رياض ابڙو
واشگٽن پوسٽ مطابق گذريل نومبر مهيني جوبائيڊن سرڪار ٽي ٽي پي ۽ ڏکڻ ايشيا جي القائده جي چئن اڳواڻن کي عالمي دهشتگرد قرار ڏنو هيو ته اهي دهشتگرد جيڪڏهن افغانستان ۾ آهن ته افغان ساليمت کي خطرو آهي ۽ جي اهي غلطيءَ سان به پاڪستان ۾ داخل ٿيا ته ان جو خير ناهي، ان ڪري آمريڪا هاڻي پنجن ئي آڱرين جو زور ڏيندو ته اهي ڌڙا افغانستان مان تڙي ڪڍيا وڃن.
هاڻي ان خوف جي صورت ۾ پاڪستان آمريڪا جي هر ۾صورت مدد ڪري، ۽ اسٽريٽجڪ معاملن ۾ آمريڪا سان گڏ ويهي طئي ڪري ته انهن دهشتگرد ۽ شدت پسند ڌڙن تي پاڪستان حملا ڪندو ۽ عسڪري آپريشن ڪري انهن دهشتگرد ڌڙن جي شدت ۾ گھٽتائي آڻيندو (جيڪا پڻ آمريڪي نيت آهي) ته هو پاڪستان کان اهو سڀ ڪم وٺي يا اها به حقيقت آهي ته انهن دهشتگرد ڌڙن جي افغان بدري وري پاڪستان جي ڳچي ۾ ضرور پوندي، ان ڪري آمريڪا پهرين ئي تنبيهه ڪري ڇڏي آهي ته انهن نون زور وٺندڙ دهشتگرد ڌڙن سان ويڙھ ڪري ته جئين اهي پهرين فرصت ۾ افغانستان مان ڀڄي نڪرن يا بارڊر وسيلي اهي ڪهڙي به صورت ۾هاڻي پاڪستان ۾ پڄن ته جيئن جواز پيدا ڪري سگهجي ته دهشتگرد هاڻي پاڪستان ٿو پالي ۽ آمريڪا ته پرامن آهي، پر سوال اهو آهي ته اهي ڌڙا افغانستان ۾ رهي ڇا آمريڪي حملي جو سبب نه ٿا بڻجي سگهن ؟ آمريڪا پاڻ ڄاڻي ٻجھي انهن تي حملو ڪرڻ نه ٿو چاهي، جڏهن اهي پاڪستان ۾ ٽپي ايندا ته پوءِ حملي جا جواز کوڙ، ان ڪري پاڪستان جيڪو هاڻي مس مس الله الله ڪري جنهن گري لسٽ مان نڪتو آ اهو وري ڦاسي ان ڪري جو گري لسٽ جي ٻرندڙ پوانٽ اها به هئي ته پاڪستان دهشتگرد ڌڙا بڻائي ٿو، انهن جي پالڻا ٿو ڪري يا انهن جي سپورٽ ٿو ڪري، ان ڪري انهن ڌڙن جي فائنانسنگ به پاڪستان ممڪن ٿو بڻائي، ان ڪري اهڙي آمريڪي پاليسي ۽ زور آڏو زاريءَ جي ڪري اهي افغان طالبان ۽ پاڪستاني طالبان هاڻي ٻه الڳ الڳ ڌڙا آهن ، اهي طالبان مائينڊ سيٽ واريون ڳالهيون اڳ به ائين الڳ الڳ نبيريون وينديون هيون پر هاڻي داعش، آءِ ايس ڪي ۽ ٽي ٽي پي به پاڪستاني برانڊ جا طالبان آهن ان ڪري هاڻي نيٽو فورسز جي افغانستان مان وڃڻ کانپوءِ اها ڳالھه گھڻي پختي ٿي وئي آ ته طالبان آمريڪا جي مفادن جي جنگ وڙهندا ۽ افغاني دهشتگرد ۽ پاڪستاني ٽي ٽي پي، داعش ۽ آءِ ايس ڪي الڳ الڳ تنظيمون آهن، پر انهن ڌڙن جي آبياري جي ڪري هاڻي پاڪستان جي لاءِ خطري جي گهنٽي ضرور آهي (پر اتي آمريڪي مفادن کي هٿي ملندي) يا هاڻي جيڪي به دهشتگردي ۽ شدت پسندي وارا واقعا ٿين ٿا (يا ٿيندا) انهن جي پٺيان داعش يا ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس ڪي کان زميداري قبول ڪرائندا رهندا، هاڻي انهن شدت پسند گروهن جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ جيڪي به حملا ٿيندا انهن سان آمريڪا جي انٽريسٽ کي به فائدو ملندو.
ڳالھه اها سمجهھ کان مٿاهين آ ته آمريڪا جا مفاد افغان انقلاب جي وقت تي ڪاڏي ويا هيا جو آمريڪي نمائندن سميت سڀني ڌرين کي خطرو هيو، آمريڪا جي ان وقت تي ڪهڙي چال هئي جيڪا سمجھه کان مٿي هئي ۽ هاڻي ڪهڙي چال آ جيڪيعوام جي اکين تي هٿ رکي پيا ڪن؟ آگسٽ 2020 تي دنيا ڏٺو ته آمريڪا پاڻ آهستي آهستي ڪري نيٽو فورسز کي افغانستان مان ڪڍيو معنيٰ جيڪي به نيٽو فورسز جي ملڪ جا فوجي هيا انهن اختيارن (ملڪن) کي ان ڳالھه تي اعتراض هيو ته اهي هروڀرو آمريڪا جي جنگ ڇو وڙهن آمريڪا جي جنگي پاليسيءَ کي 20 سالن ۾ ڇا مليو جو هاڻي جي اهي ٽيهھ سال اتي افغانستان ۾ رهن به ها ته ڇا ٿئي ها، آمريڪا جي نئين جنگي پاليسيءَ مان آمريڪا کي خاص ڪهڙو لاڀ ميلم يا ملي پئي سگهيو، پر طالبان جي پرسپيڪٽوِ ۾ اها ڳالھه به واضع هئي ته جيڪي به نوان ڌڙا ايندا ويندا، پيدا ڪيا ويندا اهي ڪنهن نئين نالي سان هوندا جنهن ۾ افغاني طالبان واري برانڊ کان ڳالھه چڙهيل هوندي، ان ڪري ٽي ٽي پي، آءِ ايس ڪي (خراسان چيپٽر) ۽ داعش وري اهڙا ٽولا اڀري آيا آهن جن جو پهرين ايترو زور نه هيو جيترو هاڻي انهن ٽولن جو آهي، ان ڪري انهن ڌڙن جا مفاد جيترا آمريڪي ايجنسين سان لاڳاپيل آهن اوترا وري ٻين ملڪن يا ايجنسين سان ناهن، ڇو ته انهن ڌڙن جو انٽينشن اهو به آهي ته اهي سي پيڪ جي ناڪامي واري ڳالھه کانسواءِ ٻي ڪا به ڳالهه نه ٿا ڪن، پر ڳالھه اها ٿي ماري ته افغان پاليسي وري ايتري ٻه چاپڙائپ واري رهندي آئي آ جنهن ۾ خبر ناهي پوندي ته آمريڪا جي طالبان سان ڪهڙي دشمني آ يا طالبان جي آمريڪا سان ڪهڙي دشمني آ، ڇو ته جڏهن به انهن طالباني گروهن کي وٿي ٿي ملي ته اهي ڪسر نه ٿا ڇڏن ۽ حملا ڪري ٿا ڏين.
جيئن هاڻي گذريل مهيني انهن ٽي ٽي پي، داعش ۽ آءِ ايس ڪي (خراسان چيپٽر) وارن طالبانن نشانو وري به پاڪستاني سفارتخاني کي ڪيو، اتي جيڪي پاڪستاني باشندا هيا انهن تي حملا ڪين، جن ۾ عبيد نظاماڻي کي نشانو بڻاين ۽ سفارتخاني جي هڪ گارڊ کي به سخت زخمي ڪين، جن جي اهڙي ڪارروائي مان اها مراد هئي ته اهي ٽئي گروھ هن ڀيري پاڪستان جا سڄڻ نه هوندا يا انهن کي ٿوري به وٿي ملندي ته اهي پاڪستان ۾ داخل ٿي وري حملا شروع ڪندا، پر ڳالھه پريشاني جي اها به آهي ته اهي افغاني ـ پاڪستاني طالبان جڏهن بارڊر جهليون بيٺا هيا تڏهن به اسان جي اڳوڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت کي وڏي پريشاني هئي ته بارڊر کوليو ۽ انهن دهشتگردن سميت 4 لک افغانين کي به پاڪستان اچڻ ڏيو جنهن جي لاءِ آمريڪي ايمبيسيڊر ۽ آمريڪي نمائندن جي به اها ئي راءِ هئي ته ڪاغذن جي ڪري افغاني عوا کي بارڊر تي نه روڪيو ۽ انهن کي پاڪستان ۾ اچڻ يا گهرڻ ڏيو جيڪا ڳالھه سمجهه کان مٿي هئي ته افغاني جڏهن به پريشان هجن انهن کي به پاڪستان ۾ اڄڻ ڏيو معنيٰ انهن دهشتگردن کي پاڪستان ۾ رهي ڪارروايون ڪرڻ ڏيو ۽ انهن جي شناخت ۽ قانوني ڪاررواين جي ڪري کين بارڊر تي ترسڻ يا رهڻ يا پريشان ٿيڻ نه ڏيو، ان ڪري افغانين کي انسانيت جي بهاني برداشت ڪيو وڃي ۽ پاڪستان ۾ رهڻ ڏنو وڃي، پر ڳالھه اها ٿي پريشان ڪري ته جنهن ملڪ جا اصل باشنده انهن کان تنگ ويٺا هجن ، افغان عام شهرين کي ان ڳالھه تي آماده ڪن ته هاڻي افغان عوام ۽ افغاني طالبان ملڪ دشمن ناهن پر سرحد پار (معنيٰ پاڪستان) ۾ اصل دهشتگرد لڪيل آهن جيڪي بارڊر ٽپي افغانستان ۾ ويٺا آهن جن جي پريشاني آمريڪا کي به هئي ته اهي طالبان ڌڙن جي مٿان پاڪ فوج عسڪري ڪارروايون ڪري آمريڪا کي اهو پيغام ڏئي ته هاڻي ٽي ٽي پي، داعش ۽ آءِ ايس خراسان چيپٽر به ختم ڪري ڇڏينداسين ان ڪري آمريڪا جي ديرينا فرمائش تي پاڪستان انهن طالبان تي حملا ڪري، پر انهن حملن جي پريشانيءَ ڪري پاڪستاني سياستدان به ورهايل هيا ته آمريڪا جي فرمائش پوري ڪجي نه يا اها ڳالھه ان کان به گھڻي واضح هئي ته آمريڪا جي نئين اسٽريٽجي اها هئي جيڪا هاڻي نون ڌڙن جي صورت ظاهر ٿي آ ان ڪري هاڻوڪي صورتحال ۾ انهن ڌڙن جي ويڙهاڪن ۾ ٻيڻ ۽ چئوڻ تي اضافو ٿيو آهي.
ڳالھه اها ٿي ماري ته عام معافي جو ڇا ٿيو، عام معافيءَ واري اعلان تي طالبان جي ڌڙن ۾ واضح ليڪا ڪڍڻا هيا ۽ پاڪستاني برانڊ الڳ ڪرڻي هئي يا هاڻي جيڪي به نوان ويڙهاڪ ٽولا اڀريا آهن جن ۾ اسلامڪ اسٽيٽ آف خراسان (آءِ ايس ڪي) ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي چوڌاري آمريڪي گهيرو تنگ ڪندا، پر ڳالھه ته اها به آهي ته اهي گروھ جڏهن پاڪستان ۾ اچن ٿا تڏهن هتي گهيرو تنگ ٿيڻ، ضربِ عضب يا ردُالفساد جهڙا پريشر ۽ آپريشن وڌڻ جي خوف کان اهي ويڙهاڪ وري افغانستان ۾ لڪي ٿا وڃن، پناھ ٿا وٺن، هاڻي ساڳين ئي ويڙهاڪ گروهن جي لاءِ افغانستان جي ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي اٿن .اهي گروھ وري جڏهن پاڪستان ۾ لڪندا ته ڇا اهي وري هتي ڌرتي ٽامو نه ڪندا، پر هاڻي ته آءِ ايس ڪي (خراسان چيپٽر) افغانستان ۾ ايترو ته زور وٺي ويو آ (يا وٺرايو ويو آ) جنهن ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملو يا ان سان گڏ هاڻي ته اتي پاڪستاني باشندن، آفيسرن، يا ٻين سرڪاري نمائندن کي خطرو آهي ته اها جنگ وڌي نه وڃي ۽ اهي سولين ٽرينڊ ويڙهاڪ خاص آءِ ايس ڪي ۽ داعش جا تربيت يافتا ويڙهاڪ وڌي وڻ ٿي ويا آهن ۽ انهن جي حملن ۾ به تيزي اچي وئي آهي، انهن جي اهڙين ڪاررواين تي جيتري پريشاني آمريڪا کي آهي پر ان کان وڌيڪ پريشاني وري پاڪستاني حڪومت يا سيڪيولر ڌڙن کي به آهي ته طالبان جي اهڙين چالن مان آخر ڪڏهن جان ڇٽندي جو اهي جڏهن افغانستان ۾ آهن ته به پريشاني آمريڪا کي آ ۽ جي اهي پاڪستان ۾ آهن ته به پريشاني ساڳي جو ساڳي آ، پر هاڻ وارو طالباني ڊرامو وري ڪهڙي قسط ۽ ڪهڙا نتيجا کڻي ايندو، هن ڀيري اها ڳالھه وري وڌي ويندي جو اهي پاڪستان تي حملا ڪري سگهندا ان ڪري آمريڪا جي ان بيان جي ڳالھه به ڳاري ٿي ته پاڪستان تي افغانستان مان حملا ٿي سگهن ٿا. آمريڪا جي ان بيان جو پاڪستان کي نه رڳو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ پر احتجاج به ڪرڻ گهرجي.