پرويز هود ڀائي
عربي ٻولي لازمي قرار ڏيڻ بابت سينيٽ ۾ بل منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت “عربي ٻولي اسڪولن ۾ پڙهائڻ لازمي هوندي.“ ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته ”پاڪستاني ٻار عربي سکندا ۽ عرب ملڪن ۾ کين نوڪريون سولائيءَ سان ملنديون، ان سان گڏ عربي سکڻ اخلاقي لحاظ سان به سٺو هوندو.“ سينيٽ ۾ هڪ ميمبر رضا رباني کانسواءِ اهڙي بل جي ڪنهن به مخالفت نه ڪئي، ٻين سمورن ميمبرن ان بل جي حمايت ڪئي.مان ان ڳالهه تي حيران آهيان ته جيڪڏهن نوڪرين جو مسئلو آهي ته دبئي، مسقت ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جا پرڏيهي ماڻهو ڇا عربي ڄاڻين ٿا؟ اُتي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ وڪيل سميت هر قسم جو وڏو عهدو اهڙن ماڻهن وٽ آهي جيڪي عربي ته ڇا پر ان سان ملندڙ جلندڙ ڪا به ٻولي نٿا ڄاڻن، ايتري تائين جو هو اردو به نٿا ڄاڻن، اهي انگريز ته صرف انگريزي ڳالهين ٿا يا اوڀر يورپ جون پنهنجون ٻوليون ڳالهن ٿا.ڏٺو وڃي ته اتي گهڻو ڪري انگريزي ئي ڳالهائي وڃي ٿي، اهڙي طرح اتي عربي ڳالهائڻ جي ضرورت ئي نٿي پوي، اتي ماڻهن کي نوڪريون ان ڪري نٿيون ملن ته اهي عربي ٻولي ڄاڻن ٿا يا نه..! نوڪريون ملن ئي ان تي ٿيون ته ماڻهو خاص ڪم ۾ ڪيترو ماهر آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر آهي ته ڊاڪٽري ڪيتري سٺي ڄاڻي ٿو، جيڪڏهن انجنيئر آهي ته انجنيئرنگ جي ميدان ۾ ڪيترو قابل آهي. هتي پاڪستان ۾ ٻارن کي عربي جيتري به پڙهائي وڃي پر ان بنياد تي عرب ملڪن ۾ کين نوڪريون نه ملنديون. ٻي ڳالهه ته جيڪا قرآن شريف ۾ عربي آهي سا ته پراڻي زماني جي آهي. اڄ کان 14 سئو سال پراڻي عربي ۽ اڄ جي دور جي عربي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. جيڪو ماڻهو اها پراڻي عربي ڳالهائيندو ته ان کي ته عرب سمجهندا ئي نه..! سڀ ڄاڻن ٿا ته عرب ملڪن ۾ عربي ٻولي هڪ الڳ انداز ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. عراق، سعودي عرب ۽ مصر ۾ جيڪا عربي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي ان کي ماڻهو وڏي ڏکيائي سان سمجهن ٿا.اهڙو بل پيش ڪرڻ تي ٻيو جواز اهو ڏنو ويو ته عربي سکڻ سان اسان پاڪ، صاف ۽ نيڪ ٿي وينداسين. پر زميني حقيقتون هي آهن ته ائين بلڪل به ناهي ٿيو. هتي جيترا ماڻهو جيتريون نمازون پڙهن ٿا ۽ روزا رکن ٿا،ان حساب سان ته کين تمام وڌيڪ ديانتدار ٿيڻ گهرجي پر ائين بلڪل به نه ٿيو. منهنجو خيال آهي ته حڪومت پنهنجي ناڪامي ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي رهي آهي. رهي ڳالهه هڪ قومي نصاب لاڳو ڪرڻ جي ته اهو مان پهرين به چئي چڪو آهيان ته ”اهو رڳو هڪ فراڊ دوکو آهي.“ هي هڪ تعليمي نظام نه پر هڪ قومي نصاب تي زور ڏئي رهيا آهن. ڀلي نصاب ۾ ڦير ڦار ڪري تبديل ڪن پر ڪو به فرق نٿو پوي.اصل ڳالهه اها آهي ته ڪجهه اهڙا اسڪول آهن جيڪي تمام گهڻا مهانگا آهن جيئن عمران خان جو اسڪول ”ايڇ ايس ايم ڪاليج“ هو، جتي ماهوار فيس 30 کان 40 هزار رپيا آهي. انهن تي ڪير ڳالهائي ئي نٿو ۽ نه ئي ڪارروائي ڪري ٿو، اهي اسڪول هونئن ئي هلندا رهندا. تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود پاڻ اعتراف ڪيو ته ”انهن اسڪولن تي اسان ڪو به قدم نه کڻنداسين، اسان تعليمي نظام خراب نٿا ڪرڻ چاهيون“. هي حڪومت وارا ڏنڊو کڻندا عام اسڪولن تي، ۽ انهن اسڪولن کي مدرسن وانگر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا. مسئلو اهو آهي ته هي مدرسن ۽ عام اسڪولن کي گڏ جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر مدرسا ته انهن اسڪولن ۾ شامل ناهن ٿي رهيا، انهن ته اسلام آباد ۾ اهڙي قدم خلاف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. اهي چون ٿا ته ”اسان سڪيولر تعليمي نظام جو حصو ئي نه بڻجنداسين ۽ ان رجسٽريشن کي بلڪل به نٿا مڃون“. پاڪستان ۾ موجود 30 هزار مدرسن مان صرف 300 رجسٽرڊ ٿيا. هو چون ٿا ته ”اسان ته حڪومت کي مڃون ئي نٿا“. هاڻي انهن سامهون گوڏا کوڙي ۽ کين ميڙ منٿون ڪري ڇا ٿا ڪرڻ گهرن؟ گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي حڪومت ڇا ڪري رهي آهي.اقتدار وارن کان پڇڻ گهرجي ته آخر انهن عربي ٻولي لازمي پڙهائڻ وارو فيصلو ڇو ڪيو آهي؟ اهو معاملو جيڪو مونکي سمجهه ۾ اچي ٿو ته حڪومت پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامي لِڪائڻ لاءِ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهي آهي. هاڻ ان کان وڌيڪ اسان بهتر مسلمان نه بڻجنداسين، جيڪڏهن قرآن شريف پڙهڻو آهي ته ان جا ترجما انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ موجود آهن، هاڻي ته هر ٻوليءَ ۾ ترجمو ملي ٿو. جيڪڏهن توهان اهو پڙهڻ شروع ڪيو ۽ اهو پراڻو گرامر سکڻ شروع ڪيو ته پوءِ سموري زندگي لڳي ويندي پر اهي سمجهه ۾ نه ايندا. هتي موجود وڏا وڏا عالم ۽ مولانا صاحب عربي نٿا ڳالهائي سگهن، اهي ضرور اهو ئي ڳالهائين ٿا جيڪو هو ياد ڪن ٿا، پر هو اصل مطلب ۽ اها پراڻي عربي نٿا ڄاڻين. هاڻ جڏهن اهي به عربي نٿا ڄاڻن ته پوءِ عام ماڻهو ڪيئن ڄاڻندو…؟! پاڪستان جي هر شعبي ۾ ناڪامي نظر اچي رهي آهي، ڪو به سرڪاري ادارو ٺيڪ نه هلائي سگهيا، مهانگائي روز وڌي ٿي، هتي جمهوريت ناهي، پي آءِ اي ۽ اسٽيل مِل سميت ٻين معاملن کي پردو وجهڻ لاءِ پهرين هڪ قومي نصاب جو شوشو ڇڏيو ۽ هاڻي وري عربيءَ جو شوشو ڇڏي رهيا آهن.وڏو الميو ته اهو آهي جو خاص طور پنجاب جو ماڻهو اڃا تائين پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ نڪتل آهي، کين خبر ناهي پئي ته سندن شناخت آهي ڪهڙي؟ هي اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته هڪ شخص جي سڃاڻپ اها هوندي آهي جيڪا سندس ڌرتيءَ جي آهي. سنڌي ماڻهو ان معاملي تي هيڏي هوڏي نه ڏسندو پر فخر وچان چوندو ته ”مان سنڌي آهيان“. پختون به چوندو ته ”مان به هتان جو آهيان، اهڙي طرح گلگتي به ائين چوندو ته مان گلگت ڌرتي جو آهيان. پر جيڪڏهن هي چون ته اسان جي اصل شناخت عرب جي آهي ته پوءِ مٿن عربي ٻولي مڙهيندا. پوءِ وري کين ڪڏهن ڪڏهن اهو خيال اچي ويندو آهي ته ارتگل غازي تمام وڏو ماڻهو هو، سندس ڊراما ڏسڻ شروع ڪن ٿا، پي ٽي وي تي اهو ڊرامو هلائڻ لاءِ وزيراعظم پاڻ فيصلو ڪري عوام کي ڏسڻ جي اپيل به ڪري ٿو. اهڙي ئي قسم جو هڪ ٻيو ڊرامو به هي هلائڻ وارا آهن.اهڙي نموني اسان ڪڏهن ترڪي طرف هليا ٿا وڃون ته ڪڏهن وچ ايشيا ڏانهن، ڪڏهن وري عرب طرف، پر اسان اهو ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ناهيون ته اسان جنهن مٽيءَ مان ٺهيا آهيون جيڪا اسان جي ڌرتي آهي ته اسان جي سڃاڻپ به اها ئي آهي. اهڙي روش جو گهڻو عجيب نتيجو نڪري ٿو ته ”بس اسان متحد آهيون، ڇاڪاڻ ته اسين مسلمان آهيون“ پر اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪنهن کي مسلمان مڃجي ۽ ڪنهن کي نه مڃجي. اهڙي طرح تقسيم در تقسيم جو سلسلو هلندو ويندو. هاڻ توهان پاڻ ڏسو ته مختلف قومون رکندڙ ملڪ اهڙين ڳالهين جي پرواهه نٿا ڪن ته هو ڪٿان آيا، هو چون ٿا ته اسان کي هڪٻئي سان گڏ رهڻ جو سليقو سکڻو آهي، پر هتي اهل اقتدار ان بدران چون ٿا ته ”نه…هڪ نظريو هجڻ گهرجي“. پر اصل ڳالهه اها آهي ته نظريو ڪوئي هڪ نٿو ٿي سگهي. سڀني ڏٺو ته هتي اهل تشيح خلاف نڪتل جلوسن ۾ ڇا ڇا چيو ويو. اهڙي طرح ملڪ کي مذهب جي بنياد تي جوڙي نٿا سگهن، ان تي جوڙي سگهن ٿا ته اسين سڀ پاڪستاني آهيون.