javed Langah

علمي, ادبي ۽ تعليمي ٽائيٽنڪ سان ثڪرائجڻ وڃي رهيو آھي

اوهانجو موقف جاويد-لانگاه ليکڪ

جاويد لانگاه

سنڌ جي يونيورسٽين خاص طرح ڄامشوري, حيدرآباد, خيرپور ميرس ۽ لاڙڪاڻي جا وڏا تعليمي ادارا, ڏھاڪن کان رياست لاء وڏي ڳڻتي جو سبب ۽ مٿي جو سور رهيا آھن. ڪراچي جي تعليمي ادارن جي ابتڙ جتي جميعت طلبا ۽ ٻيون مذهبي/ لساني تنظيمون جيڪي رياست جي منشا ۽ مذھبي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۾ سهڪاري رهيون آھن ,ان جي ابتڙ مٿي ذڪر ڪيل ادارن ۾ جيئي سنڌ, عوامي تحريڪ, ڊي ايس ايف, پ پ ۽ ٻين وطن دوست, جمهوريت پسند ۽ پروگريسو پارٽين جون شاگرد تنظيمون, سوين روشن خيال, نواڻ پسند شاگرد , رياستي پاليسن جي خواهش جي خلاف انهن ادارن جي ڪلچر ۽ فضا کي سيڪيولر ۽ سياسي دانش جي آبياري ڪندا آيا آھن. توڙي جو انهن ادارن ۾ بنياد پرست, ڪٽر مذهبي ۽ تعصبي تصورن سان سهمت استاد, شاگرد ۽ انتظامي عهدن تي ويٺل ماڻھو به ,هر وقت موجود رهندا آيا آھن ,پر هزارين ڪوششن باوجود اهي انهن ادارن کي تسخير ڪرڻ ۽ اتي پير ڄمائڻ ۾ ڪامياب ماڻي نه سگهيا هئا .
هي ڪيڏو نه الميو آھي ته جن آڊيٽوريمز ۾ لطيف, اياز جا ڏھاڙا, بوڪ فيسٽيولز, مباحثا, تقريرون , ڪتابي ميلا ۽ ٻيون علمي سرگرميون ٿينديون رهيون هجن,يونيورسٽي جي ساڳين آڊيٽوريمز ۾ ويهي ,هڪ اهڙو اڻ پڙھيل ۽ رنگا رنگي مۡلان جيڪو ٽي ويء تي “ڪيلي کي کائڻ” ۽ “کيري يا ونگي کي ڪٽڻ” جا اسلامي طريقا ٻڌائندو هجي, سو مادر علمي جي پروفيسرن ۽ شاگردن کي پنهنجي علم ۽ واعظ ذريعي, آخرت سنوارڻ جا ٽوٽڪا ٻڌائي رهيو هجي .سچ پچ ته اهي منظر ڏسي سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبرري جا ڊگها ٿنڀا هڪ هڪ ٿي ڊهندي نظر اچي رهيا آھن.
يقينن اهيو ڏينهن انهن سڀني ادارن ۽ فردن لاء سرهائي جو ڏينهن هوندو, جيڪي “ڪافرن” جي يونيورسٽي ۾ نوراني چهرا ڏسي ۽ دين جون صدائون ٻڌي ٽڙي رهيا ھوندا .
ادارن کي اهيا خوشي ماڻڻ ۽ يونيورسٽيز فتح ڪرڻ لاء ڪيئي ورنهن لڳا آھن. ان لاء پهريان سڄي اسٽوڊنٽ سياست کي ڪرمنل ۽ تعليم دشمن قرار ڏئي, ادارن جي جاگرافيائي سرحدن کي ديوارون ۽ چيڪ پوسٽن سان مظبوط ڪيو ويو. ٻئي مرحلي ۾ عام شاگرد کي غير سياسي ۽ پاڙھو ٿيڻ جي ترغيب سان گڏ ,ديندار ڪري نظرياتي سرحدن کي وسعت ڏني وئي.
توهان ڏسو ته سهي, اسلام آباد کان شروع ٿيندڙ هن “قومي پاليسي” کي ڪئين نه شانائتي نموني سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ لاڳو ڪيو ويو آھي. ان سلسلي جي ٽئين ڪڙي وي سيز کان ڊينز تائين انتظام ۾ اهڙا ماڻھو رکڻ آھي, جن جو نه ڪو ورلڊ ويو ۽ نه وري عالماڻو ويزن آھي.هي سڀ عهدن,رعايتن, ٽوئرز ۽ فنڊن جا عاشق آھن, جيڪي وڏي سرڪار جي هڪ اشاري تي سموريون خدمتون ڪرڻ لاء تيار آھن.
لطيف يونيورسٽي جي مۡلياڻي وي سي پروين شاه ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ ٽنڊو ڄام جا هاڻوڪا وي سي ان ماڊل جو تسلسل آھن. يونيورسٽين ۾ باقي رهيل ڪسر استادن ۽ ايمپلائيز جي انهن ايسوسيئشنز ۽ يونينز پوري ڪئي آھي,جن جي واحد ايجنڊا گروهي ۽ ذاتي مفاد,پڙھائڻ کان کتو جواب ۽ وي سيز سان هر وقت بارگينگ ڪرڻ آھي.انڪري توهان ڪڏهن به نه ٻڌو هوندو ته انهن تنظيمن يونيورسٽيز ۾ عالمي معيارن جي تحقيق, Capacity building, عالمي مذاڪرن ۽ سيمينارن سميت ڪنهن به اهڙي ڪم لاء احتجاج ڪيو هجي, جنهن سان يونيورسٽين جو معيار ۽ ناماچاري وڌندي هجي.
يونيورسٽين جو قطعي طور اهيو ڪم نه آھي ته اهي ڪنهن به مسلڪي ۽ فقهي گروه سان تعلق رکندڙ ڪنهن اهڙي ماڻھو کي ادارن ۾ دعوت ڏئي مولود ٻڌن ,جنهن جو پٽڪي کان جورابن ۽ ننهن کان چوٽي تائين هڪڙو ڊرامائي نقطه نظر هجي. سڀاڻي هر مذھبي فڪر ۽ مڪتب فڪر اهيو حق رکي ٿو ته توهان کان پنهنجي پروگرام, ايجنڊا ۽ نظرين جي پرچار لاء آڊيٽوريم , وسيلا ۽ وقت ڏيڻ جو مطالبو ڪري…
ڇا توهان 72 مسلڪي مڪتبه فڪرن کي سڄو سال سندن تهوارن پٽاندڙ خوش آمديد ڪندا رهندئو, ڇا ڪنهن به ڀه وي سي يا بورڊ جي چيرمين کي اهيو اخيار آھي ته اهو پنهنجي مذھبي ۽ ذاتي منشا هيٺ اداري جو لوگو يا اداري جي سڄي شبيھ ۽ ڪلچر مٽائي?
هي سڀ ڪجھ انهي آئيس برگ جي ننڍڙي جهلڪ آھي, جيڪو سنڌ جي علمي, ادبي ۽ تعليمي ٽائيٽنڪ سان ثڪرائجڻ وڃي رهيو آھي.

جاڳو جاڙيجا, سمان سۡک م سۡمھو…”

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *