owais tauheed

طوفاني رات ۽ سرد بي حسي

اويس توحيد ليکڪ

 اويس توحيد

ڏينهن چڙهندي ئي ميڙ لڳي ويو هو، خلق جمع ٿي وئي هئي ۽ گاڏين جو سمنڊ هو، آسي پاسي ديو جيتري قد جا وڻ ۽ بفر جو سفيد چادرون پائي جبل جيان بيٺا هئا،نانگ جيان ور وڪڙ کائيندڙ مري جي رستن جي ڪناري مقامي ماڻهون سياحن کي رنگ برنگ ڇٽيون، گرم مفلر ،جوراب،پاڻي ۽ چانهه وڪڻندي نظر اچي  رهيا هئا. معمول جيان معياري غير معياري هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جا دلال سياحن جي ضرورت ۽ کيسن جي وزن کي پنهنجي لالچي اکين جي ساهمي ۾ تورڻ ۽ اگهه پار ڪرڻ ۾ مصروف هئا، موڪلن جا ڏينهن هئا۽ شهرن جي مسئلن ۾ ورتل ماڻهون گاڏين ۾ ڀرجي ڪري مري ۽ نٿيا گلي جو رخ ڪري ايندا  پئي رهيا. خاندان هجي يا نوجوان ڇوڪرن جا گروه، گاڏين جي ٽيپ رڪارڊر تي اونچي آواز ۾ گانن سان پنهنجو سُر ملائي تفريح ۽ خوشين جي ڳولا ۾ مگن ڪو هڪ ٻئي تي برف جا گولا اڇلائي رهيو هو. ته ڪو وري سيلفيون ٺاهڻ ۾ مصروف هو، غرض ته زندگي جا رنگ انهن سياحن جي مسڪراهٽن تي وکرندي نظر  پئي آيا.

پر هاڻي برف ڪرندي پئي وئي،گرمي جو درجو گهٽجندو پئي ويو،سرد هوائن جا گولا، وڻن جي لڏڻ جا چيڪاٽ ۽ وڌندڙ اونداهي سياحن جي خوشين تي ذهني ڇڪتاڻ جو گهيرو ڪري رهيا هئا.ڏسندي ئي ڏسندي رستي تي پيل برف جي چادر ننڍڙن ننڍڙن ڍڳن ۾ تبديل ٿيندي پئي وئي ۽ هزارين گاڏيون ڦاسنديون پئي ويون،ڪيترا ئي ڪلاڪ گذري ويا،هزارين فوٽن جي بلندي تي بي يارو  و مددگار ڦاٿل اهي سياح پهرين ته پنهنجن مٽن مائٽن کي فون ڪالز ڪندا رهيا پر نه ته برف هٽائڻ جون مشينون آيون نه وري لوڻ ڇٽڻ جون گاڏيون ، ايئن وقت سان گڏوگڏ مدد جي انتظار جي اميد ٽُٽندي پئي وئي.

قطار ۾ ڦاٿل هزارين گاڏيون برف ۾ دٻجنديون پئي ويون پر نه سرڪاري اهلڪار ، نه حڪومت ۽ نه اربين روپين جي لاڳت سان قائم ڪيل نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو ڪو پتو هو.هي اهو اين ڊي ايم اي ، آهي جنهن جو  جر جوڙجڪ خوفناڪ زلزلي کانپوءِ ٿي هئي ته مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن  ڏيڻ جو ذميدار اهو ئي ادارو هوندو.

پر گذريل سالن ۾ ٻوڏ هجي يا طوفاني برسات جون تباه ڪاريون ان اداري جي ڪارڪردگيءَ ساڪت ئي رهي آهي.

گگهه اونداهي سياحن کي پنهنجي چنڀي ۾ جڪڙي رهي هئي. اها رات هڪ  خوفناڪ رات جو روپ ڌاري چڪي هئي.هاڻي پريشاني اها هئي ته جواب ڏنل هوش ۽ ٺٺرندي بدن سان پناهه وٺجي ته ڪٿي وٺجي.هوٽل اڻلڀ ۽ جي هئا ته رڳو رات گذارڻ جي لاءِ هڪ ڪمري جو واڪ 40 هزار،50 هزار تائين هو،

هڪ خاتون پنهجا زيور ڏئي هڪ وڏي نالي واري هوٽل ۾ رات گذاري. هيٽر قيمت الڳ وصول ڪئي پئي وئي.اوٻاريل بيدو 500 رپيا، پاڻي جي بوتل 300 رپيا، ٽائرن جي ڇڪڻ لاءِ گروز زنجير ٻڌڻ جا 10 هزار ورتا پئي ويا.هڪ طرف موت جي لامارا هئا،ٻئي پاسي سرڪار ۽ ان جا ادارا عائب ، اوسي پاسي ڪجهه هو ته اهو سياحتي صنعت جي لالچ ۽ بي رحمي هئي.

ڪجهه نوجوانن جون ٽوليون طوفاني رات ۾ پنڌ نڪري پيون، ڪجهه مقامي فردن جون دليون به همدردي ۾ پگهريون، پر ڪجهه بد نصيب خاندان ننڍڙن ٻارن سان جي ساٿ هئڻ  ڪري گاڏين م ئي رهڻ تي مجبور ٿي پيا.انجھن اسٽارٽ ڪئي،هيٽر کوليا ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ ننڊ جي ڀاڪرن ۾ هليا ويا پر اهي بي خبر هئا ته زهريلي ڪاربن مونو آڪسائيڊ گيس انهن کي موت جي ڀاڪرن ۾ کڻي ويندي.

مردان جا چار دوست  هجن يا پنڊي جا شهزاد، تله گنگ جو پوليس اهلڪار نويد اقبال هجي يا گوجرانولا ۽ لاهور جو معروف يا  اقبال،ڀينرون اقرا ۽ عائشه هجن يا انهن جا ٻه ننڍڙاڀائر. انهن جا بي جان پر سڪون چهرا، انهن جي عزيزن قريبن جي آهه ، دانهن، سانحي تي غم ۽ ڏک، هن رياست تي سوين سوال اڀاري ٿو.آخر هن غفلت جو ذميدار ڪير آهي ؟

جنهن حڪومت جي منشور ۾ سياحت جو فروغ اهم نقطي جي حيثيت رکندو هجي. ان حڪومت جا وزير ۽ مشير انهن جي بيانن جو جوابده ڪير هوندو.جيڪي سانحي کان اڳ شادمانا وڄائي رهيا هئا ته مري ۾ هڪ لک گاڏيون  داخل ٿيون، هر طرف سياح ئي سياح آهن،معيشت وڌي ويجهي پئي، ڄڻ حڪومت جي نقادن تي لعنت هجي سرڪار جو بول بالا هجي.

سانحو رونما ٿيو ته ستم ظريفي ڏسو ته بيانن ۾ به قلابازي کاڌي، وزير اعظم هجي يا انهن جا مشير سڀني جي مذمتي بيانن ۾ هي سٽ به شامل هئي ته سياحن کي موسم جي اڳڪٿي  کي نظر ۾ رکندي سفر ڪرڻ گهرجي ها.مطلب ته ذميداري عوام جي آهي.

سوال هي آهي ته مري ۾ 6 يا 7 هزار گاڏين جي گنجائش آهي ته پوءِ لکين گاڏين جي داخلا تي شادماني ڇو پئي ڪئي وئي ؟ سرڪاري امدادي ٽيمن جي دير سان بزدار سرڪار جي نااهلي تائين سوال جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. ذميداري ته وقت جي حڪومت جي آهي.پر ان موقعي تي اپوزيشن جماعتون به سياست چمڪائي رهيون آهن.

پاڪستان پيپلز پارٽي هجي يا مسلم ليگ(ن) جا سياستدان اهي سڀ اقتدار ۾ رهيا آهن.اهي سڀ ٻڌائين ته انهن جي دور م ڪهڙا ڪهڙا ترقياتي ڪم ٿيا آهن ؟ پهاڙن تي موجود جهنگ ٽمبر مافيا جي نذر ڪيئن ٿيا ؟

بزرگن کان ٻڌو هو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ماهرن  موجب مري جي جبلن تي ڪاٺ جون تعميرات ٿيڻ  کپي ها پر  انهن حڪمرانن جي جبلن تي ڪنڪريٽ جي غير قانوني ڪمرشل پلازا ڪيئن تعمير  ٿي ؟ ڪنسٽرڪشن مافيا جو راڄ ڪيئن قائم ٿيو ؟ اوهان قدرت جي نظام تي ظلم ڪندا ته اوهان به قدرت جي چنبي ۾ جڪڙجي ويندا.

شاهد خاقان عباسي وزيراعظم رهيو آهي. ان جو تعلق انهيءَ علائقي سان آهي ، پوءِ عيد هجي يا چونڊون جا نتيجا يا وري ڪو  ڏکيو موقعو هجي  ته عمران خان صاحب به انهن ئي جبلن جو رخ ڪندو آهي.

شريف خاندان هجي يا زرداري يا برطانوي راڄ جا ”وفادار“ سياستدان هجن. سڀني وائسراءِ جيان انهيءَ تفريحي مقامن تي گرمين جي موسم جي لاءِ وڏا وڏا گهر جوڙا يا آهن.

در حقيقت هن ڌرتي تي ٻه پاڪستان آهن، هڪ اشرافيه جو ۽ ٻيو مسئلن  ۾ ورتل عوام جو، هتي ٻٽو معيار آهي،ٻٽو انصاف آهي،۽ ٻٽو احتساب آهي،

هتي هڪ طبقاتي وڇوٽي آهي،  جنهن سماج کي ورهائي رکيو آهي،هڪڙي پاڪستان ۾ اشرافيه کي جديد دنيا جي تفريحن جو حق حاصل آهي ۽ ٻئي طرف محرومين جو ڍير آهي.هڪڙي پاسي دولت جو ڍڳ آهي ته ٻئي پاسي غربت ،جهالت ۽ مذهبي انتها پسندي جا ديرا آهن.

هزاره برادري جا کاڻين جا پورهيت هجن يا ڪراچي جي بلديا فئڪٽري جي باهه ۾ سڙي مري ويندڙ غريب مزدور هجن، سانحن جي هڪ ظالماڻي تاريخ آهي، هر سانحي کانپوءِ رڙيون ۽ دانهون ٿين ٿيون، ٽي وي اسڪرين تي سانحي جي پل پل جون خبرون اچن ٿيون، ڪير ذميدار آهي، ڪير اڻ ذميدار ، بابت چيريندڙ  گوڙ ڪندڙ بيان اچن ٿا ۽ هر سانحي کانپوءِ هڪ ٻئي سانحي جو انتظار ڪيو وڃي ٿو.

بدقسمتي سان ميڊيا به گهڻو ڪري سانحي جي سياست ۾ لڙهي ويندي آهي يا ان جو ڪردار تعميري تنقيد جي بجاءِ سياست جي نذر ٿي ويندو آهي.مري ۾برفاني طوفان جي اڳ ڪٿي ڪيون پئي ويون ته

ميڊيا آگاهي ڏيڻ جو ڪم ڪري سگهي ٿو.پر ان وقت اهي ئي سازشي نظريا ورجايا پيا ويا، اهي ئي  ٽي سياستدان اهي ئي ٽي تجزيه ڪار ۽ اهو ئي ”نوازشريف  جي واپسي ٿيندي يا نه“

”ڇا عمران خان هڪومت جي ابٽي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي“ ”ڇا اسٽيبلشمينٽ متبادل جي ڳولا ۾ مسلم ليگ ن سان ڊيل ڪري رهي آهي يا زرداري سان“ وغيره وغيره.

پر جڏهن رياست جي سوچ ٻڏ تر جو شڪار هجي ته معاشري ۾ محقق ۽ دانشور غير اهم قرار ڏنا ويندا آهن،۽ سوچڻ سمجهڻ جون صلاحيتون پڻ ٻڏ تر جي نذر ٿي وڃن ٿيون.

هر سانحي کانپوءِ خدشن ۽ عدم تحفظ جي احساس سان گڏ زندگيءَ گذارڻ جو بار ۽ وري حڪمرانن جي سرد بي حسي،مري جي سانحي ۾ حياتي جي وڃڻ تي سرڪار جي طرفان رقم ادا ڪرڻ جي جو روايتي فارمولو ورجايو ويو آهي، هن ڀيري هڪڙي زندگيءِ جي قيمت 8 لک رپيا رکي وئي آهي. انساني جان  کي بچائڻ جي قيمت جو سودو پڻ ٿيڻ گهرجي.

اسان هارائي بولي اوهان جي ..افسوس ، صد افسوس..

(ڊان نيوز  جي ٿورن سان )

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے